ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان

'سنڌي ادب' فورم ۾ نظير احمد آبڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2016۔

  1. نظير احمد آبڙو

    نظير احمد آبڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ايڪتا تي سوچيندي ڪيترا ئي سوال اڀري آيا،سڀ کان پهريان ايڪتا ڇاکي ٿو سڏجي،ايڪتا جو مقصد ڇا آهي،ڇا ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ سان ئي سنڌي قوم کي متحد ڪري سگھجي ٿو،ڇا صرف اجرڪ ۽ ٽوپي ئي سنڌ جي صقافت آهي يا ڪي ٻيون به شيون آهن جيڪي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو آهن؟
    مٿئن سوالن کي مد نظر رکندي، ايڪتا جي معني آهي، ايڪو، اتحاد، ٻڌي، متحد ٿيڻ، متحرڪ ٿيڻ.اڄڪلھ اسين ايڪتا وڏي جوش سان ملهائي رهيا آهيون، هڪ متحد قوم جو ثبوت ڏئي رهيا آهيون. ايڪتا جو اسين اظهار ڪريون ٿا.ليڪن سچ هي آهي ته اسان ڪڏهن سنجيده ٿي هڪ ٻئي سان متحد ئي نه ٿيا آهيون. ڇا اسان سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ ظلم خلاف متحد ٿيا آهيون، ڇا اسان تعليم جي مسئلي تي متحد ٿيا آهيون، ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن انهن تي با اثر ماڻهن جا قبضا آهن،ڇا انهن قبضيدارن خلاف ڪو آواز اٿاريو آهي، سنڌ زراعت جي شعبي ۾ ملڪي معيشت کي ڪيترو حصو ڏئي ٿي ان جي باوجود نا انصافي سنڌ سان ٿي رهي آهي.، ڇا اسان آبادگارن سان ٿيندڙنا انصافين بابت ڪو گڏجي آواز اٿاريو آهي آٰ
    اسان جي امير سنڌ جو عوام آخر غريب ڇو آهي؟ اهي ڪافي سارا مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لاء متحد ٿيڻ جي انتهائي سخت ضرورت آهي. متحد ٿينڻ لآء هڪ ڏينهن ڪافي نه آهي ، اسان کي احساساتي،جذباتي ٿيڻ، خالي نعرن لڳا ئڻ سان گڏوگڏ انهن سڀني مسئلن کي فوڪس ڪرڻ گهرجي ۽ ايڪتا وانگر هڪ ٿي، آواز اٿاري مسئلا حل ڪرڻ جو عملي جامو پهرائجي.
    هر سنڌي ماڻهوءَ جو فرض آهي ته هو سنڌي ٻولي کي پروموٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، بهراڙين ۾ ته سنڌي ڳالهائي پئي وڃي
    ليڪن شهرن ۾ جگڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهو به سنڌي گهٽ ڳالهائي ٿو. انهن سنڌي ڀائرن کي هٿ ٻڌي التجا آهي ته هو پنهنجي اولاد کي سنڌي سيکارن.
    مان سمجهان ٿو ته سنڌي ڪلچر سنڌي ٽوپي سان گڏو گڌ سنڌ جا ثقافتي رنگ ، تاريخي ماڳ، جهنگ، جهر، ٿر، بر، سنڌ جون ريتون رسمون، سنڌ جا نظارا اجاگر ڪرڻ لاءِ سنجيد گي سان ڪم ڪرڻ گهرجي.
    هر ڏينهن ، هر مهيني، هر سال امن،ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام هر گهر، گهٽي، واهڻ، وستي پهچا ئڻ گهرجي .
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    نظير احمد ابڙو
     
  2. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
  4. نظير احمد آبڙو

    نظير احمد آبڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93

هن صفحي کي مشهور ڪريو