1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2016۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    185
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    گلقند........
    ٻڌ ڀلا جمي جا پيءُ ..موبائيل مان منهن ته ڪڍ.
    چئو....؟؟؟
    اڄ شام جو شادي هال ۾ ڳاڙهو وڳو پايان نه ؟
    ڀلي پاءِ.!
    پر اڳين شادي تي به ساڳو وڳو پاتو هئم ....
    ڀلي نه پاء.!
    واڱڻائي وڳو ڪينئن رهندو.
    ڀلي پاء !
    پر توکي رنگ نه ٿو وڻي نه .؟
    ڀلي نه پاء!
    هاڻي بس گلابي ڪاٽن وارو ئي بهتر رهندو.
    ڀلي پاء!
    پر ساڳي رنگ جو وڳو تو واري ڀيڻ وٽ به آهي نه.؟
    ڀلي نه پاء!
    ڪارو وڳو منهنجي اڇي رنگ تي ڪنٽراس ۾ واه جو ٺهندو .
    ڀلي پاء.!
    پر ماڻهو ڇا چوندا ته شادي تي ماتمي وڳو پائي آئي آ...
    ڀلي نه پاء!
    تون ته ڪا صلاح ئي نه ٿوڏين ڀلا نيوي بلو وارو رنگ مونکي سوٽ ڪري ٿو نه؟
    ڀلي پاء!
    پر تمام ڳرو آهي موتين جو ڪم گھڻو ٿيل اٿس...
    ڀلي نه پاء !
    انهيء کان ته نيرو وڳو بهتر رهندو.
    ڀلي پاء!
    پر سينڊل ميچ وارو ڪونهي نه.
    ڀلي نه پاء.!
    اڙي ! ها ،هو طوطائون سائو به ته آهي ان جا ميچ ڪنگڻ به آهن .
    ڀلي پاء !
    مار پويس انهيء رنگ جي نيل پالش ڪونهي.
    ڀلي نه پاء.!
    اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ڪيڏي نه بد نصيب آهيان جو شادي ۾ پائڻ لاء ڍنگ جو وڳو نه آهي.
    ڀلي پاء.! (منهن موبائيل ۾)
    توکي ته منهنجو خيال ئي ڪونهي.
    ڀلي نه پاء !
    الا ان کان موت اچي ڀلا !
    ڀلي مر!
    تون ته خوش آهين ته مان مران.!
    ڀلي نه مر!
     
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    95
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    سڀني زالن کي سمجهڻ گهرجي ته مڙس جو منهن موبائل ۾ هجي ته ٽري پاسو ڪن . اسان کي به سيکاري ڇڏيوَ ته جواب مختصر ڏيئي جند ڇڏائڻي آهي .(الماري ۾ ڪپڙن رکڻ جي جڳھ ناهي پر....شادي ۾ پائڻ لئه وڳو ناهي)آخري جواب کان پو جو حشر ته حذف ئي ڪري ويا.....؟
     
    قريشي شبير احمد هيء پسند ڪيو آهي.
  3. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    185
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين ..پسنديدگي جا لک لائق........مون سوچيو ته آخري حشر نشر پڙهندڙن تي ڇڏيان ته ڇا ٿا اخذ ڪن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو