1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

تاريخ جو عظيم ترين جرنيل،فاتح ،۽ عادل حڪمران !

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2016۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,506
    ورتل پسنديدگيون:
    3,452
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    تاريخ جو عظيم ترين جرنيل، فاتح ۽ عادل حڪمران!

    اسان ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته مقدونيه جو اليگزينڊر ( المعروف سڪندر اعظم) ويهن (20) سالن جي عمر ۾ بادشاه بنيو.23 سالن جي عمر ۾ مقدونيه مان ٻاهر نڪتو،هن سڀني کان پهريائين يونان کي فتح ڪيو.ان کان پوء هو ترڪي ۾ داخل ٿيو.ان کانپوء ايران جي دارا کي شڪست ڏنائين،پوء هو شام پهتو،ان کانپوء هو يروشليم ۽ بابل جو رخ ڪيائين ،ان کانپوء هو مصر وڃي پهتو،پوء هندوستان آيو،اتي پورس سان جنگ وڙهي،پنهنجي عزيز از جان گهوڙه جي ياد ۾ پهاليه شهر آباد ڪيو.مڪران کان ٿيندو واپسي جو سفر شروع ڪيائين.رستي ۾ ٽائيفائيڊ ٿيڻ جي ڪري 323 قبل مسيح ۾ 33 سالن جي عمر ۾ بخت نصر جي محل ۾ انتقال ڪري ويو.دنياا کي اڄ ڏينهن تائين اهو ٻڌايو ويو آهي ته هو انساني تاريخ جو عطيم جرنيل،فاتح ،۽ بادشاه هو.تاريخ انهن ڪانامن جي ڪري هن کي اليگيزينڊر دي گريٽ نالو ڏنو،۽ اسان ان کي سڪندر اعظم يعني بادشاهن جو بادشاه ٺاهي ڇڏيوسين.پر اڄ ايڪهين صدي ۾ سڄي دنياجي مورخين جي سامهون هيء سوال ٿا رکون ته حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه جي موجودگي ۾ اليگيزينڊر کي سڪندراعظم چورائڻ جو حق آهي؟اسان دنيا جي سڀني مورخين کي سڪندر اعظم ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه جي فتوحات ۽ ڪارنامن جي موازينه جي دعوت ٿوڏيان.اوهابه ان تي سوچجو!

    اليگيزينڊر بادشاه جو پٽ هو.هن کي دنيا جي بهترين ماڻهن گهوڙي سواري سيکاري هئي،هن کي ارسطو جهڙي استادن جي صحبت ملي.جڏهن هو ويهن سالن جو ٿيو ته هن کي تخت ؤ تاج پيش ڪيو ويو.جڏهن ته سيدنا حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه جي ستن پشتن ۾ ڪير به بادشآه ڪونه هئو.پاڻ بهيڙ ٻڪريون ۽ اٺ چاريندي وڏا ٿيا هئا.پاڻ تلوار بازي ۽ تيراندازي به ڪنهن اڪيڊمي مان نه سکي هئي،
    سڪندر اعظم آرگنائزڊ آرمي سان ڏهن سالن ۾ 17 لک مربع ميل علائقوڪيوهو،جڏهن ته سيدنا حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه 10 سالن ۾ بغير آرگنائيزيڊ آرمي 22 لک مربع ميل جو علائقو فتح ڪيو،ان ۾ ٻه سپر پاور روم ۽ ايران به شامل هئو،
    اڄ جي سٽيلائيٽ،ميزائيل،آبدوزون جي دور ۾ به دنيا جي ڪنهن حڪمران وٽ ايڏي وڏي سلطنت نه آهي جيتري حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه گهوڙن هي پيٺ تي فاتح ڪرائي هئي.۽ پوء ان جو انتظام ؤانصرام هلائيو هو.اليگيزينڊر پنهنجي فتوحات جي دوران پنهنجي بيشمار جرنيلن کي قتل ڪرايو،بيشمار جرنيلن ۽ جوانون هن جو ساٿ ڇڏي ڏنو.هن جي خلاف بغاوتون به ٿيون ۽ هندوستان ۾ هن جي فوج اڳتي هلڻ کان انڪار ڪيو پر سيدنا حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه جي ڪنهن به ساٿي کي انهن جي حڪم عدولي جي جرت نه ٿئي.
    هو اهڙا ڪمانڊر هئا جو عين جنگ جي ميدان ۾ عالم اسلام جي سڀ کان وڏي سپه سالار حضرت خالد بن وليد رضي الله تعالئ عنه کي معزول ڪيو ۽ ڪنهن کي اهو حڪم ٽارڻ جي جرت نه ٿئي،پاڻ رضي الله تعالئ عنه حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله عنه کي ڪوفي جي گورنري تان هٽائي ڇڏيو،پاڻ رضي الله تعالئ عنه حضرت حارث بن ڪعب رضي الله عنه کان گورنري واپس ورتي. پاڻ رضي الله تعالئ عنه حضرت عمرو بن العاص رضي الله عنه جو مال ضبط ۽ حمص جي گورنر کي واپس گهرائي اٺ چرائڻ تي لڳائي ڇڏيو،ڪنهن کي حڪم عدولي جي جرات نه ٿئي.

    اليگيزينڊر 17 لک مربع ميل جو علائقو فتح ڪيو پر دنيا کي ڪو سسٽم يا نظام نه ڏئي سگهيو.جڏهن ته سيدنا حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه دنيا کي اهڙا سسٽم ڏنائين جو اڄ ڏينهن تائين رائج آهن :_

    1... سن هجري جو اجر ڪيو.

    2...جيل جو تصور ڏنو.

    3...موذنون جي پگهار مقرر ڪئي،

    4... مسجدين ۾ روشني جو بندوبست ڪيو،

    5...پوليس جو محڪمو ٺاهيو،

    6... هڪ مڪمل عدالتي نظام سرشتو رکيو.

    7...آب پاشي جو نظام قائم ڪيو.

    8...فوجي ڃاوڻيون ٺاهيون ۽ فوج جو باقاعده محڪمو قائم ڪيو،

    9... پهريون دفعو دنيا م کير پياڪ ٻارڙا،معذرون.بيواهن، ۽ بي اسروان جا وظائف مقرار ڪيا،

    10.. پاڻ پهريون دفعو حڪمرانن،سرڪاري عهديدارن،۽ واليون جي اثاثا ڊڪليئر ڪرڻ جو تصور ڏنو.

    11..پاڻ بي انصافي ڪرڻ وارن ججن کي سزا ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو،

    12.. پاڻ رضي الله تعالئ عنه دنيا م پهريون ڀيرو حڪمران ڪلاس جي اڪائونٽبليٽي شروع ڪئي.

    13.. پاڻ رضي الله تعالئ عنه راتين جو تجارتي قافلن جي چوڪيداري ڪندا هئا،

    پاڻ رضي الله تعالئ عنه فرمائيندا هئا ” جيڪو حڪمران عدل ڪندو آهي،اهو رات جو بيخوف سمهندو آهي.“


    پاڻ رضي الله تعالئ عنه جو فرمان هئو“قوم جو سردار قوم جو سچو خادم هوندو آهي”

    اوهان جي مهر تي لکيل هئو:_ ” نصحيت جي لاء موت ئي ڪافي آهي”

    پاڻ رضي الله تعالئ عنه جي دسترخوان ته ڪڏهن به ٻه ٻوڙ نه رکيا ويا،

    پاڻ زمين تي مٿي جي هيٺان سر رکي سمهي پوندا هئا،

    انهن کي سفر جي دوران جٿي به ننڍ ايندي هئين،پاڻ ڪنهن وڻ تي چادر ٻڌي سايو ڪري سمهي پوندا هئا ۽ رات جو ننگي زمين تي دارز ٿئي ويندا هئا.

    پاڻ رضي الله تعالئ عنه جي ڪرتي ۾ چوڏهين چتيون جن مان هڪ چمڙي جي چتي لڳل هئي،هوء موٽو ۽ کهردارا ڪپڙو پائيندا هئا.هنن کي نرم ۽ سنهي ڪپڙي کان نفرت هئي،

    پاڻ جڏهن به ڪنهن کي ڪنهن سرڪاري عهدي تي فائز ڪندا هئا ته ان جي اثاثن جو تخمينو لڳائي پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ جيڪڏهن سرڪاري عهدي دوران ان جي اثاٿن ۾ اضعافو ٿيندو هئو ته ان جي اڪائونٽبليٽي ڪندا هئا،

    پاڻ جڏهن ڪنهن کي گورنر بنائيندا هئا ته نصحيت ڪندا هئا ته :_ ڪڏهن به ترڪي گهوڙي ته نه ويهجان،سنهو ڪپڙو نه پئجان ،ڇڻيل اٽو نه کائجائين،دربان نه رکجائين.ڪنهن فريادي تي دروازو بند نه ڪجائين.

    پاڻ فرمائيندا هئا:_ ظالم کي معاف ڪرڻ مظلومن تي ظلم آهي،

    اوهان جو هي فرمان اڄ انساني حقوقن جي چارٽر جي حثيت رکي ٿو :_مائون ٻارن کي آزاد پيدا ڪنديون آهن ،توهان انهن کي ڪڏهن کان غلام ٺاهيو”

    پاڻ اسلامي دنيا جو پهريون خليفو هو جنهن کي امير المومنين جو خطاب ڏنو ويو،

    دين اسلام جي وڏي خصوصيت عدل آهي ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه اها شخصيت آهي جيڪا ان خصوصيت تي صحيحي نموني لهي ٿئي.

    اوهان جي عدل جو اهو مقام هو جو جڏهن اوهان جو انتقال ٿيو ته اوهان جي سلطنت جي درودراز ڪنڊ مان هڪ راڊار ڀڄندو آيو ۽ چوڻ لڳو ته اي ماڻهون ٻڌوحضرت عمر فاروق جو انتقال ٿئي ويو آهي،

    ماڻهن هن کان حيرت مان پڇو تون مدينه کان هزارو ميل پري جنگل ۾ آهين تون کي انهن جي انتقال جي خبر ڪيئين پئي،ان شخص جواب ڏنو ته حضرت عمر فاروق جي عدل جي ڪري ڪنهن شيهين کي به همٿ نه ٿيندي هئي ته ڪنهن ٻڪري تي حملي ڪري ۽ ٻئي شينهن ۽ ٻڪريون هڪ گهاٽ تان پاڻي پيندا هئا ۽ ڪا مجال آهي جو شينهن حملي جي جرت ڪري پر اڄ شينه ٻڪري تي حملي ڪيو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حضرت عمر فاروق جو وصال ٿئي ويو آهي،ڪجه وقت کانپوء ان ڳاله جي تصديق ٿئي ويئي.

    اليگيذيندر جي ٺاهيل سلطنت هن جي وفات کانپوء پنجن سالن ۾ ختم ٿئي ويئي،جڏهن ته حضرت عمر فاريق رضي الله تعالئ عنه جن پنهنجي زندگي ۾ جنهن ملڪ ۾ اسلام جو جهنڍو مڪليو هو اتان اڄ ڏينهن تائين الله اڪبر الله اڪبر جون صدائون اچي رهيون آهن.
    لاهور جي مسلمانن هڪ دفعو انگريز سرڪار کي دهمڪي ڏني هئي ته “اسان جيڪڏهن گهرن کان نڪري پونداسين ته توهان کي چنگيز خان ياد اچي ويندي”ان تي جوهرلال نهروکلي چيو ته ” افسوس اڄ چنگريز خان جي دهمڪي ڏينداڙ مسلمان اهو وساري چڪا آهن ته انهن جي تاريخ ۾ هڪ (حضرت) عمر فاروق (رضي الله تعالئ عنه) به هئا،

    جنهن جي باري ۾ مستشرقين اعتراف ڪندا آهن ته ” اسلام ۾ جيڪڏهن هڪ ٻيو عمر هجي هان ته دنيا ۾ صرف اسلام ئي دين هجي هان”

    اسان اڄ به اهو وساري ويٺا آهيون ته اسان مسلمانن مان هڪ حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه به هئو جن جي باري ۾ محسن انسانيت ،امام الانبياء حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: مون کانپوء جيڪڏهن ڪو نبي هجي هان ته اهو عمر هجي هان”

    هاڻي توهان پاڻ اندازو لڳايو عظيم ترين جرنيل،فاتح ۽ عادل حڪمران ڪير آهي. اليگيزينڊر يا سيدنا حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه.

    جواب جو منتظر هي خاڪسار
     
    ممتاز قريشي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,662
    ورتل پسنديدگيون:
    3,901
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ظلم کان بغير ڪابه فتح نه ٿيندي آهي. فاتح هميشه قتل و غارت ڪندو آهي لٽ ڦر مار ڪندو آهي، عورتن جي لڄ لٽيندو آهي.
    ڇا ؟ ظالمن جابرن کي عظيم سڏجي ؟ يا قانوني ڦورو لٽيرو سڏجي ؟
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,662
    ورتل پسنديدگيون:
    3,901
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ،امام الانبياء حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: مون کانپوء جيڪڏهن ڪو نبي هجي ها
    ڇا امام الانبيا خاتم المرسلين حضرت محمد صلي الله عليه وَ آله وسلم کي به پنهنجي آخري نبي هئڻ تي ڪو شڪ هيو ؟
    جناب حضرت آدم عليه سلام کان وٺي سردار دو عالم رحمت اللعالمين تائين ڪنهن به نبي سڳوري جي زندگي جو احوال پڙهو ته کين نبوت عطا ٿيڻ کان اڳ انهن جي زندگيءَ ۾ ڪوبه اهڙو رتي برابر عمل ڪونهي، جيڪو ڪنهن گناھ جي نشاندهي ڪندو هجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو