مٽيءَ جي مهڪ جھڙي شاعره ارشاد سومرو

'سنڌياڻي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٽيءَ جي مهڪ جھڙي شاعره ارشاد سومرو

    علي محمد درد سولنگي


    27 ڊسمبر تي ٻپڙ محله رتو ديرو ( لاڙڪاڻو ) ۾ محمد هاشم سومروجي گھر ۾ جنم وٺندڙ ارشاد سومرو، پهريون شعر ” قصص الانبياء “ کي پڙهندي معراج جي واقعي تي لکيو، جيڪو اردوءَ ۾ هيو،
    ” جهنم کا عذاب سن کر، رسولِ خدا تڙپ گئي،
    هي وه رهنما قيامت مين، ” ناز “ خوشي سي جھوم گئي. “
    ان شعر ۾ / شروع شروع ۾ هن ناز تخلص استعمال ڪيو.
    ارشاد سومرو شاعريءَ جي باقاعده شروعات 1997ع کان ڪئي، هن ان وقت ” رخسار جوڻيجو “ جنهن لاءِ مشهور ڪيو ويو هيو ته هن جي اکين منجهان پاڻي/ڳوڙهن بدران خون/رت وهي ٿو، ته ارشاد ان جي بيماريءَ ۽ تڪليف کي محسوس ڪندي هڪ نظم ” گھڙِي غمن جي ڀاري آ “ لکيو ۽ اهو ئي سندس پهرين شاعريءَ جي مجموعي جو نانءُ بڻيو.
    ارشاد سومرو ڪڏهن پنهنجي من، ڪڏهن لوڪ جي ته وري ڪڏهن دل، ديس ۽ ديس واسين جي پيڙائن ۾ پيڙجندي، انهن پيڙائن کي پنن تي اڪاريو آهي، سندس پهرين تخليق ” وقت هاڻي تون رڪجي وڃ “ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجندڙ عورتن جي رسالي ” سرتيون “ جي آڪٽوبر/ نومبر 2004ع جي شماري ۾ ڇپي.
    ارشاد سومرو ڪنهن اديب شاعر کان نه پر، وقت، حالتن ۽ پنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي ( جنهن کيس پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ) کان متاثر ٿي غيراراديءَ طور شعر چوڻ شروع ڪيا، شاعري ۾ سندس ڪو به باقاعده استاد ته نه آهي، پر سندس شاعريءَ جي ٿوري گھڻي اصلاح امداد حسينيءَ صاحب جن ضرور ڪئي آهي. ارشاد سومرو جو ڇوڻ آهي ته ” آئون ڪيئن ٿي لکان؟ ان جي مون کي پاڻ کي به خبر نه پوندي آهي، بس شاعري لکجي ٿي وڃي، سنڌ سان ازل جو عشق آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ٿيل ظلم تي قلم خود بخود لکڻ لڳي ٿو، شاعريءَ ۾ قاعده ۽ ضابطه هوندا آهن، جن ۾ رديف ۽ قافين جو قيد به هوندو آهي ته وزن بحر جي ماپ تور به، مون پنهنجي شاعريءَ ۽ احساسن کي رديف ۽ قافين جي قيد ۾ قيد نه ڪيو آهي، منهنجي شاعري ديس، ديس واسين جي ۽ ڌرتيءَ تي ٿيل ظلمن جي دانهن آهي، ڀلا ماءُ پنهنجي ٻچڙي تي ۽ ٻچڙو پنهنجي ماءُ تي ٿيل ظلمن تي دانهيندو آهي ته ان وقت قافيه ۽ رديف ياد رهندا آهن ڇا؟ سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، مون به پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ٿيل نسورن ناحقن ۽ ظلمن تي فرياد ڪيو آهي، اسان جن کي گلن جا هار پارايا، اهي اڄ اسان جي وجود تي وار ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.“
    ايم اي، ايم ايڊ ارشاد سومرو شاھ جي شاعريءَ تي ايم فل ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته، ” ايم فل دوران ميڊم مفتيءَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ پوءِ وک وک تي گلبدن جاويد مرزا حوصله افزائي ڪئي، گلبدن سٺي دوست هجڻ سان گڏ سٺي رهنما به آهي، جڏهن منهنجو پهريون شعر ڇپيو ته مون مئگزين گھروارن کي ڏيکارڻ بدران لڪائي ڇڏي هئي، پر جڏهن 2011ع ۾ ويف وارن ” ڪل سنڌ عورت مشاعرو “ ڪرايو ته مون ” زيب ڀيو “ تي نظم پڙهيو ته پوءِ گھروارن کي خبر پئي ۽ اهي حيران به ٿيا.“
    ارشاد سومرو جي شاعري عبرت، سوڀ، سنڌ ايڪسپريس، سرتيون، مهراڻ، همسري، عبرت مئگزين، سنڌ ايڪسپريس سنڊي مئگزين، هزار داستان، امن، ديپ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي آهي، چيتوڻيڪ ارشاد سومرو جي سڃاڻپ شاعره طور آهي پر هن ڏهاڪو کن ڪهاڻيون به لکيون آهن، جن مان ست ” سرتيون “ ۾ ٻه ماهوار ” هزار داستان “ ۽ هڪ ٽماهي” مهراڻ “ ۾ ڇپيل اٿس. شاعري ۽ ڪهاڻين کان علاوه ڪالم، مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا اٿس. 2013ع ” اياز ڪانفرنس “ ۾ سندس پڙهيل مقالي کي ڪافي ساراهيو ويو، جيڪو بعد ۾ جون 2013ع ۾ سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيو.
    ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” شاعري اندر جي پيڙا آهي جيڪا لفظن جو روپ وٺي/ڌاري مظلوم جي ترجماني ڪري ته مضبوط آواز، هر شاعر/ليکڪ پنهنجي جاءِ تي بهترين آهي، هر شاعر/ليکڪ محنت سان پنهنجو ڪم ڪري پيو، باقي وقت ٻڌائيندو ته ڪنهن کي ڪيتري مڃتا ملي؟“
    شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ، بيبي بصري ( اڌ قلندر ) عبدالستار ايڌي، ڪتابن ۾ قصص الانبياءُ، شاھ جو رسالو، گلن ۾ موتيو، رنگن ۾ آسماني، موسمن ۾ برسات جي موسم ۽ صبح جو پھر پسند ڪندڙ ارشاد سومرو کي شهرت سٺي لڳندي آهي، سندس چوڻ موجب ” شهرت الله جي مرضيءَ کان سواءِ نه ٿي ملي، شھرت ملڻ آسان آهي پر ان کي قائم رکڻ اوترو ئي مشڪل آهي، لکڻ نه منهنجو شوق آهي نه وري مجبوري، بس پيڙائن جي پلن ۾ اندر جي احساسن کي پنن تي اوتيندي آهيان، جيڪو جنون جي حد تائين آهي.“
    ارشاد سومرو جي شاعريءَ ۾ عذابن، حسابن، خوابن، نون بابن، انمول رشتن، ويران ويڙھن، ريتن رسمن، کوکلن نعرن، ويڪو وڏيرن، لوليءَ ٻوليءَ، عورت جي عصمت، سنڌ جي عضمت، وقت جي فرعونن ۽ سنڌ جي سورن جون ڪهاڻيون، هجن ٿيون، سندس شاعريءَ جون هي سٽون پڙهو،؛

    * ڏوهي صرف عورت ئي آهي!؟
    مرد عورت کي صرف هڪ ئي نظر سان ڏسندو آهي،
    هيءَ صرف هڪ عورت آهي،
    عورت کي هڪ ئي پيماني ۾ توريندو آهي،
    هيءَ صرف ڏوهي ئي آهي،
    مردن جي خدائيءَ ۾
    هوءَ ناڪارده گناهن جي ڀوڳي ٿي سزا،
    هن جو گناھ اھو ئي آهي
    ته هوءَ هڪ عورت آهي،
    هت مرد جي جوڙيل قانون ۾
    ڏوھ صرف عورت جو آهي،
    مرد ته پيدائشي ئي پاڪ آهي،
    ڇو ته هو مرد آهي، هِن جو،
    هن کان شان وڏو آهي،
    ..............
    يا وري سندس هي سٽون...
    * جن جي وفا تي ناز هو مون هو مون کي
    جن لاءِ
    چاهتن جا چراغ جلايم
    محبت جي محفل سجايم،
    پيار جي پينگھ ۾ لوڏيم
    جن تي پنهنجي جان لٽايم،
    اڄ آهي انهن وٽ
    چهري تي مون لاءِ ڌڪار
    اکين ۾ نفرت جا شعلا
    زبان تي لفظن جا بم گولا،
    اِهي آهن اهي پيارا ماڻهو
    جن جي وفا تي ناز هو مون کي.
    .......................
    وڄ ٿري طبيعت جي مالڪ ۽ تنهائي پسند ڪندڙ ارشاد سومروجڏهن ڪجھ لکندي آهي ته پوءِ اٿندي ويهندي، گھمندي ڦرندي، سندس سوچ ۽ ذهن ۾ اهوئي موضوع پيو ڦرندو آهي، اها ڪيفيت تيسيتائين هونديس جيسيتائين اهو ڪجھ لکي نه وٺندي، دل کي پاڪ، خدا جو گھر، ڪڏهن ڪپھ کان نرم، ڪڏهن پٿر کان سخت، ڪڏهن محبت جو مندر ته ڪڏهن نفرت جودوزخ سڏيندڙ ارشاد سومرو زندگيءَ کي خدا پاڪ جو خوبصورت تحفو ۽ موت کي ڪڙي حقيقت اصل ۽ اصل مقام ڏانهن موٽي وڃڻ سڏي ٿي.
    بيڪن هائوس ۾ جاب، ايم فل ۾ داخلا ۽ اسڪالر شپ ملڻ کي خوشيءَ جا لمحا چوندڙ، محبت کي خدا جو عطيو سمجھندڙ ( جيڪو نصيب وارن کي نصيب ٿيندو آهي ) ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” محبت اها قوت آهي جيڪا پهاڙن کان به مضبوط ٿي ڪري، باقي جيڪا محبت ڪردار کي ڪمزور ڪري اها محبت ئي نه آهي ۽ نفرت اندر جي ڪروڌ، حسد ۽ ساڙ جو اهو سمنڊ آهي، جيڪو وقت اچڻ تي اٿلي ٿو پوي ۽ ٻين سان گڏ پاڻ کي به لوڙهيندو ۽ ٻوڙيندو آهي .“
    جيتوڻيڪ ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” مون کي ڪنهن کان به ڪا شڪايت نه آهي، باقي مون کان ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ته ان جي مون کي ڪا ڄاڻ نه آهي ۽ درد خدا جي اهڙي نعمت آهي، جيڪو ڪو به چورائي نه ٿو سگھي، درد انسان کي لوھ مان پارس ڪري ٿو،
    ” قدرت ڏني آ، درد جي دولت،
    ڪو نه ڪندو ڪو چوري هن کي “
    پر پوءِ به هوءَ اها شڪايت ڪري ٿي ته ” درد جو ڇو انت نه آ !؟“
    سندس هيءَ نئين ڪويتا پڙھو..
    * درد جو ڇو انت نه آ.
    تنهنجي يادن کي لوري ڏئي
    سمھاري هو ڇڏيو
    تنهنجي نانءَ جي پڙلاءَ تي
    ننڊ مان جاڳي پيون
    در و ديوار مان تنهنجي نانءَ جو
    پڙلاءُ اچي ٿو پيو
    تنهنجي يادن جون سرگوشيون
    ڪر موڙي اٿي آهن پيون،
    ڪيڏيون التجائون ڪيون
    يادن کي اٿم.
    خيالن ۾ اوچتو نه اينديون ڪيو،
    ايڏو به ڪنهن کي آزمائبو آهي ڇا ڀلا!؟
    ايڏو به ڪنهن کي تڙپائبو آهي ڇا ڀلا!؟
    ڪاش! يادن کي به ڪو موت اچي،
    سوريءَ تي چاڙهي سمهاري ڇڏيان
    ازل کان موت به سدائين
    حسرتن ۽ دردن تي کلندو آ پيو،
    جڏهن هر شيءَ جو انت آ،
    ته پوءِ هن ،
    درد جو ڇو انت نه آ !؟
    .........................

    سماجي تنظيم وومين ايڪشن فورم سان وابسته ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارتيءَ جي ليڊيز ونگ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” سنڌي سماج پنهنجي ليکڪن ۽ ليکڪائن جا ڪتاب پڙهي ئي ڪو نه ٿو، اسان وٽ ٻين ٻولين جو ادب پڙهڻ ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ جو رواج پئجي ويو آهي، ٻين ٻولين جا ادب پڙھڻ ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ وڏي فخر جو ڪم ٿا سمجھن، اسان جي سنڌي سماج ۾ اها احساسِ ڪمتري ختم نه ٿيندي، اسان پاڻ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ان جي اهميت کي نه سمجهنداسين ته پذيرائي ڪٿان ملندي؟ اها بيماري به پڙهيل لکيلن ۾ وڌيڪ آهي، هو سنڌي ليکڪن کي سڃاڻن ئي ڪو ٿا، هنن جا ٻار شاھ، سچل، استاد بخاري، شيخ اياز، خيرالنساءِ جعفري، مهتاب محبوب، شبنم گل، نسيم کرل ۽ ٻين کي ڪو نه ٿا سڃاڻن، باقي ٿورو گھڻو نورالهديٰ شاھ ۽ عبدالقادر جوڻيجو کي سڃاڻن سو به اردو ڊرامن جي ڪري.“
    تنقيد بابت ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” تنقيد جو مطلب آهي، ڪنهن به لکڻيءَ جي فني خوبين ۽ خامين جي پرک ڪرڻ، خوبين جي تعريف ڪري حوصله افزائي ۽ خامين جي نشاندهي ڪري اصلاح ڪجي، تنقيد متوازن هجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هت نانيءَ ويڙھو لڳو پيو آهي، منظورِ نظر ليکڪن جي لکڻين کي ساراھ جون پليون ٻڌي آسمان تي پهچائي، بهترين لکڻيءَ جي سند سان نوازنِ باقي ليکڪن جي چڱين ڀلين لکڻين جو به ٻيڙو ٻوڙي پاتال ۾ پهچائين، اهڙي تنقيد ڪير برداشت ڪندو، ايماندارانه ۽ غير جانبدارانه تنقيد تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو، ؟“
    ڏسڻ ۾ هڪڙا، اندر ۾ ٻيا، ٻٽو معيار رکندڙ ۽ ٻٽا رويا رکندڙ،منافقت ڪندڙن کي سخت نا پسند ڪندڙ ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” آءٌ پنهنجي ضمير جي مطابق لکندي آهيان، لکڻ کان پوءِ سڪون اچي/ملي ويندو آهي، رهي ڳالھ مطمئن جي ته ليکڪ ڪڏهن به پنهنجي لکڻيءَ مان مطمئن ڪونه ٿيندو آهي، “ ارشاد سومرو جو چوڻ آهي ته ” عورت خدا جي خوبصورت تخليق آهي، وجودِ زن سي هي کائنات مين رنگ، ۽ اڄ جي عورت، عزت، برابري ۽ جائز آزادي چاهي ٿي، هروڀرو جي ڇڙواڳي آزادي نه آهي، مردن جي معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتون عورت ليکڪائن کي ڀوڳڻيون پون ٿيون، پوءِ اهي گھر وارن جون هجن يا ٻاهر وارن جون، پهرين لکڻي منظر تي اچڻ ئي وڏي مشڪل ڳالھ آهي، پوءِ وري لکڻين تي عجيب رايا، ليکڪ کي مرد ۽ عورت جي ساهميءَ ۾ نه توريو وڃي، بس ليکڪ ئي سمجهيو وڃي، ملازمت ڪندڙ عورتن سان به پهريون الميو اهو آهي ته يا ته انهن کي ملازمت ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ملي، اگر اجازت ملي به وڃي ٿي ته پوءِ انهن کي عورت هجڻ جي ناتي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏنو وڃي، سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته مردن جي مقابلي ۾ اهميت گھٽ ٿي ملي، صلاحيتن کي اڀارڻ بجاءِ ختم ڪيو وڃي ٿو “
    سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ، مٽيءَ جي مهڪ جھڙي شاعره ارشاد سومرو جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا
    1. گھڙي غمن جي ڀاري آ. ( شاعري ) 2015ع
    2. پير پير جو پنهنجو پنڌ ( گڏيل شاعريءَ جو مجموعو) 2016ع
    3. درد جو ڇو انت نه آ !؟ ( نئين ڪويتا ) 2016ع
    منظرِ عام تي اچي / ڇپجي چڪا آهن جڏهن ته
    1. طوفانن جي ڇانو ۾ ( شاعري )
    2. لاش صرف سنڌ کي ئي ڇو ٿا ملن؟ ( ڪالم، مضمون ۽ مقالا )
    2017ع ۾ آڻڻ جو ارادو رکي ٿي،
    ادبي حوالي سان ته نه پر پيشيورانه حوالي سان هڪ سياسيپارٽِيءَ پاران ” بيسٽ ٽيچر ايوارڊ “ ۽ سندس اداري پاران پنج ساله ۽ ڏھ ساله مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيندڙ ارشاد سومرو جي شاعري شريف عباسي، ممتاز ميمڻ، سرمد اياز، مراد يوسف ۽ ٻيا فنڪار ڳائي چڪا آهن.

    ( ماهوار سنڌيا ۾ ڇپيل ڊسمبر 2016 )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو