سلام آ سنڌ وارن کي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سائين بخش چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2016۔

  1. سائين بخش چانڊيو

    سائين بخش چانڊيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ جاب
    ماڳ:
    قاضي احمد
    منھنجي ڌرتيءَ جي تہ ڌنارن کي
    آ سلام ادا سنڌ وارن کي .

    جيڪي ٽوپي اجرڪ پائن ۽ بوسڪي ڪَيٽي سِبائن
    ۽ شَھپر مُنھن تي سَجائن - وَري مرڪي جو ڳالھائن
    مونکي واھ جو وڻندا آھن - ڪاڄن جا منڊل مچائن
    موتين جون موڙون ٻَڌائن - سڀ گڏجي جمالا ڳائن
    ٻَک ٻِٽا وجھن ٿا يارن کي- آ سلام ادا سنڌ واين کي

    منھنجا مارو مٽين ھاڻا - لِڱي پاتل پوش پراڻا
    ڪي ڄڻان ڪي نہ سڃاڻان - منهنجي مَنڇُر جا تہ مھاڻا
    سڀ پنهنجا مٽ ٿو ڄاڻان - اھي اَٻوجھ سنڌي يا سياڻا
    وڌ ڀانيان تن کي پاڻان - اھي مومِلون ۽ اھي راڻا
    ادا سُھڻي ۽ ميھارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي

    ڪيان مھر ڊٻائي دُعائون - سنڌ سدا سکي ڏسان آئون
    ڏُڪر جون بريون بَلاون - منهنجا ڀائر ڀيڻيون مائون
    رب ڏجان سڀني کي پناھون - رنگ راڳ دھل شرنايون
    سدا پيار جون گھلن ھوائون - مون تہ باسيون کوڙ سکاؤن
    منهنجي عمر ملي منهنجي مارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي

    شاعر : مهرڊٻائي
     
    حاجي اويس جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو