1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌي گفتگو کان لکت ۽ لکت کان گفتگو سرشتا

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,484
    ورتل پسنديدگيون:
    26,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي گفتگو کان لکت ۽ لکت کان گفتگو سرشتا


    احسان احمد عرساڻي

    ڪي ڏينهن اڳ مون "لساني انجنيئرڱ ۾ سنڌي رسم‌الخط جي افاديت" جي عنوان سان مضمون ڇپايو هو، جنهن جو مقصد سنڌي رسم‌الخط تي اٿاريل غيرمنطقي اعتراضن جو جواب ڏيندي اهو واضح ڪرڻ هو تہ ڪوتاهيون اسان ۾ ضرور آهن، پر سنڌي رسم‌الخط ۾ موجود ڪا بہ خامي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي راهہ ۾ رنڊڪ بڻيل نہ آهي. ڪيترن ئي پڙهندڙن اهو اعتراف ڪيو تہ کين سنڌي رسم‌الخط خلاف جيڪو ڪجھہ ٻڌايو ويو هو سو کين منهنجو مضمون پڙهڻ کان پوءِ غيردرست لڳي رهيو هو. منهنجي ان مضمون جي نتيجي ۾ ڇڙي پيل بحث دوران ڪن دوستن فرمائش ڪئي تہ آئون هڪڙو مضمون لکي سمجھايان تہ نيٺ بہ گفتگو کان لکت سرشتو Speech-to-Text System ساڳي ئي آواز لاءِ مختلف تحريري صورتن واري مسئلي کي ڪهڙيءَ ريت حل ڪندو آهي. دوستن جي فرمائش تي هيءُ مضمون سادي ٻوليءَ ۾ لکي رهيو آهيان تہ جيئن تہ گھٽ ۾ گھٽ ٽيڪنيڪي گهرائيءَ ۾ وڃڻ کان سواءِ اهو سمجھائي سگھان تہ گفتگو کان لکت سرشتو ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪندو آهي. پر ڪنهن بہ سمجھاڻيءَ ۾ وڃڻ کان اڳ پڙهندڙن کي اهو اطلاع ڏيڻ چاهيندس تہ هُو اردو ٻوليءَ ۾ گفتگو کان لکت سرشتو هن وقت بہ استعمال ڪري سگھن ٿا. اهو نهايت آسان آهي. اسپيچ نوٽس جي ويب سرزمين https://speechnotes.co/ تي وڃو. ٻولين واري خاني ۾ "هندي" جي چونڊ ڪريو. مائڪروفون تي ٽڙڪ ڪريو ۽ ڪي بہ رواجي اردو جملا ڳالهايو، جهڙوڪ: میرا نام احسان احمد عُرسانی ہے. میں جامعہ مہران میں پروفیسر ہوں. میرا تعلق بايوميڈيکل انجینئرنگ ڈپارٹمينٹ سے ہے. ان سرشتي ۾ نہ اردو ٻولي آهي نہ سنڌي ٻولي. پر پوءِ بہ توهان ڪيترا ئي رواجي اردو جملا ڳالهائي انهن جي لکت حاصل ڪري سگھو ٿا. جيئن ئي توهان مٿيون جملو ڳالهائيندا، توهان کي هيٺين هندي تحرير لکيل ملندي. मेरा नाम एहसान अहमद और सानी है मैं जामिया मेहरान में प्रोफ़ेसर हूं मेरा ताल्लुक बायोमेडिकल इंजीनियरिंग डिपार्टमेंट से है ان هندي لکت کي اردو لکت ۾ تبديل ڪرڻ جي منطقگري Software باهم‌ڄار Internet تي موجود آهي. مثال طور هڪ سٺي ۽ تُز منطقگري هن ويب سرزمين http://uh.learnpunjabi.org/default.aspx تي موجود آهي. اتي هندي کان اردو وارو آپشن چونڊيو ۽ مٿيون هندي جملو نقل ڪري هندي خاني ۾ لڳايو (پيسٽ ڪريو). توهان کي هيٺيون اردو جملو ملندو: میرا نام احسان احمد اور ثانی ہے میں جامعہ میہران میں پروفیسر ہوں میرا تعلق بایومیڈکل انجینئرنگ ڈپارٹمینٹ سے ہے توهان ڏسي سگھو ٿا تہ سواءِ هڪڙي اسم خاص، يعني "عرسانى" جي، باقي سمورا لفظ درست نظر اچي رهيا آهن. "احسان" ۽ "احمد" ۾ "ح" نظر اچي رهي آهي، "جامعہ" توڙي "تعلق" ۾ "ع" نظر اچي رهي آهي، ۽ "تعلق" ۾ "ق" نظر اچي رهيو آهي، جڏهن تہ اصل هندي جملي ۾ انهن اکرن جو وجود ئي نہ آهن. هاڻي هڪڙو ٻيو مثال ڏسو. اسپيچ نوٽس جي ويب سرزمين تي هيءُ اردو جملو مائڪروفون ۾ ڳالهايو. "کل صبح ہم سے ذرا سی غلطی ہو گئی". توهان کي جيڪو هندي جملو لکيل ملندو سو توهان ٽرانسلٽريشن سرشتي کي ڏيندا تہ توهان کي مٿيون اردو جملو جيئن جو تيئن ملندو، جنهن ۾ "ص"، "ذ" بہ هوندو تہ "غ" بہ هوندو، جڏهن تہ هندي خط ۾ اهي اکر وجود ئي نہ ٿا رکن. پر ڳالهہ اتي بہ ختم نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ هندي اکرن جي جاءِ تي درست اردو اکر تہ ٽرانسلٽريشن سرشتي رکيا، ان ۾ هندي گفتگو کان لکت واري سرشتي جو ڪمال ڪونهي. هاڻي آئون جيڪو مثال توهان کي ڏيندس، تنهن مان هندي گفتگو کان لکت واري سرشتي جو ڪمال ظاهر ٿي ويندو. هندي گفتگو کان لکت سرشتو کوليو ۽ مائڪروفون ۾ هيءُ اردو جملو ڳالهايو: "مجھے جرورت ہے ایک تیج رفتار گاڑی کی". ياد رهي تہ توهان /ز/ آواز بدران /ج/ آواز ڳلهائيندا. توهان کي هيءُ هندي جملو ملندو: मुझे जरूरत है एक तेज रफ्तार गाड़ी की. اهو جملو توهان ٽرانسلٽريشن سرشتي کي ڏيندا تہ توهان کي هيءُ اردو جملو ملندو: "مجھے ضرورت ہے ایک تیز رفتار گاڑی کی". ان مثال مان ظاهر ٿئي ٿو تہ جيڪڏهن اسان /ز/ جي جاءِ تي /ج/ بہ چئي وڃون تہ بہ گفتگو کان لکت سرشتي مٿان ان ڳالهہ جو ڪو بہ اثر نہ ٿو پوي. ان کان سواءِ ٽرانسلٽريشن سرشتو لفظن ۾ "ذ"، "ز"، "ظ" يا "ض" رکڻ جو درست فيصلو پڻ ڪري سگھي ٿو. ايئن ئي هيءُ جملو بہ آزمائي ڏسو: "کهدا کی قسم مزہ آ گیا مجھے مار کر بیسرم کھا گیا". ياد رهي تہ /خ/ جي جاءِ تي /ک/ (ک کٽ وارو) آواز ڳالهائڻو آهي، ۽ /ش/ جي جاءِ تي /س/ ڳالهائڻو آهي. ان جي باوجود بہ توهان کي ٽرانسلٽريشن مان درست جملو هن صورت ۾ ملندو: "خدا کی قسم مزہ آ گیا مجھے مار کر بیشرم کھا گیا". آخري آزمائش طور هيءُ اردو جملو ڳالهائي ڏسو: "کهدا کى کهلک کو پريشان مت کرو". ياد رهي تہ /خ/ جي جاءِ تي /ک/ چوڻو آهي. توهان کي هندي جملو खुदा की ख़ल्क़ को परेशान मत करो ملندو، جيڪو توهان ٽرانسلٽريشن واري سرشتي کي ڏيندا تہ توهان کي درست اردو جملو ملندو، يعني "خدا کى خلق کو پريشان مت کرو". انهن سمورن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي تہ ڳڻپيوڪر سائنس جي گھربل ڄاڻ هوندي تہ پاڻ سنڌيءَ لاءِ گفتگو کان لکت Speech-to-Text توڙي لکت کان گفتگو Text-to-Speech سرشتن واري منطقگري جوڙي سگھون ٿا. ان لاءِ اسان کي پنهنجي رسم‌الخط کي بدلائڻ يا ٻوليءَ کي خطري ۾ وجھڻ جي بنهہ ڪا بہ ضرورت نہ آهي. ڳڻپيوڪر سائنس بابت هڪڙي مشهور چوڻي آهي، "ڳڻپيوڪر سائنس جو واسطو ڳڻپيوڪر سان ان کان وڌيڪ هرگز بہ نہ آهي جيترو واسطو نجميات Astronomy جو ڏورويک Telescope سان آهي. ڳڻپيوڪر سائنس اسان جي زندگيءَ سان جڙيل ڪيترا ئي مسئلا حل ڪري ٿي، جنهن لاءِ اها رياضيات ۽ منطق کان تمام وڏو سهارو وٺي ٿي. پر سنڌي نوجوانن کي سمجھڻ جي ضرورت آهي تہ اڄوڪي دور جي تقاضا مطابق ڳڻپيوڪر جو استعمال هر ماڻهو ڪري ٿو، پر ڳڻپيوڪر جو جھجھو استعمال ڪرڻ وارو فرد ڳڻپيوڪر سائنسدان نہ هوندو آهي. عام سٽاءُ‌ڪار (پروگرامر)، ڳڻپيوڪر تي ٽائيپ ڪندڙ، ڳڻپيوڪر ذريعي ڇپائيءَ لاءِ فانٽس جوڙيندڙ ڳپيوڪر سائنسدان نہ هوندو آهي. ڳڻپيوڪر يا موبائيل فون تي سنڌي ٽائيپ ڪري سگھڻ لاءِ مختلف منظقگري Software ٺاهڻ وارو فرد ڳڻپيوڪر سائنسدان نہ هوندو آهي. اهي نسبتاً ننڍڙا ۽ رواجي ڪم آهن، جنهن ۾ پاڻ ڳڻپيوڪر سائنس ۾ ٿيل پيش رفت ۽ ان جي نتيجي ۾ جڙيل شين جو رڳو استعمال ڪندا آهيون. گفتگو کان لکت يا لکت کان گفتگو سرشتو جوڙڻ وارو ڪم ڳڻپيوڪر سائنس جو مسئلو آهي. جيتوڻيڪ اهو ڪم دنيا جي مختلف خطن ۾ ٿي چڪو آهي، ۽ ڪافي حد تائين اڳيان وڌي چڪو آهي، پر ان ۾ اڃا بہ تمام گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن اڃا وڌيڪ تُز سرشتا جوڙي سگھجن، جيڪي چُڪُون اڃا ٿوريون ڪن، ڪم اڃا تڪڙو ڪري سگھن، مختلف حالتن ۾ ڪري سگھن، مختلف قسمن جا آواز رکندڙ فردن لاءِ ڪري سگھن، مختلف ٻولين لاءِ ڪري سگھن، ۽ ويندي مختلف لهجن ساڻ ڪري سگھن. ان سلسلي ۾ اڄ تائين سموري دنيا اندر جيڪا بہ پيش رفت ٿي آهي، تنهن ۾ سنڌي فردن جي ڀاڱيدار "ٺيڪ ٻڙي" آهي. تازو ئي سنڌي ٻوليءَ کي گوگل ترجمي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جتي اڳ ۾ ئي دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون شامل هيون. جيتوڻيڪ سنڌي ترجمي جي اها سهوليت اڃا استعمال جوڳي نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪن ورهين کان پوءِ جيڪڏهن اها سهوليت استعمال جوڳي ٿي بہ ويندي تہ بہ ان ۾ سنڌي ماڻهن جي ڀاڱيداري بنهہ ٿوري آهي، جيڪي مختلف لفظن ۽ گفتن جا سنڌي ترجما ان ۾ داخل ڪري رهيا آهن. اهو ڪم رڳو اعداد ٽائيپ ڪري ڏيڻ جيان آهي. ان ترجماتي سرشتي پٺيان سموري ڳڻپيوڪر سائنس ۾ ڪنهن بہ سنڌيءَ جي تر برابر بہ ڀاڱيداري ڪانهي. گوگل ترجمي جيان ڪيترو ئي ٻيو ڪم دنيا ۾ ٿي چڪو آهي، جنهن جو فائدو سنڌي ٻولي نہ وٺي رهي آهي، حالانڪہ ڳڻپيوڪر سائنس جي ٿوري ڄاڻ سان، مناسب رهنمائيءَ سان، ۽ ٿوري محنت سان ڳڻپيوڪر سائنس ۾ ٿيل ان سموري پيش رفت جو فائدو اسان سنڌي ٻوليءَ کي بہ ڏئي سگھون ٿا. ٻولين جي ترقيءَ لاءِ اسلام‌آباد ۾ ڪم ڪندڙ Centre for Regional and Urdu Language Processing نالي ادارو بہ ڪي نتيجا ڏئي نہ سگھيو آهي. سبب اهو آهي جو پاڪستان ۾ ڳڻپيوڪر سائنس جا ماهر آهن ئي ڪينَ. جيتوڻيڪ آئون ڳڻپيوڪر سائنس جو ماهر نہ آهيان، تہ بہ ڳڻپيوڪر سائنس جون ڪي بنيادي ڳالهيون پڙهيون ۽ پڙهايون اٿم. تنهنڪري هتي ڪي بنيادي اصول بيان ڪري سگھان ٿو، جيڪي گفتگو کان لکت ۽ لکت کان گفتگو سرشتن پٺيان ڪارفرما آهن. وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندس تہ انهن اصولن کي ٽيڪنيڪي گهرائيءَ ۾ وڃڻ کان سواءِ بيان ڪري سگھان. توهان ايم ايس ورڊ جهڙي منطقگري استعمال ڪندي جڏهن انگريزيءَ ۾ ڪو دستاويز لفظ ٽائيپ ڪندا آهيون تہ پاڻ کي ڪن لفظن هيٺان ڳاڙهي ليڪ نظر ايندي آهي. اها ليڪ ٻڌائيندي آهي تہ پاڻ ان لفظ جي هِجي ۾ ڪا چُڪَ ڪئي آهي. اهو ان ڪري ممڪن آهي جو ان منطقگريءَ ساڻ هڪ لغت لڳل آهي. جيڪڏهن پنهنجي هِجي وارو لفظ لغت ۾ موجود نہ هوندو تہ ايم ايس ورڊ پاڻ کي ڳاڙهي ليڪ ڏيکاريندو. ان کان سواءِ ايم ايس ورڊ پاڻ کي ڪن لفظن جي سفارش ڪندو، جيڪي ان جي لغت ۾ موجود هوندا آهن، ۽ امڪاني طور اسان انهن مان ئي ڪنهن هڪ کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي آهي. تنهنڪري گفتگو کان لکت سرشتي ساڻ هڪ سادي لغت ڳنڍيندي پاڻ "اهسان" کي "احسان"، "اهمد" کي "احمد"، "تئلڪ" کي "تعلق" ۽ "جاميا" کي "جامعہ"، "ريازي" کي "رياضي"، "زرورت" کي "ضرورت"، "زکيرو" کي "ذخيرو"، "کلڪ" کي "خلق"، ۽ "بيسرم" کي "بيشرم" ڪري سگھون ٿا. اها لغت تمام سادي آهي، جنهن ۾ رڳو لفظن جي فهرست شامل آهي. پر لغت ٿوري پيچيده بہ ٿي سگھي ٿي. مثال طور، لغت اهڙي بہ ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ هر لفظ جي هم‌معنيٰ لفظن نشاندهي بہ ٿيل هجي. توهان نوٽ ڪيو هوندو تہ ايم ايس ورڊ توهان کي هڪ ئي لفظ جا ڪيترا ئي هم‌معنيٰ لفظ پڻ ڏسيندو آهي. لغت اڃا بہ پيچيده ٿي سگھي ٿي. مثال طور، هر لفظ ساڻ ان جي وايوڪ‌نويسي Phonemic Transcription بہ ڏئي سگھجي. اهڙي پيچيده لغت ڳڻپيوڪر ۾ ڪهڙيءَ ريت جوڙجي، اهو سٽاءُڪاريءَ Programming جو معاملو آهي. ڪنهن سٺي ڳڻپيوڪر سٽاءُڪار Programmer کي اعدادي ساخت Data Structures جي ڄاڻ هجڻ گھرجي تہ جيئن اهڙي لغت جوڙي سگھي. فرض ڪريو جي ڏهہ هزار سنڌي لفظن تي ٻڌل اهڙي لغت تيار ٿي وڃي تہ سنڌي لکت کان گفتگو جو ڪم ذري گھٽ پورو ٿي ويندو. ان کان سواءِ اها ساڳي لغت گفتگو کان لکت سرشتي ۾ بہ ڪم ايندي. ڳالهايل لفظ جي وايوڪ‌نويسيءَ Phonetic Transcription کي لغت اندر موجود وايوڪ‌نويسين سان ملائي ڏسبو تہ ويجھو ترين لفظ ڪهڙو آهي. اهو ڪم جنهن کي مون سادي ٻوليءَ ۾ "ملائي ڏسڻ" سڏيو آهي، ان کي ٽيڪنيڪي ٻوليءَ ۾ طِرز پرُوڙ Pattern Recognition سڏيو ويندو آهي. اهو ڪم انديشن Probabilities جي بنياد تي سرانجام ڏنو ويندو آهي. گفتگو کان لکت سرشتو، ڳالهائيندڙ جي وات مان نڪرندڙ آوازن کي سڃاڻندو آهي. ان ڪم لاءِ اهو سرشتو انديشن کان ڪم وٺندو آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڳالهائيندڙ / آ / جو آواز ڪڍيو آهي تہ ڪيترو انديشو آهي تہ ان جي پٺيان ايندڙ آواز /هہ/ هوندو؟ تنهن کان پوءِ اهو سرشتو سڃاتل آوازن کي ڳنڍي لفظ جوڙيندو آهي. لفظن جي سطح تي بہ اهو انديشا استعمال ڪندو آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڳالهائيندڙ /سَ/ + /هہ/ + /اِي/ جا آواز اچاريا آهن تہ ڪيترو انديشو آهي تہ لفظ "سهي" هوندو يا "صحيح" هوندو؟ ڇاڪاڻ تہ اهي ٻئي لفظ لغت ۾ موجود آهن. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڳالهائيندڙ /ڪُ/ + /لُ/ جا آواز اچاريا آهن تہ ڪيترو انديشو آهي تہ لفظ "ڪُل" هوندو يا "قُل" هوندو؟ انهن انديشن جا تخمينا اڳ ۾ ايندڙ لفظن مان بہ لڳائي سگھجن ٿا. انهن انديشن جا ليکا ڪري وٺڻ يعني تخمينا لڳائي وٺڻ کي ٽيڪنيڪي ٻوليءَ ۾ ڪَلَ سکيا Machine Learning سڏيو ويندو آهي. ڪَلَ سکيا تي آڌاريل ڳڻپيوڪر سرشتا اڪثر درست فيصلو ڪندا آهن ۽ درست آواز توڙي لفظ پروڙي وٺندا آهن. ڪو گفتگو کان لکت سرشتو جيترو سيڪڙو لفظ درست پروڙي وٺندو آهي، تنهن کي ان سرشتي جي تُزگي Accuracy سڏيو ويندو آهي. ياد رهي تہ اها تُزگي انسان ۾ بہ 100 سيڪڙو نہ هوندي آهي. انسان بہ ڪڏهن وات مان نڪتل لفظن کي غلط سمجھي ويهندو آهي. گفتگو کان لکت توڙي لکت کان گفتگو سرشتي جا ڪيترا ئي پيچيده ٽيڪنيڪي پهلو آهن، جن تي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ دسترس حاصل ٿيندي آهي. ممڪن آهي تہ پاڻ ٻين ٻولين لاءِ جوڙيل گفتگو کان لکت سرشتن جا بنيادي ڀاڱا جيئن جو تيئن استعمال ڪندي باقي ڀاڱا سنڌيءَ لاءِ پاڻ تيار ڪري وٺون. پر سنڌيءَ لاءِ گھربل لغت ۽ ڪَلَ سکيا جا وسيلا تيار ڪرڻا پوندا. اچو تہ انهن ڪمن ۾ هٿ وجھون ۽ هڪ ٻي جي مدد ڪريون. جي ڪجھہ حاصل ڪرڻو آهي تہ ان لاءِ ڪم بہ ڪرڻو پوندو. ان جو ڪو بہ چور رستو نہ آهي، ۽ نہ ئي اتي ڪو ماستراڻو جڳاڙ هلندو. ٻوليءَ ۾ خاميون ڳوليندي پنهنجي ڪوتاهين مٿان ڍڪ ڍڪڻ واري روش غير اخلاقي آهي.

    ليکڪ انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ جي جياطب انجنيئرڱ شعبي ۾ پروفيسر ۽ نشستمان آهي.
     
    اعجاز علي ڀٽي ۽ شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين تمام ڪارائتو ۽ پڻ وقتاتو ليک،جنهن جي تمام گهڻي ضرورت هئي .ڪافي ڏينهن کان اکرن جي کٽائڻ ۽ بدلائڻ جون ڳالهين اصل ٻوساٽي وڌو هو .لڳي ائين پيو ڄڻ ته ٻي ڪا واھ ئي ناهي رهي .اهڙين حالتن ۾ سائين عرساڻي صاحب آس جو ڏيئوچمڪائي من جا مونجهارا لاهي رکيا آهن . معاملو سولو ڪونهي اهو ته الم نشرح آهي پر چيلينج کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاُ سخت پيڙائن ۽ ڪاوشن جي گهرج آ. اسان ته ان ميدان ۾ بلڪل ڪورا ۽ نا فهم آهيون(ٽيڪنيڪل معاملي۾)پر ، جن په تڪيه ٿا وهي پتي هوا ديني لگي .ڪجھ ساڃاھ وندن بدلاوَ کي اڻٽر ڄاڻائي هيڪاندو حراسي وڌو هو. جن دوستن مونجهارن جون ڳالهيون پئي ڪيون اهي به سو مان سو سيڪڙو صحيح ۽ حق بجانب آهن.مشڪلون ۽ مونجهارا اوس آهن.ليڪن همت وارن جبلن ،سمنڊن۽ فضائن کي به تسخير ڪري ورتو آهي . سائين منهنجا همت وارن جي آڏو جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل. همت ڪريو ، همت ِ مردان مددِ خدا . محترم سائين منهنجي نماڻي اظهار ۾ اگر ڪي خاميون هجن ته سيکڙاٽ ۽ نا فهم سمجهي درگذر ڪندا.ڪجھ اندر جا اڌما هئا جي (در ضبط جو ٽوڙي نڪتا هن)
     
    آخري ترميم: ‏27 آڪٽوبر 2016
    مجاهد حسين سولنگي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو