سنڌ کي صرف نافذ(موالين ۽ موالي ڪلچر)کان خطرو آهي جيڪي ميرٽ ۽ ٽيلنٽ کي اُڀرڻ ئي نٿا ڏين؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    https://www.facebook.com/photo.php?...6&set=a.1224859142426.34354.1257445178&type=3
    سنڌ کي صرف ۽ صرف گهڻي ۾ گهڻون(موالين ۽ موالي ڪلچر) کان خطرو آهي، جيڪي اڳ (نادرشاهي ڀوتارن )لاءِ فحاشي فروغ ڪرڻ تي تيار ويٺا هوندا آهن ۽ هاڻ بلآخر ممڪن آهي جيڪي پوءِ پنهنجي نشي جي ٻاڙ مٽائڻ لاءِ سنڌ جو سودو به آسانيءَ سان ڪري سگهن ٿا.

    هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سُوال آهي سنڌ جو ۽ سنڌ بچاءَ ۽ بقاءَ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو . جو ازل کان سنڌ کي هميشه نادرشاهي وڏيرن ۽ انهن جي پاٿاريدارن کان خطرو رهيو آهي ۽ سنڌ جي تباهيءَ جو مُڪمل ڪارڻ به اهي (نادرشاهي ڀوتار ۽ پاٿاريدار) رهيا آهن، جن سنڌي ماڻهن کي هميشه لاءِ پنهنجو (غُلام ابن غلام )بڻائي رکڻ لاءِ سنڌ جا اسڪول تباه ڪري، اُنهن کي موالين جي اوتارن ۽ وٿاڻن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي قوم کي (تعليم جي بُنيادي زيور) کان محروم ڪري پنهنجو ابدي غلام بڻائڻ لاءِ (موالي ڪلچر) جو بُڻياد رکيو آهي.
    انهن (نادرشاهي ڀوتارن ۽ پاٿاريدارن) جا نمائندا هاڻ جيڪي هاڻ (سُوشل ميڊيا) تي به ڀرپور رسائي ڪري (سنڌي قوم) کي بيوقوف بڻائڻ ۽ مُتنفر سنڌين کي واپس (نادرشاهي ڪلچر ۾ موٽائڻ جي جستجو ۾ آهي، اڳ اهي (هر وقت جي هر حڪومتن ۾) شامل ٿي اُنهن کي ان پنهنجي ووٽ ۽ علائقي جي سرابراه حيثيت ۾ فند وٺي، پنهنجي حويلين ۽ اوطاقن ويجها (جهڙا تهڙا اسڪول ) ته ٺهرايا ۽ پوءِ اُتي پنهنجي ئي (ذاتي نوڪرن ڪمدارن) کي (گهوسڙو ۽ گوسڙو) ماستر به ڪري رکرايو، ۽ سگهوئي جن انهن سرڪاري اسڪولن کي (وڏيري جي وٿاڻن ۽ اوتارا اسڪولن ۾) تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انهن اسڪولن ۾ پوءِ ڀنگ گهوٽي وئي ۽ (ڀنگ ، چرس تعليم) ڏني وڃي ٿي، (ڪچو ٺرو ٺهي تيار) ڪري (پوليٿين ٿيلهين) ۾ ئي (اوتارا اسڪولي) ٻارن هٿان گهٽين ۽ موهلن ۾ ۾ وڪيو وڃي ٿو جتي پوءِ (سُلفين ۽ موالين جي چرس ڪلاس جو) بندوبست ٿئي ٿو ۽ سنڌ کي مُڪمل موالي بڻايو ويو.
    ۽ پوءِ انهن ئي موالي گُروپن کي (ڪاپي ڪلچر) تي کين پوزيشنن سان اعليٰ ڊگريون ڏياري، (سفارشي ڪلچر) تحت اهم ادارن ۾، اهم پوسٽن تي (مُفاهمتي پاليسيءَ) جو فائدو وٺي (ڪرپشن ، رشوت گيري) ڪرائي وئي آهي. ايستائين جو (ميڊيا جهڙا ادارا) به جيڪي ڪرپشن خلاف تشهير ڪن ٿا (موالي ملازمن) سان ڀريا پيا آهن ۽ اُهي ئي ترجيحي بُنياد تي اهم آهن.
    ته سائين سنڌ ۾ (تعليمي نظام) به تڏنهن ئي ايندو نه جڏنهن سنڌ مان (مُڪمل طور موالين جو خاتمون) آڻبو، (ميڊيا ۽ ٻين ادارن مان) موالي ڪڍي علاج لاءِ اسپتالن ۾ موڪلي صحتمند ڪبا. ڳوٺن مان وڏيرن جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ (اوتارا اسڪول ۽ وٿاڻ اسڪول) ختم ٿيندا، نيڪ بُزرگن، الله جي ولين ۽ سنڌ جي درويشن ۽ صوفين جي (خانگاهن، مُقبرن، قبن ۽ مزارن جي گرد) قائم ٿيل (موالين جا اڏا) مُڪمل ختم ڪبا.
    باقي رُڳو نچڻ، ٽُپڻ، جلسا جُلوس يا سُوشل ميڊيا تي ڪو آرٽيڪل لکي رُڳو(ٽيڪسٽ پکيڙڻ) سان (سنڌ ۾ انقلابي تبديلي) ته نٿي آڻي سگهجي. ۽ ان کان وڏو جُرم ته انهن نادرشاهي وڏيرن جو آهي جن (سنڌ جي ماڻهن کي هن بدبودار موالي ڪلچر) ۾ آڻي پنهنجو (غلام ۽ ابن غلام بڻائي) رکڻ ۽ جاهل ڪرڻ آهي .
    ۽ اُنهن (نادرشاهي وڏيرن) جي پُٺيان به (اُهي ڊڪٽيٽر ۽ انهن جا ساٿي ) ئي آهن، جيڪي ان کان علاوه (ڪن لکيل پڙهيل ۽ سنڌ خلاف سازشون نه سمجهندڙ) ڪن سنڌين کي پنهنجي (ادارن ۾ نوڪر رکي) سنڌين ۾ هڪ ٻئي نفرت وجهائڻ لاِءِ استعمال ڪن ٿا. اُنهن طرفان سنڌ ۾ ويڇا وجهائي سنڌين کي پاڻ ۾ ڪڻو ڪڻو ڪرڻ جي مشن ۾ به اهي ئي آهن ، ته جيئن هڪ ٻئي جا کيسا ڪتريندا، هڪ ٻئي کي بدنام ڪندا، وڻ وڻ ڪاٺي بنبا ته هو پوءِ آسانيءَ سان انهن سوشل ميڊيا تي يلغار ڪندڙن، سنڌي ملازم ۽ سنڌ غدارن ۽ نادرشاهي وڏيرن جي ملي ڀڳت سان سنڌ ٽوڙي ٻه اڌ ڪندا ۽ پوءِ سمجهن ٿا ته هو آسانيءَ سان، انهن سنڌي غدارن کي استعمال ڪري، (سنڌ جي شاهوڪاري وسيلن تي) قبضا ڪري سگهندا.
    حالانڪه سنڌ اڳئي انهن جي (صوبن مان ڏتڙيلن کي) اڳ پالي رهي آهي جيئن 7000 ق.م کان 27 خارجي حملي آورن ۽ اُنهن جي وسيل ڪُٽنبن کي ۽ پر (ڳوٺاڻون سنڌي محروم)آهي؟ ان سان گڏ، سنڌ جي وسيلن جو هاڻ (72 سيڪڙو ناڻو) به رُڳو سنڌ (پنهنجي وفاق کي هلائڻ لاءِ) خرچ ڪري رهي آهي ۽ ان ناڻي مان ۽ سنڌي غدارن جي مهربانين سان (سنڌ ۽ بلوچستان ) نه، پر رُڳو (پنجاب ۽ ڪي.پي.ڪي) ۾ ئي (وفاقي ڊيولپمينٽس) ٿي رهيون آهن.
    اُنهن تي ته ڪڏنهن (نوڪر ڪيل سوشل ميڊيا ليکڪن) ناهي ڳالهايو؟ جيڪو گهڻو اهم آهي، پوءِ به هو پنهنجي (لانچ ٿيل سياستدانن) ۽ (مُتحده جي سڀني ۽ گروپن) ۽ ڪن (سنڌي غدارن) کي گڏائي سنڌ کي (مُشرف جي حوالي) ڪري، پوري سنڌ تي مُڪمل قبصو ڪرڻ جي به سوچي رهيا آهن.
    ته دوست هر سال (ڪلچر يا اجرڪ ٽوپي يا ايڪتا ڊي) ملهائڻ به هاڻ (ڪڻو ڪڻو ٿيل ) سنڌ لاٰءِ اهم آهي ته جيئن سنڌي ماڻهن ۾ هر هر احساس ڪرائي (سچ ۽ حقيقت) ۽ اُن پويان (سنڌ خلاف رٿيل سازشن) کي به بينقاب ڪجي.، گڏوگڏ (حقيقي سنڌ دوست ۽ دُشمن ) جي سُڃاڻپ به ڪرائي سگهجي. سوچڻ جي ڳاله آهي ته ڀلا اُهي سنڌ ۽ سنڌ جي مانهن جا ڪيئن همدرد ٿي سگهن ٿا جن اول ته (ڊڪٽيٽرن جي) منشا ۽ سازش سان (سنڌيءَ کي تعليم ۽ صحت کان محروم ڪيو)، پوءِ سنڌ جي ليڊر شپ جو (پنجاب) ۽ ٻين صوبن ۾ (جاڳ پنجابي جاڳ، تيري پڳڙي ۾ پڙگيا داغ) ۽ سنڌ ۾ (نون ۽ پُراڻن سنڌين ۾) نفرت ڦهلائڻ لاءِ (اڙدو ڪا جنازا هي، ذره ڌوم سي نڪلي) جا نعرا هڻائي ويڇا وڌا، ۽ وري، (انديا، بنگلاديش، سائوٿ افريڪا، نيپال، ٿائلنڊ ۽ برما) مان مُتحده جا ماڻهون گهرائي ، سنڌ جا (بارڊر) کولي انهن ماڻهن کي سنڌ سمگل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه وڌي، نالن، پارڪن، راند جي گرائونڊن تي قبصو ڪرائي، پوءِ شرطيه ڇڏائي (بلڊر مافيا جي مدد سان) کين (اورنگي، ڪورنگي، ملير، قائدآباد) ۽ ٻين رموٽ علائقن ۾ رهائش ڏئي وسايو، (پرائيويٽ اسڪول ، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جوڙي کين (ڪورا سرٽيفيڪيٽ ۽ ڊگريون ڏئي) سنڌ جا پُراڻا باشندا ظاهر ڪرايا، (ڪي.ايم.سي ۽ دي.ايم.سي) جي مدد سان ڪوڙا ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ مرڻ سرٽيفڪيٽ ۽ ڊوميسائل ڏنا .
    نه رُڳو ايترو پر(ڪراچيءَ جي بزنيس ڪميونٽيءَ جي مدد سان) کين (ڪمپيوٽر، موبائل ۽ ٻين مارڪيٽن ۽ مالن ۾ )نوڪريو ڏئي پختو ڪيو ويو جتي ڪنهن به سنڌيءَ لاءَ جاءِ ڪانهين؟
    پٺان کي ازاديءَ سان (هٿيار، نشو) بارڊر پاس ڪرائي سمگل ڪرايو ويوکين (بنارس ۽ ٻين علائقن ۾ آباد ڪرايو ويو؟ اتي به سنڌي خاموش آهي؟ ، پنجاب جي سرائڪين کي چنگچيون ڏئي ، پٺاڻن سان گڏ (سنڌ جي ٽرانسپورٽ) تي قبصو ڪرايو. اهي سنڌ ۾ ڇو آندا ويا؟ اتي به سنڌي لکياري خاموش آهي؟ نوڪر رکيل ليکڪن جو به ڪو سنڌ لاءِ فڪر آهي يا بس (پنهنجي سنڌيءءَ خلاف ڳالهائڻو اهي؟) ته جيئن ڊڪٽيٽرن جا ساٿاري بڻجي (سنڌين کي اڪليت ۾ ) بدلائي ڇڏجي؟
    سنڌ کي نادرشاهي وڏيرن کي مدد ڏئي (غلام ابن غلام بڻائڻ )لاءِ (موالي بڻايو) ۽ پوِءِ ڊپ ڏيڻ لاءِ (ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن) سان گڏ، طاقتور قوتن کي پنهنجو هٿ رکڻ وارو محسوس ڪرائي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوري اڙدو ميڊيا کي انهن جي ٽاڪ سوز ۽ سنڌ سان نفرت ڪندڙ (اينڪرن) سنڌ ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ليڊرشپ کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرايو ۽ جڏنهن (قاصي عليءَ جي روپ ۾ هڪ سنڌي جاڳيو ۽ سازشن کي سمجهيو ته پوءِ (ڪامران حسن ۽ ڊاڪٽر شاهد مسعود) جي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان نفرت ڪرڻ سنڌ ۾ (ڪلچر ڊي) ملهائڻ جو بُڻياد وڌو. جيڪو سنڌ کي هر سال اتحاد لاءِ سوچائڻ تي سندس اهم ساراه جوڳوڪم آهي.

    LikeShow More ReactionsCommentShare
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو