آءُ سهڻا آءُ سهڻا تو لئه سڪان ٿو ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    آءُ سهڻا آءُ سهڻا تو لئه سڪان ٿو
    _______________________________
    آءُ سهڻا آءُ سهڻا تو لئه سڪان ٿو
    لوڪ سڄو ديد دنيا تنهنجو پڇان ٿو
    ڪين وڻي ڪوئي هتي ڪوئي ڳڻي جي
    تون ئي منهنجو يار سڄڻ توکي چاهيان ٿو
    هجر ٽوڙي آءُ هتي مون سان ملي وڃ
    توسان ملڻ منهنجو کلڻ ڀاڳ ڀايان ٿو
    تنهنجو هلڻ تنهنجو گهمڻ سڀ وڻي ٿو
    لاڏ لڏي آءُ ڪڏي پيرين پوان ٿو
    سڪ وڏي ڇڪ وڏي تون ئي ڏني آ
    روح سندو تون آن راڻو تو کي سڏيان ٿو
    پير تنهنجان آءُ چميان نيڻ وڇايان
    ساه تو تي صدق ڪيان ائين چوان ٿو
    سوز سڄو دل ۾ تنهنجي آس اڃا آ
    من ۾ ويٺو تون ئي آهين تو لئه لڇان ٿو
    تو کي ڏسڻ ديد ملڻ حرکي هينئڙوپيو
    ڪين ڪوئي مٽ آ تنهنجو جي ڪو ڀيٽيان ٿو
    .
    . لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو