ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش تائين

'مختلف موضوع' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2016۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش تائين

    ( شهيد بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي مناسبت سان)


    27 ڊسمبر 2007 ملڪي تاريخ جو اهو اڀاڳو ڏينهن هو جنهن ڏينهن اوندهه جي پوئلڳن راولپنڊي ۾ ملڪ جي ٻه

    دفعا وزيراعظم رهندڙ، ايشيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ ڪروڙن ماڻهن جي قائد کي خودڪش حملي ۾ شهيد ڪري ڇڏي، شهيد بينظير ڀٽو هڪ بهادر ۽ چٽو موقف رکندڙ سياسي اڳواڻ هئي، سندس روشن خيال فلسفي جهالت جي بندوقون کي خوفزده ڪري ڇڏيو هو، هو ڪروڙين ماڻهن جي آواز هئي ۽ ڪروڙين ماڻهو سندس آواز کي لبيڪ چوندا هئا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ذوالفقا ر علي ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو جي سڀ کان وڏي ڌيءَ هئي، جنهن 21 جون 1953ع ۾ ڪراچي شهر ۾ جنم ورتو، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ابتدائي تعليم ڪراچي جي ليڊي جيننگس نرسري ۽ جيسَس اينڊ ميري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ جڏهن ڏهن سالن جي ٿي ته کيس مَري ڪووينٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو کي اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي موڪليو ويو. 1973ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي تعليم دوران آڪسفورڊ ڪائونسل جي صدر منتخب ٿي، پوسٽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو 1977ع وطن واپس موٽي آئي. محترمه بينظِر ڀٽو کي سندس پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو پنڪي جي نالي سان سڏيندو هو،، سندس جو چوڻ هو ته شروع کان منهنجو بابا مونکي چوندو هو ته منهنجي پِنڪي سياست ۾ ويندي ۽ وزيراعظم ٿيندي پر آئون چوندي هيس نه بابا اها منهنجي خواهش ناهي ان جي باوجود آئون سياست ۾ هلي ويس. اهو سچ آهي ته سياست کي مون نه پر مونکي سياست چونڊيو آهي پر مون ان ذميواري کي قبول ڪيو آهي ۽ ان ذميواري تي پورو لهڻ جي هميشه ڪوشش ڪئي آهي.

    5 جولائي 1977ع تي ضياءِ الحق پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائي ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس گرفتار ڪرائي کيس ڦاهي چاڙهي شهيد ڪري ڇڏيو، تاريخ جي ان عظيم ليڊر جو عدالتي قتل ڪيو ويو، مارشل لا دوران محترمه بينظير ڀٽو کي حراست ۾ ورتو ويو . 1979ع کان 1984ع تائين محترمه بينظير ڀٽو مختلف جيلن ۾ قيدي طور نظربند رهي ۽ قيد و بند جي اذيت برداشت ڪندي رهي. 1984ع ۾ آزاد ٿيڻ کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ئي 2 سالن لاءِ جلا وطن ٿي انگلينڊ هلي وئي. آگسٽ 1985ع محترمه بينظير ڀٽو سندس ڀاءَ شاهنواز ڀٽو جي تدفين لاءِ وطن واپس آئي. سندس ڀاءَ کي فرانس جي شهر ڪينس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو هو. هڪ سال بعد مارشل لا ختم ٿيڻ تي محترمه بينظير ڀٽو مستقل طور تي پاڪستان هلي آئي، 10 اپريل 1986ع ۾ شهيد بينظير جي ڏيهه ورڻ وقت لاهور ايئرپورٽ تي لکين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو. محترمه واپس اچڻ بعد سياست ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي پوري پاڪستان ۾ جلسا، جلوس ۽ ريليون منعقد ڪيون ۽ پ پ کي هڪ دفعو ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو. 18 ڊسمبر 1987ع تي محترمه جي شادي آصف علي زرداري سان ٿي ، شادي کان پوءِ به محترمه پنهنجي ذات ڀٽو سان سڏرائڻ لڳي.

    17 آگسٽ 1988ع ۾ جنرل ضياءِ الحق جي حادثي ۾ ٿيندڙ موت کانپوءِ ٿيڻ واري 1988 جي اليڪشن ۾ پ پ پ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 34 سال جي گهٽ ترين عمر ۾ بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم ٿي، 2 ڊسمبر 1988ع تي بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم طور پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، 1 نومبر 1989ع تي بينظير ڀٽو جي خلاف اسيمبلي ۾ تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪئي وئي جيڪا ناڪام رهي پر 6 آگسٽ 1990ع ۾ پاڪستان جي صدر غلام اسحاق خان اٺين ترميم تحت پنهنجن اختيارن کي استعمال ڪندي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت 28 آٽوبر جي ڪهاڙي هيٺ ختم ڪئي وئي.

    3 سيپٽمبر 1990ع تي بينظير ڀٽو ۽ ان جي 10 وزيرن جي خلاف ريفرنس داخل ڪيا ويا ۽ سندس ور آصف علي زرداري تي ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو ويو.

    1990ع واري اليڪشن ۾ ن ليگ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ نواز شريف پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو، محترمه بينظير ڀٽو پارليامنٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو سنڀاليو، 18 مارچ 1993ع تي سردار غلام اسحاق خان اسيمبليون ٽوڙي نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي. آڪٽوبر 1993ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي هڪ دفعو وري اڪثريت حاصل ڪئي ۽ بينظير ڀٽو ٻيون دفعو پاڪستان جي وزيراعظم ٿي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو ٻيو دور به ملڪي توڙي عالمي تبديلين سان ڀرپور رهيو. آمريڪا پاڪستان کي بليڪ لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ توانائي جي سڀ کان وڏي معاهدي تي صحيح ڪئي وئي جنهن جي قيمت ساڍا ست ارب ڊالر هئي ۽ فرانس جي طرفان ايٽمي بجلي گهر فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو، ملڪ اندر غير يقيني صورتحال هئي، بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون هيون ۽ ان صورتحال ۾ ابتري ان وقت آئي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي ننڍي ڀاءَ مير مرتضيٰ ڀٽو کي پوليس ستن ساٿين سميت شهيد ڪري ڇڏيو.

    5 نومبر 1996ع ۾ صدر فاروق احمد لغاري مختلف الزام هڻي محترمه بينظير ڀٽو کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، 1997ع واري اليڪشن ۾ پ پ پ ناڪام رهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ صرف 18 سيٽون حاصل ڪري سگهي، محترمه بينظير ڀٽو تي مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ بينظير ڀٽو پاڻ جلاوطني اختيار ڪري ڇڏي.

    محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميثاق جهموريت.

    نواز شريف کي جڏهن پرويز مشرف جلا وطن ڪيو ته نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جهموريت جي بحالي ۽ آمريت جي خاتمي لاءِ پاڻ ۾ صلاح مشورا ۽ ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو، ان دور جي سڀ کان اهم پيش رفت ان وقت ٿي جڏهن 14 مئي 2006 ۾ لنڊن ۾ نواز شريف ۽ بينظير جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت معاهدي تي صحيحون ٿيون جنهن تحت ٻنهي جمهوريت کي بحال ڪرڻ لا۽ تحريڪ هلائڻ ۽ هڪٻئي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. 18 آڪٽوبر 2007 تي شهيد بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري تقريباََ ساڍا اٺ سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي ايئرپورٽ پهتي ته لکين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪري جمهوريت دشمنن کي ڊيڄاري وڌو، ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو لکين ماڻهن جي قافلي ۾ قائد اعظم جي مزار ڏانهن رواني ٿي، محترمه بينظير ڀٽو جو قافلو جڏهن ڪارساز پهتو ته اچانڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، ۽ ان خودڪش ڌماڪي ۾ ڏيڍ سئو کان مٿي جانثارن بينظير سميت ڪارڪن شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. بينظير ڀٽو کي حفاظتي حصار ۾ وٺي بلاول هائوس پهچايو ويو. سخت سيڪيورٽي خدشن باوجود ٻئين ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو بغير پروٽوڪول جي ڪراچي جي اسپتالن ۾ پهتي ۽ زخمي ڪارڪنن جي عيادت ڪئي،

    جنرل پرويز مشرف پنهنجي آمريتي اقتدار جي ٻيڙي ٻڏندي ڏسي 3 نومبر تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ ملڪ اندر مشرف کان استعيفيٰ وارو مطالبو زور وٺي ويو، روڊن رستن تي سياسي، ڪارڪن، وڪيل، صحافي، شاگرد سراپا احتجاج هئا ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو، ججن جي بحالي تحريڪ به زور ورتو ، ايمرجنسي دوران بينظير ڀٽو دبئي مان واپس وطن پهتي ۽ ايمرجنسي جي خاتمي، ٽي وي چئنلن تان پابندي هٽائڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي بحالي جا مطالبا ڪندي حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.

    27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي واپس لاءِ رواني ٿي، شهيد بينظير ڀٽو گاڏي جي سن روف ٻاهر نڪري ڪارڪنن کي هٿ لوڏي نعرن جا جواب ڏئي رهي هئي ته پهريان سندس گاڏي تي فائرنگ ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ زوردار خودڪش ڌماڪو ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو شديد زخمي ٿي پئي ۽ ڪجهه دير ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي جي شهادت واري خبر ڪروڙين اکين کي آلو ڪري ڇڏيو ۽ هر طرف ڪهرام مچي ويو، تاريخ جي هن عظيم مزاحمتي سياسي اڳواڻ جي شهادت پوري پاڪستان کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، شهيد بينظير کي ڀٽو شهيد ڪندڙ تاريخ جي انهن وحشي ٽولن سمجهيو ته بينظير جي شهادت بعد سندس سوچ به ختم ٿي ويندي پر شهيد بينظير ڀٽو شهادت کانپوءِ به زندهه آهي، سندس سوچ اڄ به لکين ماڻهن جي سوچ آهي، جيتوڻيڪ شهيد بينظير ڀٽو اڄ اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي پر سندس فلسفو اڄ به لکين مزدرون، هارين، شاگردن ۽ عورتن جو فلسفو آهي، سندس آواز اڄ به هزارين ٽئنڪن، بمن، گولين ۽ باوردن کان طاقتور آهي ۽ تاريخ هڪ ڏينهن ضرور شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندي. جسم کي بي جان ڪري سگهجي ٿو ته پر فلسفي ۽ فڪر کي ماري نٿو سگهجي، تاريخ ڪنهن جو به پورهيو ناهي وڃائيندي.

     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو