گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2016۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    گلقند
    آفيس مان ٿڪيل ٽٽل شام جو جينئن ئي گھر ۾ داخل ٿيس ته عجب منظر هئو.زال جون روئڻ سان اکيون آليون، روانگي جو سامان تيار،سس ۽ سهرو موجود . گهر ۾ ماتم جو ماحول ،سهرو کائڻ وارين نظرن سان پيو ڏسي....
    ڇا ٿيو ؟ ڇا ٿيو؟ ...مون رڙ ڪئي خدا نه خواسته...............!!!!!!!!!!
    ”سڀ ڪجه ڪري هاڻي پڇين ٿو ته ڇا ٿيو“ زال روئندي ٻڌايو.
    پر خبر ته پوي ته مون ڇا ڪيو..؟
    زال پنهنجو فون مونکي ڏئي ان باڪس هڪ ميسيج جيڪو منهنجي فون نمبر تان آيل هئو .
    لکيل هئو ..توکي طلاق ،طلاق ،طلاق.!
    هاڻي مان سڀ ڳاله سمجهي ويس ....
    مون چيو ڀاڳن ڀري صبح جو دفتر ويندي بس ۾ منهنجي موبائيل نڪري وئي ...... سڀ خير آهي.
    مون زال جي فون تان پنهنجو نمبر ڊائل ڪيو ...... چور به ڪو آتو ويٺو هئو فون کنيائين.
    ” هلو !!!!! ڪميڻا تو منهنجي فون ته ڪڍي پر هي حرڪت ڪري منهنجي زندگي جنجال ڪري وڌي اٿئي.ڪو حيا ڪو شرم.“
    ” سائين مون توهان جي فون 9.30 تي ڪڍيو ، هڪ ڪلاڪ اندراوهان جي بيگم جا 36 ميسيج آيا..... ڪٿي پهتا آهيو؟.... ٽوپي وساري وياآهيو؟ ننڍڙي جو کير آڻجو، اڄ جلدي اچجو، .......منهنجي موبائيل ۾ بيلينس ڪونهي موڪليندا.... شڪر آهي جو ميسيج جو پيڪيج آهي...... توهان جو جواب ڇو نه ٿو اچي؟ ......، توهان جي شرٽ استري ڪيم سوئچ سڙي ويو،....... دهي ۽ بيدا آڻڻ نه وساريندا،........ڪم واري مائي جي گھر فون ڪندا.......وات ۾ منـڱ اٿئي جو فون نه ٿو ڪرين....... پيمپرجي ميڊيم سائيز اٿو اڳ ۾ به ايڪسٽرا لارج آندا هئا....... مٺيس نيٽ جو پيڪيج به ختم ٿي ويو................................................... الاائي ڇا ڇا سائين! برداشت نه ڪري سگھيس مون سمجھيو ته اوهان درويش آهيو سو مون توهان طرفان نيڪيء جو ڪم ڪيو ٺيڪ 10.30 تي توهان جي بيگم ڏي ميسيج ڪيم .....توکي طلاق ،طلاق ،طلاق.!!
    هاڻي توهان تي آهي ته لائيڪ جي بٽن تي هٿ هڻي قبول ڪيو يا سڄي عمر جا سور سهو.“
     
    شاه محمد سڌايو ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هاهاها. قسم سان واھ جو جواب ڏنس..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو