ڇا (مردم شماري 2017) ۾ سنڌ جي (ڊيموگرافي) تبديل ٿي ويندي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    هڪ ڳاله ٿو ڪريان ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو! نه مُنهنجو !
    اهو به سوچيو ۽ ٽوڙ ڪريو ته ڇا (مردم شماري 2017) ۾ سنڌ جي (ڊيموگرافي) تبديل ٿي ويندي؟ ڇا سنڌي اڪليت ۾ تبديل ٿي ويندو؟ ٻئي طرف جڏنهن بلوچستان کي خطرو آهي ته (افغان اڪثريت) ڪري جي سندن صوبي ۾ مردم شماريءَ ڪري (بلوچستان جي ڊيموگرافي) تبديل ٿي ويندي ۽ بلوچ به پنهنجي ئي صوبي ۾ اڪليت ۾ بڻجي ويندو ته (مردم شماريءَ کان پهرئين (افغانن) کي پنهنجي مُلڪ موڪلڻو پوندو.
    ڇا مردم شماري 2017 ۾ سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي ۽ سنڌي اڪليت بڻجي ويندو؟
    سوال اهو آهي سنڌ جي (سنڌي ماڻهن جي سوچ ۽ سمجه جو) خاص طور اُنهن کان، جيڪي (سنڌيت لاءِ) پنهنجا سڀ ويڇا وساري صرف ۽ صرف (سنڌ مُحبت جو جذبو) رکي (مُتحد ٿي)، هڪ (پليٽ فارم )تي پاڻ ۾ جُڙن ٿا ۽ اُنهن (قوتن کي اهو پيغام ڏين ٿا) ته ڪيتريون به (سنڌ ٽوڙڻ جون) سازشون ڪريو، ڪيترا به (پينترا بدلائي گهڻ روپ وڄي) هر هر (نئين روپ ۽ نئين ٿيوريءَ) سان ظاهر ٿيو ۽ ڪيترا به سنڌي وڏيرا بيوقوف بڻائي (سنڌ ٽوڙڻ جو نظريو رکندڙن) ۽ مُتحاده جي گُروپن سان اتحاد جوڙائي ۽ پوءِ بل آخر کين اُن اتحاد کي (مشرف جي سياسي پارٽي) بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو، ته جيئن آسانيءَ سان سنڌ کي (شهري ۽ ٻهراڙي) صوبن ۾ تقسيم ڪرڻ جي سازش مڪمل ٿي سگهي.

    سنڌ ۾ ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ لاِءِ فيڊريشن ۽ فيڊرل يونٽس پاران ايلين کي سنڌ ۾ سيٽل ڪرڻ؟
    سنڌ ۾ به نه صرف پنجاب ۽ ڪي.پي.ڪي ۽ ٻين صوبن ۽ علائقن جا (نوڪريءَ بهاني) مانهون گهرائي، سنڌ ۾ قائم (ڦيڊرل ادارن) جي مدد سان (ساٿ ڏياري) سنڌ جي زمينن ۽ پلاٽن، تي مُفت قبضا ڪرائي ، سنڌ جي وسيلن ڪُنڊا ۽ چوري سسٽم تحت مُفت ۽ بنا سنڌ صوبي کي ٽيڪس ڏيڻ جي (پاڻي، بجلي ۽ گئس، سان گڏ صحت، تعليم) وغيره ڏئيُ (ٻين صوبن مان آيلن کي) هميشه لاءِ سيٽل ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جي (تواريخي ڊيموگرافيءَ) کي تبديل ڪري ، سنڌي ماڻهن کي (اڪليت ۾ اڻي) مڙني سنڌ جي شاهوڪاري وسيلن تي قبضو ڪري سگهجي. ۽ ان ڪم ۾ مددگار غير جهموري قوتن جي ڀرفان ، لانچ ٿيل سياسي جماعتن (مُتحده جا مڙئي گُروپ، جماعت اسامي ۽ تحريڪ انصاف) وغيره جي مدد سان هندستانين ۽ بنگالين،بهارين کي، (انڊيا، بنگلاديش، نيپال، سائوٿ افريڪا، برما، ٿائلنڊ) وغيره مان گهرائي اڪليت ڪرڻ جي سازش به سنڌي ماڻهون سمجهي ٽور ڪندو؟

    يا ڀلي عوام جو ووٽ وٺي ايندڙ(جهموري حڪومتن کي) مٽائي (انجنيئرڊ اليڪشنس) وسيلي، غير (جهموري سوچ رکندڙ) سياستدانن کي اقتدار ڏياري (تحريڪ انصاف) جو پلان (لنڊن پلان دي) ٺاهيو پوءِ به هي سنڌ جو هي (انگ اگهاڙو، بيگهر، مُفلس، منهنگائي ۽ صحت جو ماريل، تعليمي ادارا تباه ڪري جاهل بڻائڻ وارو هي سنڌي، يا (وٿاڻن ۽ موالين جي اوتارا اسڪولن ۾ گهوسڙو استاد (ڪمدار) جاهل ڪيل ، اهو سياسي شعور رکي ٿو ته بل آخر چُريءَ (غير جهموري قوتن) کي گدري (سنڌ ) کي ٻه اڌ ڪرڻ جو پلان جُڙيل آهي ۽ جيسين هڪ به غيور ۽ غيرت مند سنڌي هن ڌرتيءَ تي موجود رهندو، احتاج ڪندو شهادتون ماڻيندو پر اکين اڳيا سنڌ جا ٻه اڌ ڪرڻ نه ڏيندو. اهوئي آهي (ايڪتا ڏهاڙو) جيڪو هر سال هر سنڌي ملهائي سنڌ دشمن قوتن کي پيغام رسائي ٿو. ۽ سمجهي ٿو ته ِ، اهي غير جهموري قوتون ۽ ڊڪٽيٽر ئي هُئا جن پاليسون جوڙي (سنڌي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جي سهولت کان محروم ڪيو) ته جيئن هو مستقبل ۾ سنڌ ۾ (لنڊن پلان ڊي) يعني سنڌ جا ٻه صوبا (شهري ۽ ٻهراڙي) ڪري سگهن.
    پر شايد اُهي پنهن جي بهادر ليڊرشپ ۽ جهموريت لاءِ شهادتون ماڻيندڙن (انگ اگهاڙو) سنڌين جي سياسي شعور کي (انڊر ايسٽيميٽ) ڪيو ويٺا آهن.
    الائي (سنڌ ٻه ٽڪڙا ڪرائڻ جي سازش ۾ شامل (سڀ (پنهنجا ۽ پراوا) اهو جوڙ برقرار رکڻ لاءِ هر سال، هڪ ٿيڻ ۽ محسوس ڪرائڻ جو، کُلو اظهار ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ۽ دُنيا ۾ ڪلچر ڏهاڙا (ايڪتا، ڪلچر، ٽوپي اجرڪ ڊي) نالي گڏ ٿي ڇو ملهائين ٿا،
    الائي ڇو سنڌيءَ کي بيوقوف پيا سمجهن ته هو، اها (برطانوي راڄ جي آزاد ملازمن) جي هڪ سنڌ دشمن گرُوپ ۽ پاڪستان جو پورو مُفاد حاصل ڪندڙ گُروپ بشمول (مڙني بيوروڪريسي قوتن) جي ۽ هڪ (غير جهموري سوچ )رکندڙ گروپ جي فلاسافي نه پيا سمجهن جن هڪ تسلسل سان اڳ به هڪ نعرو هڻي (اُن وقت جي پرنٽ ميڊيا) ۾ سنڌين ماڻهن ۽ سنڌ خلاف نفرت ڦهلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو ۽ پوءِ ( جاڳ پنجابي جاڳ ، تيرا پگڙي ۾ پڙگيا داغ) ۽ (اڙدو ڪا جنازا هي، ذره ڌوم سي نڪلي) جا نعرا ڏئي ( برطانوي راڄ جي آزاد ٿيل مُلازمن کي هڪ ڪري، پنهنجي مقصد ۽ جهموريت خلاف استعمال ڪيو ۽ هاڻ (اڙدو ٽيليويزن چئنلن جي مدد سان ) ٽاڪ سوز ۾ به ڪندا اچن، جي اڄ به سنڌ خلاف تسلسل سان سنڌ کي ٽارگٽ بڻائي ويٺا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو