ماشاء ﷲ

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2016۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    پيزا(pizza) جا اٺ ٽڪر اڄ مونکي زندگي جو مطلب سمجهائي ويا.
    باٿ روم ۾ هئس ته زال چيو گهڻا ڪپڙا نه ڪڍجائن ڪپڙن واري ماسي ٻه ڏينهن موڪل تي آهي.
    وري ڇا ٿيو؟
    چوي ٿي ڏوهٽي سان ملڻ ڌي جي گهر پئي وڃان.
    چڱو.......
    پر ٻڌ کيس 500 روپيه ڏنا اٿم. پيزا لاء رکيل هئا. هروڀرو سُڪن ٽڪرن تي وڃايان.
    تون به ته هروڀرو جذباتي ٿيو وڃين هاڻي پيزا نه کائون. وات مان ڪڍي مائي کي ڏيون!! مون وراڻيو.
    غريب آهي هونئن به پگهار گهٽ اٿس عيد به ويجهي آ.
    تنهنجي مرضي. مون چيو.
    ........ خير قصو مختصر ٽئي ڏينهن ماسي ڪم تي اچي وئي.
    ماسي ڪر خبر موڪل ڪيئن گذاريئي.
    ابا مزي ۾ گذري 500 روپيه خرچ ڪري ڇڏيم.
    ڪيئن ماسي؟
    صاحب پنهنجي ڏوهٽي لاء 150 روپين جو فراڪ ورتم، 40 روپئي جي گُڏي. ڌيءَ لاء 50 روپين جا کير پڙا وٺي ويس. پاڙي وارن لاء 50 جون جليبيون، 60 روپيه ڀاڙو ٿيو، 20 روپين جون چوڙيون ڌيءَ لاء الڳ ورتم پنهنجي نياڻي (داماد) لاء 50 روپين جو بيلٽ سٺو........
    باقي 75 روپيه ڏنم ڏوهٽي کي جنهن مان قلم ٻه ڪاپيون آندائين.
    ٻوهاري پوچو ڪندي ماسي کي سڄو حساب ڄڻ بر زبان ياد هجي.
    500 روپين مان هيترا سارا ڪم..... مان دل ئي دل ۾ غور ڪرڻ لڳم.
    منهنجي اکين اڳيان 8 ٽڪرا ٿيل وڏو پيزا گهمڻ لڳو. هڪ هڪ ٽڪرو دماغ تي هٿوڙا هڻڻ لڳو. مان هڪ پيزا جي عياشي جو ماسيء جي ڪيل خرچ سان ڀيٽ ڪئي، هڪ ٽڪرو فراڪ، هڪ ٽڪرو گڏي، هڪ ٽڪرو کير پڙا، هڪ ٽڪرو جليبيون، هڪ ٽڪرو ڀاڙي جو، هڪ ٽڪرو بيلٽ جو، هڪ ٽڪرو چوڙيون، هڪ ٽڪرو قلم ڪاپيون.
    مون ڪڏهن به ڪنهن پيزا کي اٿلائي نه ڏٺو هو. اڄ ڪم واري ماسي مون کي پيزا جو ٻيو پاسو به ڏيکاريو.
    پيزا جا اٺ ٽڪرا مونکي اڄ زندگي جو سبق سيکاري ويا.
    خرچ لاء زندگي يا زندگي لاءِ خرچ جو جديد مفهوم هڪ لحظي ۾ منهنجي سمجه ۾ اچي ويو..
     
    بختاور ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163

هن صفحي کي مشهور ڪريو