1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڇا ڇهن ڪلمن جي ترتيب رسول الله جن جي دور ۾ به موجود هئي

'اسلام زنده باد' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2016۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    اسلام عليڪم دوستو اڄ مان توهان سان هڪ اهم ديني سوال ۽ ان جو جواب شيئر ڪري رهيو آهيان اهو سوال هن ريت آهي ته ڇا اسلام ۾ ڇهن ڪلمن جو تصور نبي اڪرم صلعم جن جي دور ۾ به هيو ۽ انهن کي ان ئي ترتيب سان پڙهيو ويندو هيو جيئن اسان ان کي موجوده وقت ۾ پڙهون پيا ان سوال جو جواب ڪجهه هن ريت آهي ته ڪلما ته 6 ئي موجود هئا پر انهن جي ترتيب ته هي پهريون ڪلمو آهي ۽ هي ٻئون ڪلمو آهي اها نمبر وار ترتيب ڪو نه هئي اها ترتيب بعد جي فقيهن ٺاهي ته جيئن مانهن کي سمجهائڻ ۾ آساني ٿئي ته هن مهل يا موقعي تي هي ڪلمو پڙهجي جهڙي ريت دور رسالت ۾ فرض سنت نفل ۽ مستحب لفظ موجود ڪو نه هئا بلڪه اهي به بعد جي فقيهن تحقيق ڪري عمل مقرر ڪيا ته ڪهڙن عملن تي سرڪار جي هميشگي هئي اهي فرض آهن ڪهڙا عمل صرف سنت ۾ شامل آهن ۽ ڪهڙا عمل نفل آهن اهي سمورا اعمال ٻه بعد جي فقيهن جي تحقيق آهن اهڙي طرح پاڻ ڪريمن رسول خدا محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ هي 6 ئي ڪلما موجود هئا پر انهن کي نمبر وار بعد جي فقيهن آساني لاء مقرر ڪيو مان پنهنجي دوست پروفيسر وسيم مهر جو ٿورائتو آهيان جنهن هي مسئلو دريافت ڪيو ۽ مون کي به هن مسئلي تي تحقيق جي سعادت نصيب ٿئي دعا آهي ته الله تعالي اسان مسلمانن کي دين جي سمجهه عطا فرمائي آمين

    [​IMG]
     
    ممتاز قريشي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سونا فقير

    سونا فقير
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2016
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    36
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ادا سائين معاف ڪجو مان ڪجھ معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو ، جڏهن پهريان کان ئي ڇھ ڪلما موجود هئا ته پوءِ ڇا جيڪري انهن کي نمبر وار پهريان کان معين نه ڪيو ويو، جيڪڏهن توهان جي دليل کي ڏسون تڏهن به هي معلوم ٿئي ٿو ته انهن جي فضيلت ۾ ڪجھ روايتون ، اصحاب ڪرام جا فرامين، تابعين جي پيروي اهي سڀ شيون اسان لاءِ دليل ٿي سگهن ٿيون ته اسان انهن ڪلمن کي انهي ترتيب سان بيان ڪيون، باقي توهان علماءِ جي ڳالھ ڪئي آهي علماءِ جي ڪري ئي اسان سڀ اختلافن جو شڪار ٿي ويا آهيون، پنهنجي عقل مان اسان استفادو گهٽ مولي ۽ عالم جي دين جي ڳاله کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيون، خير ڪڏهن ڪڏهن ڏيڻ به گهرجي، پر بغير ڪنهن دليل جي قبول ڪرڻ ڃٽپائپ جي دليل آهي، توهان هتي ڪا به دليل ذڪر نه ڪئي آهي، ته پهرين ڪلمي کان پوءِ هاڻي جيڪو اسان وٽ ٻيون آهي ان دور ۾ به هيو يا نه ، ٽيون چوٿين کان پهريان هيو يا نه؟ جڏهن اسان اسڪول ۾ پڙهون ٿا ته ٽين کي چوٿين تي مقدم نٿا ڪري سگهون استاد لٺ کيون بيٺهو آهي، جواب به غلط ۽ توهان چئو ٿا ته اول ۾ ڪا ترتيب نه هئي عالمن ڏني آهي ؟ اسان ٻڌو آهي ته اسان منجهان هڪ فرقو آهي جيڪو فقط قراڻ ۽ حديث تي عمل ڪندو آهي توهان جي ڳالھ ته ڪنهن سان به موافق نه ٿي، جيڪڏهن انهن کي خبر پوي ته فورا توکي چوندا ادا تون ته ڪافر ٿي ويو آهين، خير وري به عرض ڪندس ته مهرباني ڪري اڃان بهتر ۽ مفصل انداز سان وضاحت ڪيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ ڪلما ڪهڙي ترتيب ۾ هئا، عالمن جي ڳالھ اهڙن اهم مسئلن ۾ نه ڪيو ته بهتر آهي، ظاهر آهي هي ڪلما جيڪي اسان وٽ پهتا آهن اهي ڪتابن ۾ ترتيب سان هوندا ۽ انهن جي ڪا واضح علت به هوندي . اميد آهي ته ڪا ڪوتاهي ٿيڻ جي صورت ۾ معاف به ڪندا.
     
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    ڪلما بلڪل حديث جي مختلف ڪتابن ۾ موجود آهن جيئن سنن ترمذي ڪتاب ۾ حديث نمبر 3591 ۽ 2695 ۾ ڪلما لکيل آهن اهڙي طرح صحيح بخاري ۾ به ڪلما موجود آهن پر منهنجي بحث جو مقصد هتي ڪلما ثابت ڪرڻ ڪو نه آهي ڇو ته اسان حنفين ۾ ان معاملي تي اڳ ۾ ئي بحث ٿيل آهي ۽ اسان جو 6 ڪلمن تي اجماع آهي پر انهن جي ترتيب جي سوال جو جواب ڏنو ويو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو