1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

تُرڪيءَ ۾ جنت- جهنم ۽ سنڌ ۾ بهشت جي دري

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,720
    ورتل پسنديدگيون:
    5,743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جنهن به شهر گهُمڻ ڦِرڻ جي خيال سان وڃجي ته وڃڻ کان اڳ ”اتي ڇا ڏسجي؟“ واري سوال جو جواب نيٽ تان اڳ ۾ ئي وٺي وٺجي ۽ ممڪن هُجي ته ان تائين آسان ۽ سستي طريقي سان پُهچڻ جي معلومات پڻ گڏ ڪجي. اهو ڪم ڏُکيو ناهي بس گوگل ۾ وڃي What to see in… لکي اڳيان شهر جو نالو لکجي ته ڪافي معلومات ملي ويندي آهي. ايئن ئي تُرڪيءَ ۾ هوندي بحرِ اسود (Black Sea) ڪناري شهر ترابزون کان عيد ملهائڻ اُتي جي هڪ دوست جي اباڻي شهر مرسن وياسين جيڪو ڀونچ سمنڊ (Mediterranean sea) ڪناري آباد آهي. اسان جي رهائش مرسن شهر کان اولهه طرف 60 ڪلوميٽر اڳيان هڪ آبادي ”عياش“ ۾ هُئي جيڪو اُتي جو مشهور بيچ آهي. اُتي 4-5 ڏينهن جو اسٽي هُيو. پهريان ٻه ڏينهن ته سمنڊ ۾ تُڙڳڻ جو مزو وٺندي گُذري ويا ۽ ميزبان پڻ عيد جي ڪري آيل مقامي مهمانن سان ملڻ ملائڻ ۾ مصروف رهيا پر ان کان پوءِ نيٽ تي مٿي ڏسَيل طريقي سان What to see in Ayash لکي ڳولا ڪئي ته ٻين ڪافي ماڳن سان گڏ هڪ انوکي ماڳ جو ڏَس پڻ مليو جيڪو هو ”جنت ۽ جهنم“. ڪنهن مغالطي جو به امڪان نه هو ڇو ته عربي فارسي جي ڪافي لفظن جو ذخيرو تُرڪي ٻولي ۾ ضم ٿي ويو آهي جن مان اُهي جيڪي اسان وٽ به آهن اهي سمجهڻ صفا سولا آهن. ايئن ئي تلفظ جي فرق سان اسان جَنت چئون ته هو جِنت چون ۽ اسان جَهنم چئون ته هو وري جِهنم چون. ميزبان اونيور تولگا سان ڳالهه ڪيم ته ڏسيائين ”اهو ماڳ واقعي اتي پاسي ۾ ئي آهي. صبح پنهنجي گاڏيءَ ۾ هلنداسين ڏسڻ“. رات سڄي هورا کورا ۾ گُذري ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڌرتيءَ تي ئي جنت ۽ جهنم هُجن پر اُتان ٿي اچڻ کان پوءِ سڄي ماجرا سمجهه ۾ اچي وئي جيڪا ٻين سان ونڊڻ جهڙي پڻ لڳي.
    اونيور سندس گهرواري ۽ پنهنجي ٻارن سان اسان ڀؤنچ سمنڊ ڪناري هلندڙ روڊ تي اولهه ۾ ڪو ٽي چار ڪلوميٽر مس هلياسون ته دُنيا سڄي جيان هتي به تفريحي يا تاريخي ماڳن جو بورڊ ناسي رنگ جو ڏسڻ ۾ آيو جنهن تي Cennet-Cehennem لکيل هو. تُرڪي ٻوليءَ ۾ C جو استعمال ج يا انگريزي اکر J جي اُچار لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اهو شايد ان ڪري ته هنن جڏهن عربڪ ڇڏي رومن لپي اختيار ڪئي ته ا، ب، ج لاءِ ترتيبوار A, B, C ڪتب آندا ۽ ايئن C هميشه لاءِ وٽن J ٿي ويو. اسان مين روڊ ڇڏي ساڄي پاسي مُڙياسيون. ٿوري ئي پنڌ تي اهو ماڳ هو جتي جولاءِ جي لڱ ساڙيندڙ گرمي باوجود سياحن جو وڏو انگ موجود هو جنهن ۾ تُرڪيءَ جي ٻين شهرن کان آيل مقامي ماڻهن سان گڏ اسان پارن ڌارين جو پڻ وڏو انگ هو. اهو ماڳ ڏسڻ جو پڻ ٽڪيٽ هو ۽ سياحت کاتي پاران اُتي جوڳا انتظام هُئا. جيئن ته اسان جي ميزبان اونيور تولگا جو اهو ماڳ اڳي ڏٺل هو پر اسان جو تجسس خراب ڪرڻ خاطر ڪُجهه به نه پئي ٻُڌايائين. بس اهو چيائين ته کائي پي هلو. پاڻي ساڻ کڻو ۽ ٻارن کي به گهڻو رستو ڪڇ تي کڻي هلڻو پوندؤ، اُن لاءِ به ذهني طور تيار رهو. هڪ عجيب تصور ته ٽڪيٽ وٺي دُنيا ۾ ئي جنت ۽ جهنم جو نظارو ڪرڻ پيا وڃون. جنت ۽ جهنم جو ٽڪيٽ ڪائونٽر هڪ ئي هو پر اها اوهان جي مرضي آهي ته پهريان جنت ڏسو يا جهنم. ٻين جيان اسان به پهريان جنت ڏسڻ جو شوق ڪيو ۽ ٽڪيٽ چيڪ ڪرائي اندر داخل ٿياسين ته ايئن لڳو هي جيڪو وڏو جبل آهي اهو ڪيئي ايڪڙ جي ايراضيءَ ۾ بيضي جي شڪل ۾ ڪوريل آهي ۽ هڪ گهري کاهي آهي. ڄڻ ته هنداڻي کي ڪنهن نا هموار بيضوي شڪل ۾ چتي هنئي هُجي. اسان کي وڏي احتياط سان هيٺ لهڻو هو. ڪٿي ڪٿي مصنوعي سِرن يا سيمنٽ سان ٺهيل ڏاڪا هُئا ته ڪٿي وري جبل جي ٽَڪري تراشي ان کي ڏاڪو ڪيو ويو هو. جهنگلي وڻ ٽڻ هُئا پر جيئن جيئن هيٺ لهندا وياسين ٻوسٽ وڌندي پئي وئي. ٿَڪاوٽ پڻ وڌي ٿي. بظاهر ٿورڙو پر ور وڪڙن وارو اهو اڙانگو پنڌ ڪري مس مس ان کَڏ جي تههَ تي پُهتاسين جڪو هڪ بي ترتيب ميدان هو. جهنگلي وڻ ۽ پٿرن سبب هلڻ مُشڪل هُجي. ساهيون کائيندا ٻين جي ڪڍ هلندا رهياسين ته اهو سمجهي ته جنهن کي هتي جنت چون اُها ايڏانهن ئي آهي. آخرڪار سهڪي سهڪي وڃي جڏهن ويجها پُهتاسين ته اُتي هڪ پراڻي زماني جي تعمير ٿيل هڪ ڪمري جيڏي زبون عمارت نظر آئي جنهن لاءِ چون پيا ته اها هڪ قديم عبادتگاهه هُئي. طرزِ تعمير مان لڳو ته اها عيساين جي عبادت گاهه ٿي سگهي پئي. اڳيان قبر جي ڳُجهه جيان غار هُئي. اسان پگهر ۾ شل هُجون. غار ۾ لهڻ جي همت ئي نه پئي ٿي پر اونيور تولگا چيو
    ”اهو ئي ته مزو آهي. هاڻي اوهان جڏهن غار ۾ داخل ٿيندا ته لڳندؤ ته ڪنهن ايئر ڪنڊيشنڊ سان چِل ٿيل ڪمري ۾ داخل ٿيا آهيو“. ۽ پوءِ واقعي ايئن ئي ٿيو. اسان جو غار ۾ داخل ٿيڻ ۽ لڱن کي ٺاريندڙ ٿڌي هوا جو استقبال. هڪ پل لاءِ ايئن لڳو ته سچ پچ جنت ۾ اچي ويا آهيون ۽ هي جيڪا پويان مشقت جهڙي واڪ ڪندا هتي پُهتا آهيون ان جا سڀ ٿَڪ لهي ويا. اندر انڌيري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سياحت کاتي پاران بلب لڳايا ويا هُئا پر انهن جي روشني بس ايتري رکي وئي هُئي جو قدرتي ڏيک به متاثر نه ٿئي ۽ ماڻهو هلندي ثاٻڙجي ڪِري نه پئي. غار ڪافي گهري ۽ ڊگهي هُئي ۽ ان جي اوچائي پڻ تمام گهڻي هُئي. ڪافي دير ان ٿَڌ جو مزو وٺي جڏهن واپس ٻاهر آياسين ته اُها ئي گرمي هُئي. عجب مشاهدو هو ته ٻه قدم ٻاهر سخت گرمي ۽ ٻه قدم اندر غار ۾ قدرتي طور ايڏي ٿڌ هُجي.
    غار کان واپس اچي جهنم جو ٽڪيٽ ان جي داروغي (ٽڪيٽ چيڪر) کي ڏيئي اڳتي هلياسين ته چند قدمن تي ئي ساڳي جبل ۾ هڪ گهرو نا هموار گول کوهه نظر آيو. ان جي گهرائي ايڏي ته گهڻي هُئي جو هيٺ ڏسي چڱي ڀلي جو مٿو چڪرائجي وڃي. گهرائي جو ڪو ٻيو اندازو ته نه پئي ٿيو پر پاڻيءَ جي ڀريل بوتل هيٺ اُڇلي ته ڪا دير اها بوتل هيٺ ويندي پئي ڏسڻ ۾ آئي ۽ جڏهن هيٺ ڪري ته ان جو آواز به مس مس ٻُڌڻ ۾ آيو ڏسڻ ۾ ته بلڪل به نه پئي آئي. توڙي جو ان ۾ جهنم واري باهه نه هُئي پر ان جي گهرائي جي هيبت جهنم جو تصور ضرور ڏنو ٿي. اونيور تولگا پُڇيو
    ”سمجهيئي ته هن ماڳ کي اهو نالو ڇو ڏنو ويو آهي؟“
    چيم ”ها! ڇو ته هو ٿڌي غار آهي جنهن کي جنت چون ۽ هي گهري گول کوهه جهڙي کائي آهي تنهنڪري جهنم چون. آهن به هِڪٻئي کي ويجهيون“
    ”نه. اها به هڪ وجه آهي پر اصل راز ٻيو آهي. اُهو اهو ته تو نوٽ ڪيو ته جنت نالي ان غار تائين پُهچڻ جو رستو ڪيڏو اڙانگو ۽ ٿڪائيندڙ هو پر هڪ دفعو اهو طئي ڪرڻ سان ڪيڏي نه راحت واري جاءِ ملي. هڪ پل ۾ سڀ ٿَڪ لهي ويا. پر هن کوهه تائين اچڻ ۾ اسان کي ڪا به مشقت نه ڪرڻي پئي. کلند ڪڏندا اچي پُهتاسين پر هتي آهي ڪُجهه به ڪونه. اهو ئي سبب آهي ته هنن ماڳن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي“. جتي انهي دل کي لڳندڙ لاجڪ مزو ڏنو اُتي اهو ٻُڌي پڻ حيرت ٿي ته اهو تصور هڪ غير مُسلم سياح ڏنو جڏهن هو گهُمڻ سانگي هتي اچي نڪتو ۽ اهي ماڳ ڏٺائين ته چوڻ لڳو هي ته هو بهو جنت ۽ جهنم جو مثال آهن ۽ پوءِ جڏهن سياحن هتي اچڻ شروع ڪيو ته سياحت کاتي مناسب انتظام جوڙي مُلڪي ناڻي جي ڪمائي جو هڪ ذريعو وڌائي ورتو. ان بابت وڌيڪ ڏسڻو هُجي ته يو ٽيوب تي Cennet-Cehennem لکي ڳولبو ته وڊيوز ملي وينديون.
    ان ٽوئر بابت لکڻ جو ارادو تڏهن ئي هو پر تازو سنڌ جي يگاني محقق، ليکڪ ۽ آرڪيالاجيءَ ۾ دلچسپي رکندڙ اديب بدر ابڙو جو ڪتاب سنڌوءَ جو سفر پڙهيم ته حيرت ٿي ته اهڙا ماڳ سنڌو ماٿري تي پڻ آهن. سنڌوءَ جو سفر ڪتاب ان سفر تي لکيل آهي جيڪو ثقافت کاتي جي سهڪار سان مختلف کاتن جي ماڻهن جي هڪ ٽيم، جن ۾ انور پيرزادو، بدر ابڙو، ڪليم لاشاري، اشتياق انصاري، انتخاب شاهه، محمد علي قادري ۽ ٻيا شامل هُئا، پاران دريا جي مُنڍ کان پڇاڙي تائين ٻيڙين ۽ دريا سان لڳ خشڪي رستي تي ڪيو ويو ۽ سنڌوءَ لڳ مشاهدي ۾ آيل ماڳن، مڪانن، ماڻهن، ريتن رسمن ۽ تاريخ تي تفصيلي ڄاڻ ان ڪتاب ۾ قلم بند ڪئي وئي. اهڙين ٿڌين غارن بابت بدر ابڙو لکي ٿو ته سنڌوءَ ڪناري ڪيتريون ئي ڏٺيون ويون. ۽ سندس اندازو آهي ته يقينن جتان اهي ٿڌيون هوائون ڏين ٿيون انهن جو ڪو ٻيو ڇيڙو پڻ هوندو جتان گرم هوا داخل ٿيندي هوندي ۽ پوءِ وڏو سفر ڪري ٻي پار پُهچي ٿي ته ٿڌي ٿيو وڃي.
    اهرين غارن ۾ قابلِ ذڪر آهي سيوهڻ کان 15 ڪلوميٽر اوريان ڀڳو ٺوڙهو (انڊس هاءِ وي) واري غار جنهن مان قدرتي طور انتهائي ٿڌيون هوائون هلن ٿيون. بدر ابڙو لکي ٿو ته جڏهن اسان لال باغ ٽپي اڳتي هلياسين ته ڀڳو ٺوڙهو ريلوي اسٽيشن وٽ اها غار آئي جنهن کي مقامي ماڻهو بهشت جي دري چون ٿا. اُتي هڪ وڻندڙ منظر هو. ساڄي هٿ تي ڏيڍ ٻه هزار فوٽ اوچو جبل، جبل جي ڪور تي ور وڪڙ روڊ ۽ کاٻي ڪنڌيءَ تي سنڌوءَ جو ٻيٽ. ”سنڌوءَ جو سفر“ پڙهي خبر پئي ته سنڌو ماٿريءَ لڳ اهڙيون جيڪي به عجيب و غريب شيون آهن انهن سان ڪا نه ڪا روايت پڻ منسوب آهي جنهن جا نيم تاريخي حوالا آهن. هن غار لاءِ به چيو وڃي ٿو ته اتي لال شهبار قلندر چلو ڪَٽيو هو تنهنڪري اتي ٿڌيون هوائون شروع ٿيون. ٻارنهن فُٽ ويڪري ۽ چار فوٽ اوچائي واري اها غار اندر اڳتي سوڙهي ٻُڌائي وڃي ٿي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته ان غار جو ٻيو ڇيڙو ڪٿي آهي اهو معلوم ناهي پر يقينن اهو ڪافي پري آهي تڏهن اُتان داخل ٿيل هوا جڏهن هن پار پُهچي ٿي ته ايتري ٿڌي ٿيو پوي جو ٻاهر ڀلي 50 ڊگري گرمي هُجي پر انهي غار مان ٻن ٽِن ٽَنن جي اي سي جيتري ٿڌي هوا پئي ايندي آهي. ڪو وقت اها غار ايئن کُليل هوندي هُئي ۽ آيو ويو پيو آرام ڪري مزا وٺندو هو پر هاڻي مقامي ماڻهن اُتي هڪ مسجد اهڙي نموني ٺاهي آهي جو ان جي ڏکڻ واري ديوار کي غار طرف رکيو اٿن. غار واري ٿڌي هوا سڄي مسجد کي ٿڌو رکي ٿي.
    بدر ابڙو لکي ٿو ته ”بهشت جي دري واري غار جيتوڻيڪ قدرتي عمل جو حصو آهي پر ان جي بيهڪ تي ٿورڙو غور ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته، انساني هٿن ان کي کوٽي خلاصو ڪري رهڻ لائق ٺاهيو آهي. ڇا اهي هٿ پٿر جي دور جي انسانن جا هُئا؟ جيڪڏهن اهو امڪان سچو ثابت ٿيو ته پوءِ چئي سگهبو ته اهي سنڌ جا پهريان ماڻهو هُئا جن اوائلي ايئر ڪنڊيشنر تيار ڪري پنهنجو گهر اونهاري ۾ ٿَڌو ڪيو“.


    [​IMG]

    تُرڪي: ساڄي پاسي وارو کوهه جنهن کي جهنم چون. کاٻي پاسي گهري کاهي ۾ ٿَڌي غار جنهن کي جنت چون
    [​IMG]

    ڀڳو ٺوڙهو واري غار جو مُنهن (تصوير سعيد شيخ پاران گوگل ارٿ جي ٿورن سان)

    [​IMG]

    غار لڳ ٺهيل مسجد (تصوير سيد عرفان علي شاهه پاران گوگل ارٿ جي ٿورن سان)
     
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    واھ اڄ ته ترڪي به گهمائي ڇڏيوَ ، ڏاڍو مزو آيو . جنت ۽ جهنم لا بيان ڪيل وضاحت واقعي ٺهڪي ٿي اچي .سنڌ جي باري ۾ به ڪارائتي ڄاڻ ملي ...موقعو مليو ته ان مسجد ۾ وڃي جنت جي هوائن جو مزو چکبو انشاالله . فوٽن تي نالا بي ترتيب لکجي ويا اٿوَ ( هيٺ مٿي ٿي ويا آهن )
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,701
    ورتل پسنديدگيون:
    2,702
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    واه بهترين انداز لکائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو