درد جي تپش

'ڪهاڻيون' فورم ۾ امير عدنان طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2016۔

  1. امير عدنان

    امير عدنان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    500
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    Jurist
    ماڳ:
    ڪراچي
    (سنڌيا مئگزين ڊسمبر 2016 جي ايڊيشن ۾ درد جي تپش جي عنوان سان منهنجي پهرين ڇپيل مختصر ڪهاڻي)
    _____________________________________________________________
    زندگي ۾ انسان کي مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرڻو پوندو آهي. مائي ڪلاچي جي شهر ڪراچي ۾ زندگي جي سفر جي شروعات اڪيلي سر رهائش سان ڪئي هئي، ڇڙي يا اڪيلي سر رهڻ جي مرحلي دوران فرد کي مرد سان گڏ عورت، ٻار، مالڪ، نوڪر وغيره وغيره جهڙا ڪردار به ادا ڪرڻا پون ٿا. سو منهنجو به زندگيءَ جي ان مرحلي دوران انهن سڀني ڪردارن کي نڀائيندي هڪ مصروف ۽ ٿڪائيندڙ وقت گذريو. ڳچ وقت ڇڙائپ جو گذارڻ کانپوءِ نيٺ گهر وارا نه نه ڪندي لاڙڪاڻي کان ڪراچي شفٽ ٿيا. گهر وارن جي اچڻ سان روزمره جي مصروفيتن ۾ بدلاءُ آيو ۽ ڪافي مصروفيتن کان هٿ کڄيو, ائين کڻي چئجي جيڪو گھرداري وغيره وارو ڪردار ادا ٿي رهيو هو سو غير فعال ٿي ويو هو. جنهن سان معمولات آسان ٿي ويا هئا. ان آرام ۽ آسائش جي ڪيفيت واري مرحلي جو اهو اثر ٿيو جو منهنجو جسماني وزن ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو. جنهن جسماني چستي ۽ چر پر کي محدود ڪري ڇڏيو هو. ان محدوديت جي تنگي کي محسوس ڪندي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو, جنهن لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ هلڪي ڦلڪي ڪثرت جو سوچيو پر پاڙي ۾ پنڌ لاءِ ڪو مناسب گس موجود نه هو، اهو مسئلو ان سوچ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ رنڊڪ بڻجي رهيو هو، پر ان تنگي کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو به پڪو پهه ڪيو هو. سو ننڍي ڀاءُ جهانگير سان صلاح ڪئي ته پاڙي ۾ پنڌ لاءِ مناسب گس جي اڻ هوند آهي. ٻئين ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته گهر کان ڪجهه پرڀرو ڊفينس جي پاڙيسري فيز ۾ موجود نثار شهيد پارڪ جي پنڌ واري گس جو استعمال ڪجي، نثار شهيد پارڪ سواري جي پنڌ تي هو سو ان لاءِ جهانگير جي روزانو جي بنياد تي مدد ۽ وقت جي ضرورت هئي ڇاڪاڻ جو مان ڪنهن به قسم جي ڊرائيوري ڪونه ڄاڻان سو بائيڪ جي سوار طور هن جو ساٿ لازمي گهربل هو. سو ائين سومهڻي جي وقت روزاني پنڌ جي ترتيب ٺاهي ان تي عمل شروع ڪيو. پارڪ جي پنڌ ۽ ماحول ڪجهه ڏينهن۾ ئي طبعيت ۾ وڻندڙ تبديلي کي جنم ڏنو.
    پنڌ جي ترتيب ۽ ابتدا ڪجهه اهڙي وقت ۾ ڪئي هئي جو ڪجهه ڏينهن ۾ ڊسمبر پنهنجي سرد ڏينهن ۽ ڪارين راتين سان شروع ٿي ويو، ڊسمبر رڳو سرد ڏينهن ۽ ڪاري راتين جي ڪري ئي مشهور ناهي پر هن جو عشق ۽ ان جي مکيه ڪردارن عاشق ۽ معشوق لاءِ درد ۽ اڪيلائين جي ڪيفيتون پيدا ڪرڻ سان گڏ ويرين ۽ جدائين جهڙن عملن جي جنم ڏيڻ جي حوالي سان به وڏو نانءُ آهي. ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي محبوب سان ملڻ جو شديد احساس جنم وٺندو آهي، پر تاريخ گواه آهي ته ڊسمبر هميشه عشق ڪندڙن جا جذبا پنهنجي سرد صفتي تحت سرد ڪري گذري ويندو آهي. جيڪڏهن ڪوئي جذبن ۽ احساسن جي امتحان جو اميدوار نه هوندو آهي ته به ان کي پنهنجي سرد هوا جي جهونڪن ذريعي جهوري بيمار ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي.
    هڪ طرف سردي پنهنجي رفتار سان ڏينهنون ڏينهن وڌي رهي هئي ته ٻئي طرف اسان جو پنڌ ڪرڻ جو جذبو به پوري جوش سان جاري ۽ ساري هيو. ڊسمبر جي سردي جو مقابلو يا ته مان ڪري رهيو هئس وزن گهٽائڻ جي جوش ۾ يا وري پارڪ جي پارڪنگ ايريا ۾ سنڌي ٽوپي پهريل پارڪنگ جي نگراني لاءِ مقرر نوجوان ڪري رهيو هو، جيڪو ٿڌ جي پرواه ڪرڻ بنا بغير سوئيٽر مفلر جي کليل پارڪنگ ايريا ۾ هر وقت سادن ڪپڙن ۾ ڊيوٽي تي هوندو هو.
    “جوان گرم پوشاڪ جي اوڍه ڪر، سردي وڌي وئي آ ڪافي” نيٺ هڪ ڏينهن واپسي وقت بائيڪ تي سوار ٿيندي سنڌي ٽوپي ۽ سادن ڪپڙا پهري پارڪنگ ايريا ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ نوجوان کي چيو، پر هو منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي
    ڪري خاموش رهيو.
    “هن نوجوان کي ڏسين ٿو ته سخت سردي ۾ سادن ڪپڙن ۾ ٿڌ کان بي پرواه لڳو بيٺو آ” مان ننڍي ڀاءُ جهانگير کي
    چيو.
    “ها ادا بلڪل هن کي ٿڌ جي پرواه ئي ناهي” جهانگير مونسان اتفاق ڪيو.
    “سڀاڻي انشاءالله هن سان حال احوال ڪندس” مان نوجوان کان ان لاپروائي جي وجه ڄاڻڻ جي ارادي بابت ٻڌايو.
    “ها ادا ضرور پڇوس، جئين پتو ته پوي، جيڪڏهن گرم ڪپڙا وغيره وٺڻ جي طاقت ناهي ته کيس وٺي ڏيونس، نيڪي جو ڪم آهي.” جهانگير مونسان اتفاق ڪندي چيو.
    “ٺيڪ آ سڀاڻي هن سان حال احوال ڪيون ٿا” مون چيو.
    ٻئي ڏينهن پارڪ پهچڻ تي جهانگير بائيڪ هڪ طرف ڪرڻ لڳو ته مان نوجوان طرف وڌيس.
    “اسلام عليڪم” سلام ڪري هٿ ملايومانس.
    “وعليڪم سلام” نوجوان سلام جو جواب ڏنو.
    “مٺا تنهنجو نالو ڇا آهي” مان هٿ ملائيندي پڇيومانس.
    “امتياز” نوجوان مختصر جواب ڏنو.
    “امتياز هن وقت ايندڙن ويندڙن جي گاڏين جي اچ وڃ لڳل آهي، پنڌ ڪرڻ کان فارغ ٿيان ته پوءِ ٿوري دير گڏ
    ويهنون ٿا. اڄ توسان ڪچهري ڪرڻي آهي” مان امتياز جا هٿ هٿن ۾ وٺي چيو.
    “ڀلي” امتياز وري مختصر جواب ڏيندي هائوڪار ڪئي.
    پنڌ پورو ڪري مان امتياز ڏانهن آيس، ايندڙن ويندڙن جي رش گهٽ ٿيڻ ڪري امتياز هاڻي اسٽول تي ويٺو هيو.
    مونکي ايندو ڏسي هن هڪ اسٽول سوري سڌو ڪري رکيو.
    “ڪهڙا حال آهن” مان اسٽول تي ويهندي چيو.
    “ٺيڪ آهيان” امتياز جواب ڏنو.
    “اسان ڪجهه دوستاڻي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن توکي اعتراض نه هجي” مان ڪچهري ۾ قربت پيدا ڪرڻ لاءِ پڇيو.
    “ها بلڪل” امتياز جي مختصر جوابن جو سلسلو جاري رهيو.
    “سڀ کان پهريون اهو ٻڌاءِ ته هيتري سردي ۾ تون ڪا گرم پوشاڪ ڇو نه اوڍهي آهي” مان امتياز کان هن ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائيندڙ نقطي بابت ڳالهه سان ڪچهري جي شروعات ڪئي.
    “سيءُ ٿئي ئي ڪونه ٿو ان لاءِ” امتياز مون ڏانهن نهاريندي چيو.
    “اهو ڪئين ممڪن آهي، سردي آهي هيتري ۽ توکي سيءُ ڪونه ٿو ٿئي اها به ڪا مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي” مان سندس جواب تي اعتراض واريندي چيو.
    “يار! واقعي ڪونه ٿو ٿئي سيءُ” امتياز پهريون دفعو هجت واري انداز ۾ جواب ڏنو، پر مان هن سان مسلسل پنهنجي هجائتي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هئس.
    “هن نوڪري مان گذارو ٿي ويندو آهي” پڇيومانس.
    “ها ٿي ويندو آهي، اڪيلو سر آهيان” امتياز جواب ڏنو.
    “اڪيلو سر ڇو، والدين، ڀاءُ، ڀيڻ، شادي ٿيل اٿو...ٻار ٻچا” مون کوڙ سوال هڪ ئي سوال ۾ پڇي ورتا.
    “نه ڪير ناهي هاڻي” هن منهن تي اداسي آڻيندي چيو.
    “هاڻي ڪير ناهي مطلب، مونکي پنهنجو سمجهي، دوست سمجهي کلي ڪچهري ڪر” مان ڪلهي تي هٿ رکندي سوال سان گڏ ويجهڙائپ ظاهر ڪئي.
    “سڀ مارجي ويا يار” هن درد سان ڀريل لهجي ۾جواب ڏنو.
    “ڪئين مٺا ۽ ڪڏهن” مان حيران پريشان ٿيندي پڇيو.
    “ست اٺ مهينا ٿيا آهن هنن کي مرندي” هن ٻڌايو.
    “پر ڪئين مٺا، مان پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ چاهيان ٿو، تڪليف ڪري تفصيل ٻڌاءِ” مان کيس گذارش ڪئي.
    امتياز ڳالهائڻ شروع ڪيو “يار بابا انسان دوست ماڻهو هو، طبقاطي، لساني ۽ مذهبي ويڇن ۽ ويرين جي سخت خلاف هو. هڪ وڪيل وٽ اسسٽنٽ طور جاب ڪندو هو. ڳالهائڻ جو ڪافي ڏانو هيس، هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سان طبقاطي، لساني ۽ مذهبي ويڇن تي ڳالهائيندو ۽ کين سمجهائيندو رهندو هو. لائنز ايريا ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهائش هئي اسان جي. هندن سان هولي، ديوالي ۽ ڪرسچنن سان ايسٽر، ڪرسمس مالهائڻ تي به ڪجهه مذهبي ماڻهن جون ڌمڪيون مليل هيون. امان ۽ اسان بابا کي جهليندا هئاسين ته توهان ائين نه ڪيو، رهزنن سان مهاڏو نه اٽڪايو. پر بابا ڪڏهن ڪونه مڙيو، بس هڪ ئي جواب هوندو هو، اسان سڀ انسان برابر آهيون، سڀ کان وڏو مذهب انسانيت جو آهي، انسان کي ڏکوئيندڙ ۽ انسانيت جي تذليل ڪندڙن عملن کي ٿيندو ڏسي مان خاموش نه ٿو رهي سگهان. جتي جتي جنهن جنهن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو اٽڪائيندس، منهنجو هي ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن، موت جو ڏينهن مقرر آهي
    ان کان پهريان ڪوبه ڪنهن کي نه ٿو ماري سگهي.
    مان ڀاءُ ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان وڏو هيم ۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلومه ڪري رهيو هئس. هڪ ڏينهن ڪاليج کان موٽيس ته پنهنجي گهر ٻاهران رش ڏٺي، اندر داخل ٿيس ته سڀ ڪٺا پيا هئا، مان گهر کان اڪيلو ٻاهر هيس ۽ دنيا ۾ اڪيلو ٿي چڪو هئس. الاءِ ڪير اهو قيس ڪري ويو هو. پوليس ڪڏهن نه نبرندڙ نامعلوم فردن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو. مان ڳوٺ وڃڻ بجاءِ هتي ئي رهي پيس. بابا جاب سان گڏ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ هڪ وڪيل جي ٻارن کي سنڌي پڙهائيندو هو ان مونکي هتي جاب تي لڳرايو. ڪالا پل وٽ هڪ ڪرائي جي ڪمري ۾ رهان ٿو. توهان پڇيو هيو نه مونکان سردي نه لڳڻ جي باري ۾، هر وقت اڪيلائي ۽ درد جي اهڙيون لهرون اٿنديون رهن ٿيون جن جي تپش منهنجي وجود کي باهه ڪريو ڇڏين، پوءِ توهان ٻڌايو درد جي لڳل باه جي تپش کي سياري جي سردي ڇا اثر ڪندي. توهان ئي ٻڌايو” امتياز اهو چئي منهنجي سيني سان لڳي سڏڪا ڏئي روئڻ لڳو. مان هن
    کي دلجاءِ ڏيندي هن جا ڳوڙها اگهيا.
    “انسان دوست، انسانيت سان لڳاءُ واري عظيم سوچ رکندڙ جو پٽ آهين، تنهنجو بابا انسان جو انسان سان انسانيت جي تعلق جهڙي عظيم عقيدي تي ايمان رکندڙ هو جيڪو هميشه هن جي وجود ۾ سمايل رهيو. ان حساب سان پوءِ مونکي اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته تون مونکي پنهنجو سمجهه، اسان وجود ۾اچڻ واري وقت کان ئي پنهنجا
    آهيون. جيستائين وجود آهي پنهنجا رهنداسين.” مون کيس دلجاءِ ڏيندي ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چيو.
    “ها ادا توهان منهنجا پنهنجا آهيو” امتياز ڀاڪر پائي پنهنجائپ جو اظهار ڪيو ۽ موڪلايو.
    “ڊسمبر جي سردي کي درد جي باه جي تپش اڳيان هارائيندي ڏٺئي” مان بائيڪ تي ويهندي جهانگير کان پڇيو.
    “ها ادا بلڪل ڊسمبر هارائي ويو درد جي تپش کان” جهانگير وراڻيو.
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏24 ڊسمبر 2016

هن صفحي کي مشهور ڪريو