سنڌ سمورا رنگ سمائي ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌ سمورا رنگ سمائي
    _______________________

    سنڌ سمورا رنگ سمائي هوءَ کڙي آ عشق ۾ اوڏڻ
    جنهن جو روپ ۽ رنگ نرالو جنهن جو واه وڻيو هي اوڍڻ
    سارو ٿر ٻاٻيهو ٻولي اهڙو ٿي هو گهور ۾ ڳولي
    سانت به هن جي جوت جيئان آ منهنجي جيءَ کي آئي ڌوڏڻ
    آج جا زيور جن ٻانهن تي يار حسي آ جنهن جي سيني
    پير ڪڙا ٿي پائي جهومي واه وڻي پيو هن جو لوڏڻ
    مونکي مست بنائي وئي هو ڪاريهر جيئن لحرون لڏندي
    آءُ هلي پيم تنهن ڏي ڪڏندي جوڳ ڪئي جنسار جو جوڳڻ
    سنڌ جي مٽي سنڌ جي سونهن ملڪان ملڪ نرالي اهڙي
    منهنجو من هي پياس پياڪ جيءُ جهومي پيو جيئن ڪو جهوٽڻ

    لبستم دائودپوٽه

    [​IMG]
     
    داني شاه هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو