حضور صلعم جن جي ولادت ....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت با سعادت هڪ احسان آ امت تي رب جي طرفان جنهن ۾ اهڙو شفيق پيغمبر عطا ڪيو جنهن کي طائف وارن رتو رت ڪيو تڏهن به اندر منجها ڪا بد دعا نه نڪتي جنهن کي ڪل ڪائنات تسخير ڪري ڏني وئي جنهن جي وسيلي آدم عليه اسلام جي بخشش ممڪن بڻي جنهن جي جانورن حيوانن به عزت ڪئي واعدن جي پاسداري ڪئي جنهن تي پٿرن ڪلمو پڙهي ٻڌايو ابو جهل جي مٺ منجها آواز گونجندا رهيا فلڪ زمين رشڪ ڪندڙ پياري پيغمبر جو حسن اخلاق پورو قرآن آ ان پاڪ پيغمبر جي ولادت جي خوشي ڪنهن کي نه آهي جنهن جي نالي وٺڻ سان جي درود نه ٿو پڙهين ته تون بخيل آهي جيڪو رحمته اللعٰلمين آهن جيڪي وجه قائنات آهن ان جي شان جو بيان تون ڪري ئي نه ٿو سگهي اي انسان تنهنجي عقل ۾ ان جو مان مرتبو سمائي ئي نه ٿو سگهي......تنهن جي سيرت بياني ڪرڻ سمونڊ سڪي ويندا جي مس ڪجن ......ان جي ولادت تي خوشيءَ جو حق اهو نه آهي ته تون جلوس ڪڍ ان جو مقبرو هٿراڌو ٺاهي گهٽين ۾ گهمندو وت ...جي واقعي منهنجي آقا سان عقيدت اٿي ته ان جي سيرت بياني ڪر ڪنهن هڪ ويهڪ ۾ هي دهل شرنايون ناچ گانن سان تون محبت محمد صلعم نه ٿو ڪري سگهين هي ......دين کي دين رهڻ ڏيو پنهنجي جاگير نه سمجهو جنهن ۾ جنهن کي وڻي وجهندو رهي ڪڍندو رهي ....هي دين پياري پيغمبر جو دين آ جنهن تي مسلمان هجڻ جي ناتي الله جي حڪمن جي پيروي ڪرڻي آ محمد صلعم جي سيرت مطابق هلڻو آ نه دنياداري جي اصولن کي هن ۾ مسلت ڪرڻو آ .....الله شل سمجه ڏي .....


    هڪ سادو مسلمان
     
    منصور سرور هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو