اڄ جو استاد ايڏو مهانگو ڇو؟

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ حفيظ سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2016۔

  1. حفيظ سولنگي

    حفيظ سولنگي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 نومبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    هڪ طرف سائنٽيفڪ تيڪنالاجيءَ جي ڪري مواصلات ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ بي پناه ترقيءَ سبب سموري دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي رهي
    آهي،ٻئي طرف هڪ استاد پنهنجي شاگرد جي تعليم خاطر ان جي والدين کي پهنجو ڪانٽيڪٽ نمبر ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو،اها نهايت پريشان ڪن حالت آهي.اگر توهان
    انٽرنيٽ تي سرچ ڪري ڏسو ته توهان کي ڪيترين ئي سلجھيل شخصيتن،آءِ-جيز،ڊي-آجيز ۽ ڊي-پي-اوز جا ڪانٽيڪٽ نمبر ملندا،اڪثر سوشل آفيسرن ته فيس بوڪ تي ئي
    پهنجااڪائونٽ ۽ پيج ٺاهي رکيا آهن،جن تي هو نه صرف هو پنهنجي روزمره جي سرگرمين کان عوام کي آگاه رکن ٿا،بلڪه پڙهندڙ ڪمينٽس پڻ پيش ڪن ٿا،پر افسوس جو ٻئي
    طرف هڪ استاد آهي،جيڪو پهنجي وڏيراڻي سوچ کان اڃان تائين ٻاهر نه نڪري سگھيو آهي،ان ڳاله جو اندازو مون تڏهن لڳايو،جڏهن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول حاجي فتح
    محمد،شڪارپورجي هڪ استاد محترم قائم الدين مهر صاحب سان مليس جيڪو مهنجي پٽ جو ڪلاس ٽيچر هو.مون پاڻ کي پهنجي ننڍڙي جي تعليمي سرگرمين کان آگاه رکڻ لاءِسائين
    کان ڪانٽيڪٽ نمبر وٺڻ لاءِ عرض ڪيو،ته سائين صاف انڪار ڪري ڇڏيو.جنهن جو اهونتيجونڪتو ته آءُ پهنجي ننڍڙي جي تعليمي سرگرمين کان بي خبر رهيس ۽منهنجي
    ننڍڙي کي وقت سر 30 رپيا جمع نه ڪرائڻ جي عيوض هڪ هفتو اسڪول کان نيڪالي ڏني وئي.صرف 30 رپيا جمع نه ڪرائڻ جي ڪري منهنجو ننڍڙو تعليم جي زيور
    کان هڪ هفتو محروم رهيو،ان جو ذميوار ڪير؟ڇا 30 روپين جي اهميت ڪهن ٻار جي تعليم کان وڌيڪ آهي،استاد جيڪو هر ماه هزارين روپيه پگھار کڻي رهيو آهي،ان
    ڳاله جو بخوبي جواب ڏئي سگھي ٿو.هڪ طرف سنڌ گورنمينٽ ميٽرڪ تائين تعليم فري بڻائڻ ۽ تعليمي انرولمينٽ ريشو وڌائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي،ٻئي طرف استاد سان
    رابطو مهانگو بڻجي رهيو آهي...مان سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ ،محتسب آعلى ،قانون سازتوڙي ضلعي انتضاميه شڪارپور کي درخواست ڪريان ٿو ته هن مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪري ڪو راءِ عمل اختيار
    ڪيو وڃي،ته جيئن آئنده ڪنهن به شاگرد سان اهڙو مسئلو درپيش نه اچي،اندازو لڳايو ته اگر استادن سان رابطو ڪرڻ ايڏو مهانگو۽ مشڪل هوندو،ته هڪ غريب جي ٻار لاءِ اهڙن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪيڏي نه
    مهانگي هوندي....؟؟؟

    حفيظ سولنگي-شڪارپور
     
    منصور جروار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور جروار

    منصور جروار
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    زبردست جناب :)
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اڄ جي تعليم جو ذميوار هي سيڪريٽري آه ان ڪي ڪهڙي دانهن ڏيندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو