1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

الوداع ـ اي پيار توکي الوداع

'تعارف' فورم ۾ رشيد الله زهراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2016۔

  1. رشيد الله زهراڻي

    رشيد الله زهراڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2013
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    الوداع ـ اي پيار توکي الوداع


    ارنيسٽ هيمنگوي



    A Farewell To Arms


    ناول
    قسط ـ 1


    سنڌيڪار: رشيدالله زهراڻي ـ ڪراچي

    ٻي مهاڀاري لڙائي جي پس منظر ۾ لکيل جڳ مشهور آمريڪي ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جي شاهڪار جنگي ۽ عشقيه ناول ”اي فيئرويل ٽو آرمس“ جو سنڌي ترجمو.

    هي ناول مجموعي طور تي 41 بابن تي مشتمل آهي مون ان جو سنڌيءَ ۾ مڪمل ترجمو ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن ڪو به پبلشر دوست ان کي شايع ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ته اهو مون سان رابطو ڪري سگهي ٿو 03312164305











    ڪتاب پهريون
    1
    ان سال جي پوئين اونهاري دوران اسان هڪڙي ڳوٺ جي گهر ۾ رهائش پذير هئاسين جيڪو درياه ۽ جابلو ميدان جي آرپار ڏيکارجي رهيو هو. درياه جي تري ۾ ڪنڪر ۽ وڏا پٿر پيل هئا، اهو سج جي روشنيءَ ۾ خشڪ اڇاڻ مائل ڏيکارجي رهيو هو، ان جو پاڻي ڪافي صاف هو جيڪو تيز رفتاري سان وهي رهيو هو، اهو تنگ آبي رستن ۾ نيرو نظر اچي رهيو هو. گهر جي ڀرکان ۽ هيٺيين رستي ڏانهن فوجي جٿن جو گذر ٿي رهيو هو انهن جي حرڪت جي ڪارڻ اڏامندڙ مٽي وڻن جي پنن ۾ رائي جي صورت ۾ ڄمي ويئي. انهن وڻن جا ٿڙ به مٽيءَ هاڻا ٿي ويا هئا ۽ ان سال وڻن جا پن به وقت کان پهريان ڇڻي رهيا هئا، اسان فوجي جٿن کي رستن تان گذرندي، ڌوڙ اڏائيندي ڏٺو، جڏهن ته، تازي هوا جي جهونڪن جي ڪارڻ وڻن جا پن تيزيءَ سان لڏي ۽ ڇڻي رهيا هئا ۽ فوجي جٿا اڳتي وڌي رهيا هئا، هلندي هلندي رستا ايترا ته ويران ٿي ويا جو انهن تي سواءِ ڇڻيل پنن جي ٻيو ڪجھ به نظر نه پئي آيو. ميدان سرسبز کيتن سان شاداب هو، اتي ميون جي وڻن وارا ڪيترائي باغ موجود هئا ۽ ميدان کان پرڀرو خاڪ رنگي ويران جبل هئا. جبلن ۾ ممڻ متل هو ۽ رات جي وقت ۾ جنگي سازو سامان سان ليس ويڙهاڪ فوجين پاران هلايل هٿيارن جا چمڪاٽ ڏيکارجي رهيا هئا. انڌ انڌوڪار ۾ اونهاري جي کنوڻين جهڙا کيج پئي لڳا، پر راتيون ٿڌيون هيون ۽ ڪنهن طوفان جي آمد جو ڪو امڪان ڪونه پئي محسوس ٿيو. اونداه ۾ اسان کي دريءَ جي هيٺان فوجي جٿن جي گذرڻ ۽ موٽر وارن ٽريڪٽرن وسيلي وڏي جنگي ساز و سامان کي گهلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. رات جي وڳڙي ۾ ڪافي ٽريفڪ هئي ۽ رستن تي ڪيترائي خچر هلي رهيا هئا جن جي پاکڙن جا ٻئي پاسا گولي بارود سان ڀريل هئا ۽ خاڪي ٽرڪون هيون جيڪي ماڻهن کي کنيو پئي ويون، ۽ ٻيون ٽرڪون جن تي وزنائتو سامان سٿيل هو ۽ اهي وڏي ڪپڙي سان ڍڪيل هيون، جيڪي ٽريفڪ ۾ ڌيمي ڌيمي هلي رهيون هيون. ڪافي وڏيون بندوقون به هيون جيڪي ٽريڪٽر وسيلي گهلجندي گذري رهيون هيون، بندوقن جون ڊگهيون ناليون ساون پنن وارين ٽارين سان ڍڪيل هيون ۽ ٽريڪٽرن جي مٿان انگوري ول ڏنل هئي. اتر پاسي اسان ڪنهن واديءَ جي آرپار ڏسي پئي سگهياسين ۽ اتي اسان کي شاه بلوط جا وڻ پئي نظر آيا ۽ انهن جي پويان درياه جي اورئين پاسي اسان کي هڪڙو ٻيو جبل به ڏيکارجي رهيو هو. ان جبل جي خاطر پڻ ويڙه وڙهي ويئي هئي، پر اها ناڪاميءَ جي ور چڙهي ويئي، ۽ خزان جي موسم ۾ جڏهن مينهن پوڻ لڳا شاه بلوط جي وڻن جا سمورا پن ڇڻي ويا ۽ انهن جون ٽاريون اجڙي ويون ۽ برسات جي ڪري انهن جا ٿڙ ڪاراٽجي ويا. انگورن جا فصل سنهڙا ٿي ويا ۽ انهن جون ڏانڊيون پڻ اجڙِي ويون ۽ سارو ڏيھ خزان جي ڪري گهم، موت ۽ خاڪ سان سراپجي ويو. درياه جي مٿان ڌنڌ ڇائنجي ويو ۽ جبلن تي ڪڪر ۽ ٽرڪين رستن تي گپ جا ڦهنگا ڦهلائي ڇڏيا، ۽ فوجي جٿا پنهنجي ٽوپلن سميت گپ ۾ آلا ٿي ويا، ٽوپلن جي هيٺان انهن جون رائفلون ۽ انهن جي پٽن جي اڳيان لٽڪيل چمڙاوان ڪارتوسن وارا ٿيلها پڻ آلا ٿي ويا هئا، ساڍن ڇهن سُوتن وارن ڪارتوسن سان ڀريل لاتعداد سنهڙين ميخن وارا خاڪ رنگي ڳرا ٿيلها، انهن ٽوپلن جي هيٺان اهڙي نموني ٻاهر نڪري رهيا هئا، جو رستن تان گذرندڙ، اهي فوجي جٿا ايئن هلي رهيا هئا ڄڻ اهي پنجين مهيني پيٽ سان هجن. اتي سياهي مائل سفيد رنگ جون موٽر واريون ڪارون هيون جيڪي تيزيءَ سان گذري رهيون هيون، انهن ڪارين ۾ اڪثر طور تي ڊرائيور جي سِيٽ جي ڀرسان هڪڙو آفيسر ويهندو هو ۽ گهڻا تڻا آفيسر پوئين سيٽ تي ويهندا هئا.، انهن ڪارين ته ٽرڪن کان به ويتر وڌيڪ گپ پئي ڦهلائي ۽ اتي پوئين سيٽ تي جيڪڏهن ڪو ڊينبو آفيسر ٻن سپھ سالارن جي درميان ويٺل هوندو ته اهو پاڻ سر ايترو ته بي قدو هوندو جو توهان کي صرف ان جي ٽوپي ۽ ننڍڙي پٺي ئي نظر ايندي، ۽ جيڪڏهن ڪار خاص طور تي تيز رفتار هلندي هجي ته يقين ڪجو اهو ڪو شهنشاه هوندو. هو يُوڊائين جو رهاڪو هوندو هو ۽ هو ان ڳالھ جو جائزو وٺڻ لاءِ ته معاملا ڪيئن هلي رهيا آهن، هيڏانهن ڀيرو ڀريندو رهندو هو ۽ معاملا ڪافي خراب هئا. سياري جي شروعات ۾ مستقل وسڪارو اچي ڏوٽيو وري وسڪاري سان گڏ پيچش جي بيماري ڦهلجي ويئي. پر ان تي قابو پاتو ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ فقط ست هزار فوجي جوان زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺا.

    2
    ٻئي سال ڪافي فتحون ڪيو ويون. واديءَ ۽ ٽڪرين جي ڀرسان وارو پهاڙ جتي شاه بلوط جو جهنگ پيدا ٿي ويو هو ان تي غلبو پاتو ويو ۽ ڏکڻ پاسي مٿاڇري ميدان کي پڻ فتح ڪيو ويو، ۽ اسان آگسٽ جي مهيني ۾ درياه پار ڪيوسين ۽ گورِيزيا (Gorizia) ۾ هڪڙي گهر ۾ ٽڪياسين جتي هڪڙو پاڻيءَ جو چشمو ۽ ڪافي گهاٽي ڇانو وارا وڻ هئا ۽ گهر جي پاسي کان ڄمونءَ جي رنگ جهڙيون وِسٽيريائي نسل جون انگور جو وليون هيون. هاڻي جنگ هوڏانهن جبلن ۾ هلي رهي هئي جيڪي هڪڙو ميل به مس سان دور هئا. قصبو ڪافي دلڪش هو ۽ اسان جو گهر به عمدو هو. اسان جي پويان درياه وهي رهيو هو، اهو قصبو ڪافي خوشنمائي سان هٿيڪو ڪيو ويو هو پر ان کان پريان وارا جبل اڃا فتح ڪو نه ٿي سگهيا هئا ۽ مان ڪافي گد گد ٿي رهيو هوس ڇاڪاڻ جو ڏسڻ ۾ پئي آيو ته جيڪڏهن جنگ رڪجي ويئي ته آسٽريائي ماڻهو واپس قصبي ڏانهن اچڻ وارا هئا، ڇاڪاڻ جو حملي آورن ان تي تباه ڪن بمن جا حملا ڪو نه ڪيا هئا پر ٿورو گھڻو فوجي انداز وارو حملو ڪيو هو. اتي ماڻهو آباد هئا ۽ اتي شفاخانا هئا ۽ ڪيفيز هئا ۽ مٿاهين ڳلين ۾ آرٽيلري (وڏي جنگي ساز وسامان وارو فوجي دستو) رهندي هئي ۽ اتي جسم فروشيءَ جا ٻه اڏا هئا، هڪڙو فوجي جٿن لاءِ ۽ ٻيو اعليٰ عملدارن لاءِ، ۽ اونهاري جي آخر ۾، سرد راتين جو اچڻ ، قصبي جي پويان جبلن ۾ جنگ جو جاري هئڻ ، ريلوي جي پُل جو گولن جي نشانن جهڙو لوهو، درياه جي ڪري بريءَ طرح ٽٽل سرنگ جتي جنگ هلي رهي هئي، چورنگيءَ جي چوگرد وڻ ۽ وڻن جون ڊگهيون گذرگاهون جيڪي چورنگيءَ جي طرف وڃي رهيون هيون، اهي وڻن جو قطارون قصبي جي ڇوڪرين سان گڏ، بادشاه جو پنهنجي ڪار ۾ اتان گذرڻ، ڪنهن ڪنهن محل پنهنجي منهن ۽ ڊگهي ڳچيءَ واري بدن ڏانهن نهارڻ ۽ ٻڪري جي ٻُچ جهڙي ان جي گهري سرمئي ڏاڙهي، اهو سڀ ڪجھ ۽ گهرن جا داخلي رستا جن جون ديوارون گوليباريءَ جي ڪري ڊهي پيون هيون، انهن جي باغن ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهٽين ۾ پيل پليستر ۽ ملبو ۽ ڪارسو (Carso) ۾ سڀ ڪجھ معمول موجب هئڻ، خزان جي موسم کي گذريل سال جي بنسبت مختلف بڻائي ڇڏيو جڏهن اسان ملڪ ۾ موجود هوندا هئاسين. جنگ به بدلجي ويئي هئي.
    قصبي کان پرانهون پهاڙن تي واقع شاه بلوط جي وڻن جو ٻيلو غائب ٿي ويو هو. اونهاري ۾ جڏهن اسان قصبي ۾ آيا هئاسين ان وقت اهو ٻيلو سائو ستابو هو پر هاڻي وڻن جي ٿڙن ۽ ٽٽل ٽارين جا ڍڳ پيا هئا ۽ ميدان ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ هڪڙي ڏينهن جڏهن خزان موڪلائي ويئي هئي جڏهن مان ٻاهر ويو هوس مون پهاڙ جي مٿان ڪڪر کي ايندي ڏٺو هو. اهو ڪافي تيزيءَ سان آيو ۽ سج مدهم پيلو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هر شيءِ ميٽاهين ٿي ويئي ۽ آسمان ڍڪجي ويو ۽ ڪڪر جبل تي هيٺ اچي بيٺو ۽ اچانڪ اسان ان ۾ گهڙي پياسين ۽ پوءِ برفباري ٿيڻ لڳي، ۽ برفباري هوا جي چوگرد جهڪي ٿي ويئي، اجڙيل ميدان ڍڪجي ويو، وڻن جا ٿڙ اڀا ٿي ويا، بندوقن تي برف ڄمي ويئي ۽ ان برف ۾ رستا هئا جيڪي خندقن جي پويان اٿ ويھ وارين جاين ڏانهن وڃي رهيا هئا.
    بعد ۾ قصبي جي هيٺان، مون برفباري ڏٺي، جسم فروشي واري اڏي جي هڪڙي گهر جي کڙڪيءَ مان نهاريندي، جيڪو اعليٰ عمدارن لاءِ مخصوص هو، اتي مان پنهنجي هڪڙي دوست سان گڏ ويٺو هوس اسان جي آڏو ٻه گلاس پيل هئا اسان اطالوي شراب آستي پي رهيا هئاسون، ۽ ٻاهر آهستي آهستي وسندڙ برف کي ڏسي رهيا هئاسين، اسان ڄاتو پئي ته ان سال لاءِ ڪافي برفباري ٿي چڪي هئي. درياه جي پاسي کان موجود جبلن تي اڃا قبضو ڄمي ڪو نه سگهيو هو. اهو سڀ ڪجھ آئنده سال جي لاءِ ڇڏيو ويو هو. منهنجي دوست اسان جي ميس کان پادري کي ڏسي ورتو جيڪو گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هو، هو پگهريل برف مان ڪافي احتياط سان گذري رهيو هو، منهنجي دوست دريءَ کي زور سان ڌڪ هنيو ته جيئن پادري اسان ڏانهن متوجھ ٿي سگهي. پادري اسان ڏانهن نهاريو. منهنجي دوست هن کي اسان ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو. پادري پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندي اڳتي لنگهي ويو. ان رات ميس ۾ ڳوهيل اٽي مان بڻايل سيون کائڻ واري مرحلي پڄاڻان، جن کي هرهڪ ڪافي ڳنڀيرتا ۽ تڪڙ وچان کاڌو، سين کي ڏندائين چمچي وسيلي ايئين پئي ڦاسائي کنيائون جيئن انهن جو ڍريون لڙهيون لڙڪي بيهن تهان پوءِ انهن کي وات جي مٿان جهڪايائون پئي، ڪجھ فوجي وري لڳاتار طريقي سان کڻندي وات ۾ وجهندا پئي ويا اسان شراب پيئڻ دوران پنهنجي مدد پاڻ ڪري رهيا هئاسين ڇاڪاڻ جو اسان کي اهو گاه سان ڍڪيل گيلن ۾ رکيل ننڍڙين سوڙهين ڳچين وارين صراحين مان ٻاهر اوتڻو پئي پيو، اهي بوتلون هڪڙي ڌاتوئي هندوري ۾ لڏي رهيون هيون ۽ اسان کي صراحي جي ڳچيءَ کي آڱرين سان ڇڪڻو پئي پيو، جنهن مان مازي يا ڪسي جي تيزاب مان ٺهيل شراب کي ساڳي ئي هٿ سان جهليل گلاس ۾ اوتيوسين، هن سلسلي کانپوءِ، ڪپتان پادريءَ کي سندس منشا تي ڇڏي ڏنو.
    پادري نوجوان هو ۽ با آساني هن جي چهري جي رنگت شرم کان سرخ ٿي ويندي هئي، هن کي اسان جهڙي ئي وردي پاتل هئي پر هن جي ڊگهي سرمئي جُبي جي کاٻي پاسي واري کيسي کان سرخ گِهرو مخملي صليب جو نشان لٽڪيل هوندو هو. ڪپتان منهنجي مشڪوڪ فائدي لاءِ، مخلوط اطالوي ڀاشا ۾ ڳالهائيندو هو ته جيئن مان چڱي چوکي نموني سمجهي وڃان ۽ ڪابه شيءِ ضايع نه ٿي سگهي.
    ”اڄ پادري ڇورين سان گڏ هو،“ ڪپتان مون ڏانهن ۽ پادريءَ ڏانهن نهاريندي چيو. پادري مسڪرائي ڏنو ۽ لڄي ٿي ويو ۽ پنهنجو مٿو ڌوڻيائين. هي ڪپتان اڪثر طور تي هن تي طنز ڪندو رهندو هو. ”ڇا مان صحيح ناهيان؟“ ڪپتان پڇيو. ”اڄ مان پادريءَ کي ڇورين سان گڏ ڏٺو“. ”نه“. پادري جواب ڏيندي چيو. ٻيا عملدار اهڙي طنز تي ٻهڪي پيا. ”پادري ۽ ڇورين سان گڏ نه هجي“، ڪپتان چوندو رهيو. ”پادري ڪڏهن به ڇورين سان گڏ نه هوندو،“ هن بيان ڪندي مون کي چيو. هن منهنجو گلاس سوري ان کي ڀري ڇڏيو، هر وقت منهنجي اکين ڏانهن نهاريندو رهيو، پر پادري مان به نظر نه پئي ڪڍيائين.
    ”هڪڙو پادري هر رات پنجن پنجن سان گڏ.“ ميزن تي ويٺل هر ماڻهو مسڪرائيندو رهيو. ”توهان سمجهو ٿا؟ پادري هر رات پنجن پنجن سان گڏ.“ هن هڪڙي قسم جو اشارو ڪندي چيو. پادري ان کي هڪڙي لطيفي طور قبول ڪيو. ”پاپاءِ اعظم (پوپ) چاهي ٿو ته آسٽريا جنگ ۾ سوڀارو ٿئي،“ ميجر چيو. ”هو فرانز جوزف کي چاهي ٿو. اتان پئسو ملي ٿو. مان دهريو آهيان.“ ”ڇا توهان ’بليڪ پِگ‘ پڙهيو آهي.“ ليفٽيننٽ چيو. مان توهان کي ان جو نقل ڏيندس. ان منهنجي ايمان کي ڌوڏي ڇڏيو.
    ”اهو گندو ۽ قابلِ اعتراض ڪتاب آهي،“ پادريءَ چيو. ”تون واقعي ان کي پسند نه ٿو ڪرين.“ ”اهو ڪافي اهميت جوڳو آهي.“ ليفٽيننٽ چيو. ”ان ۾ اهڙي قسم جي پادرين بابت بيان ڏنو ويو آهي. توکي پسند ايندو،“ هن مون کي چيو. مون پادريءَ تي مسڪرائي ڏنو ۽ هن پڻ موم بتيءَ جي روشنيءَ جي آرپار مسڪرايو. ”ڇا تو نه پڙهيو آهي،“ هن چيو. ”مان تو لاءِ کڻي ايندس،“ ليفٽيننٽ چيو. ”سمورا سوچيندڙ انسان دهريا هوندا آهن،“ ميجر چيو. ”ليڪن مان فري ميسنن ( :Freemasonsهڪڙي بين الاقوامي نظام جو رڪن جيڪو باهمي مدد ۽ رفاقت لاءِ قيام ۾ آندو ويو ۽ مفصل رازداراڻيون رسمون منعقد ڪندو آهي) کي ڪو نه ٿو مڃان.“ ”مان فريميسنن (Freemasons) کي مڃان ٿو“. ليفٽيننٽ چيو. ڪو اندر گهڙي آيو ۽ جيئن ئي دروازو کليو مون کي ٻاهر برفباري نظر آئي. ”هاڻي ڪا جارحيت نه ٿي سگهندي ڇاڪاڻ جو برفباري ٿي رهي آهي.“ مون چيو. ”بلڪل نه ٿيندي.“ ميجر چيو. ”توکي موڪل تي وڃڻ گهرجي. توکي روم، نيپلز يا سِسلي وڃڻ گهرجي.“ ”هن کي اَمالفِي ڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ليفٽيننٽ چيو. مان توکي امالفي ۾ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪارڊ لکي ڏيندس. اهي توکي پٽ سمجهي پيار ڪندا.“ ”هن کي پالِيريمو ڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ”هن کي ڪيپري ڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ”مان چاهيان ٿو ته تون ابرُوزِي ڏانهن وڃ ۽ اتي ڪيپاراڪوٽا ۾ منهنجي خاندان سان مل،“ پادريءَ چيو. ”هن کي ٻڌو ابرُوزي جو ٿو چوي. اتي ته هتان کان به وڌيڪ برفباري ٿيندي آهي. هن کي هارين سان ملڻ جو ڪو شوق ڪونهي. هن کي ثقافت ۽ تهذيب جي مرڪز ڏانهن وڃڻ ڏيو. ”هن وٽ زبردست ڇوريون هئڻ گهرجن. مان توکي نيپلز ۾ جاين جا ڏس پتا ڏيان ٿو. اتي سهڻيون ڇوڪريون پنهنجي مائرن سان گڏ اينديون آهن. ها! ها! ها!“ ڪپتان پنهنجا هٿ ڦهلائي ڇڏيا، آڱوٺن سان ڪاميابيءَ جو اشارو ڏيندي، هن پنهنجون آڱريون ايئن ڦهلايون جيئن توهان پاڇولن واريون تصويرون جوڙيندا آهيو. هن جي هٿ جو پاڇو ديوار تي ٺهي بيٺو. هن هڪ دفعو ٻيهر مخلوط ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تون هيئن وڃ“، هن آڱوٺي ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”۽ هينئن موٽي اچ،“ هن چيچ کي ڇهندي چيو. هرڪو کل ۾ ويڙهجي ويو. ”ڏس،“ ڪپتان چيو. هن هڪ دفعو ٻيهر هٿ کي ڦهلايو. هڪ دفعو ٻيهر موم بتي جي ڪري ان جو ديوار تي پاڇو ٺهي بيٺو. هن آڱوٺي کي سڌو ڪندي چيو ۽ آڱوٺي ۽ چئن آڱرين جا ترتيبوار نالا ٻڌائڻ لڳو ”سوتوتينيت (آڱوٺو)، ”تينيت“ (ڏسڻي آڱر)، ”ميگِي اور“ (وچين آڱر)، ۽ ”تينينت ڪولونيلو“ ( ٻاچ). ليفٽينٽ تون هليو وڃ ۽ سوير موٽي اچجانءِ“. سڀيئي کل ۾ ويڙهجي ويا. ڪپتان آڱرين واري راند ۾ ڪافي سڦلتا ماڻي رهيو هو. هن پادريءَ ڏانهن ڏسي دانهن ڪئي، ”پادري هر رات پنجن پنجن سان گڏ!“ سڀيئي فوجي وري ٽهڪن ۾ ويڙهجي ويا. ”تون جلدي موڪل ڪري هليو وڃ،“ ميجر چيو. ”مان به توسان گڏجي هلڻ چاهيان ٿو ۽ توکي ڪي شيون ڏيکاريندس.“ ليفٽيننٽ چيو. ”موٽ تي مون لاءِ فونوگراف آڻجانءِ“. ”ڪا سٺي اوپيرا (ناٽڪ) جي ڊسڪ آڻجانءِ.“ ”ڪارُوسو (اطالوي راڳ) آڻجانءِ.“ ”ڪاروسو نه آڻجانءِ. هي رڙيون ڪندو آهي.“ ”ڇا تون به هن وانگي روئڻ ۽ پٽڻ چاهين ٿو؟“ ”هي دانهون ڪندو آهي. مان چوان ٿو هي دانهون ڪندو آهي!“ ”مان توکي چوان ٿو ته تون ابرُوزي ڏي وڃ،“ پادريءَ وڏي واڪي چيو. ٻيا پڻ رڙيون ڪري رهيا هئا. ”اتي خاشو شڪار هوندو آهي. توکي ماڻهو وڻندا جيتوڻيڪ اتي ٿڌ پوندي آهي پر پوءِ به اتي چٽائي ۽ خشڪي هوندي آهي. تون منهنجي خاندان وٽ ترسي سگهين ٿو. منهنجو بابو مشهور شڪاري آهي.“ هاڻي ڇڏيو انهي ٻائيتال کي“. ڪپتان وراڻيو. ”اسان کي حُسن جي بازار ڏانهن هلڻ گهرجي ان کان اڳ ۾ جو اها ڪٿي بند نه ٿي وڃي.“ ”چڱو شب خير.“ مون پادريءَ کي چيو. ”شب خير.“ پادري وراڻيو.
     
    بختاور ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    525
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,278
    ورتل پسنديدگيون:
    26,707
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو

    پبلشرن ته مرضي جا مالڪ آهن. باقي جي اوهان ترجمو اسان کي ڏيندا ته اسان اوهان جي نالي سان ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪري سگهون ٿا. جتي کوڙ دوستن جا اڻڇپيل ڪتاب اپلوڊ ٿيل آهن.
     
  4. رشيد الله زهراڻي

    رشيد الله زهراڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2013
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
     
  5. رشيد الله زهراڻي

    رشيد الله زهراڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2013
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53

هن صفحي کي مشهور ڪريو