ڪهاڻي.... خدمتي ڀوتار ..... اظهرسولنگي

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2016۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڪهاڻي

    خدمتي ڀوتار

    [​IMG]

    اظهر سولنگي

    ” ادا خميسا جيئن اوهان چوندو ائين ڪنداسين، بابل جي هن وقت رات آ، رات ...! بس مان چوان ٿو لفظن ڪڍڻ جي دير آ ادا...“ جيئــن چئي نه ..!

    ڪمندار رمون پنهنجا جملا وڏي فخر مان چئي بس ڪيا ته خميسي چيس.؛ ”ادا اسان ته سڄي ڄمار هتي ڀوتار جي ڪڙمت ڪندي گذاري آهي، جي نه هاڻي ڪجهه رحم کائي اسان کي پنهنجو ڪري ته ٻيلي اسان جا پوئنير به سندس جو راڄ ٿي گذاريندا“

    ”ادا.. ڀوتار سائين بلڪل به اوهان تي هميشه ظلم ڪندو آيو پر خميسا هيء ڳالهه ٻڌ بابل اڳ مڙئي ميمبرڙو ٿيندو هو، هن واري سڄي ساري وزارت ملي ٿس... سمجهئي ...! رات چيئين پئي،، اوطاق تي سموري ڳوٺ جا هاري ناري، نوڪر، چاڪر ۽ ٻيا به کوڙ سارا مهمان ويٺل هئس.. انهن جي سامهون سڀني هارين سان هاڻي سمورا پراڻي زماني جي ريتن رسمن وارا ليکا چوکا ختم ڪري تهان سان خاص رعايت ڪندو“ ڪمندار پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته پاسي ۾ خميسي جو وڏو پٽ اچي بيٺو تنهن ڪمندار کي چيو. ” ڪمندار رمون يار اڳ ڀوتار کي ڪهڙي ڪمي هوندي هئي جو هارين سان ايڏو ڳرو حساب ڪتاب رکندو هو.. جو هاڻي وري رعايت ڪندو“. ” اڙي ادا چيم ته اهي سڀ ڳالهيون ختم ....! ادا خميسا يار پنهنجي پٽ کي ٻڌاء ڀوتار ڪهڙي ڳالهه ڪئي ،، رات اوطاق ۾..!“ خميسي ڪمندار کي جواب ڏيندي چيو ” ادا مان همراهن کي سمجهايان ٿو،“ ادا خميسا ها .. هاڻي مان هلان ٿو اڃا اڳيان ڪجهه ڳوٺن ۾ ڪارڊ ورهائڻا آهن. بس پارت اٿئي پروگرام ۾ سمورن پنهنجن ماڻهن کي وٺي اچجان ڀوتار وٽ وڏو وزير ايندو اهو خيال هجئي..“ ڪمندار اهو چئي موٽر سائيڪل جي ڪڪ هڻي هليو ويو.

    ڪمندار رمون ڀوتار دلاور جو خاص ڪمندار آهي جيڪو ڀوتار جا سڀئي ڪم سنڀاليندو آهي، ڀوتار وٽ ٻن ڏينهن کانپوء پارٽي جي اڳواڻن جي چانهه پارٽي رکيل آهي ان جا دعوت ناما ورهائڻ لاء وڃي رهيو هو. ڀوتار دلاور تر جو وڏو بااثر ماڻهو آهي سندس ڪيترائي هاري ناري ۽ وڏو راڄ آهي. شهر ۾ ڪارخانا ۽ دڪانن کانسواء بنگلا به اٿس. جڏهن کان اسيمبلي ميمبر چونڊيو ويو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي، اسلام آباد ۾ به بنگلا ورتا اٿس. راڄ جا ماڻهو سمورن مسئلن جا فيصلا ڀوتار دلاور کان ئي ڪرائيندا آهن. سندس جي هشمت ۽ دهشت کي ڏسي اڳيان ڪير به ڳالهائي نه سگهندو آهي. فيصلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن به نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو تڏهن به سزا ڀوڳڻ جو حقدار بڻجي ويندو آهي. ڪيئي ماڻهن کي پنهنجي حڪم جي تعميل نه ڪرڻ جي سزا زندگي کان به مهنگي پئجي ويئي آهي.

    هڪ دفعي ڳوٺ جي پيرسن هاري سانوڻ پنهنجي ڌيءُ کي بچائڻ جي لاء تمام وڏي جرعت ڪري ڀوتار سامهون ٿي بيٺوهو، سندس ڌيء تي ڪارنهن جو الزام لڳايو ويو هو.. وڏي عمر هجڻ ڪري جسم ڏڪي رهيو هئس پر همت ۽ حوصلي سان پنهنجي نياڻي جي عزت ۽ پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۾ عزت بچائڻ خاطر ڀوتار جي فيصلي جو انڪار ڪري جرڳي مان اٿي هليو ويو هو، ۽ پويان ڀوتار جي وحشت ۽ دهشت ڀرئي لهجي واري انداز سان اوطاق ۾ ويٺل سڀ ماڻهو خاموش ٿي ويا هئا. ايترو ته سناٽو ڇائنجي ويو هو جو اوطاق ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو آ. سڀ خاموش ويٺا اهو سوچي رهيا هئا ته پوڙهو ته اڳ ئي هڪ پير قبر ۾ ، ۽ ٻيو پير ٻاهر رکيو ويٺو آ، پر ڇوڪريءَ جي حياتي جو ڪهڙو فيصلو ٿيندو..؟ جنهن تي الزام لڳايا ويا آهن. ماڻهو ان جي حياتي جو فيصلو ڀوتار کان ٻڌڻ پيا گهرن.. پر ڀوتار ڪاوڙ ۾ سڄو ڪارو ٿي ويو هو جهڙو اصل ڪوئلو. غصي ۾ اوطاق مان اٿي هليو ويو. ماڻهن هن دفعي ڀوتار کي ڪجهه مختلف ڏٺو نه ته اڪثر جيڪو به سندس جي فيصلي جو انڪار ڪندو هو ان کي سرعام ماڻهن جي اڳيان سزا ڏني ويندي هئي. پر هن دفعي هر ڪو اهو سوچي رهيو هو ته ڀوتار آخر ڇو ان ڪمزور ۽ پيرسن هاري کي سزا ڏئي نه سگهيو هو. ڀوتار جي وڃڻ کانپوء هر ڪو اوطاق مان اٿيو هليو ويو.

    شام ٿي ويئي پاڇا وڌي رهيا هيا سج پنهنجا پير وڃائيندي ڪڪرن ۾ گم ٿي چڪو هو، رات پنهنجي اونداهي جو ڪارو ويس ڍڪي چڪي هئي. ڀوتار دلاور اوطاق مان اٿڻ کانپوء سڌو ڪراچي هليو ويو هو ماڻهو رات جي ڪچهري لاء اوطاق ۾ موجود نه هيا. رات جو پهر ختم ٿي رهيو هو، ڪڪڙن پهريون دسهڙو پئي هنيو. اوطاق جي چيمبر مان جتي ڀوتار خاص ماڻهن کي گهرائي ڪچهري ڪندو هو. اتان کان ٻه همراهه ڪاري ويس ۾ منهن ڍڪيل نڪتا هئا. هٿن ۾ ڪلاشنڪوف، پيٽ سان گولين سان سٿيل پٽا ٻڌل اوطاق جي پوئين در کان نڪري ڳوٺ جي مين گلي ۾ اچي نڪتا هئا. ڳرن پيرن سان ڳريون وکون کڻندي اڳتي وڌي رهيا هئا. گليون مٽائيندا اچي سانوڻ واري ڳلي تي بيٺا. گهر جي چوڌاري پلال، ڪٽي ۽ گند جو لوڙهو ڏنل هو ڳلي تي ٻٻر جو ڍنگر رکيل هو. جنهن کي اورنگهڻ ۾ هٿياربند ماڻهن کي ڪائي تڪليف نه ٿي. پيرسن هاري سانوڻ جي مٿان اچي بيٺا، ڌاريا ماڻهو گهر ۾ بيٺل ڏسي اٿي کڙو ٿيو ، هٿياربند همراهن هٿيارن جا ڪنداق تاڻي رکيا، پوڙهي مڙس رڙ ڪئي، هٿياربند همراهه ڪنداق هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو. نوجوان ڌيڻس اٿي رڙيون ڪيون ته همراهن منهن تي ڪاري چادر رکي منهن بند ڪري وارن ۾ هٿ وڌا. پوڙهي پيء مزاحمت ڪئي ته هٿياربند همراهن ڪلاشنڪوف جو منهن کولي ڇڏيو.. گولين جي ٺڪائن جو پري پري تائين پڙلاء ڦهلجي ويو.. ۽ گهر جي حفاظت لاء پلال سان ڏنل لوڙهي تي تيلي اڇلي ڇڏي.. ڳوٺاڻا گولين جي آواز تي اٿيا گهر کي باهه ڏسي پري کان خاموش بيهي ڏسندا رهيا.. ڪنهن به اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪئي، اڳتي وڌڻ لاء پير سُن ٿي چڪا هئن. دماغ خيالن ۾ گم ٿي ويا هئن. هٿياربند گولين جا ٺڪاء ڪندي، سانوڻ جي ڌيء کي اغوا ڪري هلندا ٿي ويا.. ان خوبصورت ڇوڪري جو گناهه ڪهڙو هو ، پيرسن سانوڻ جو ڏوهه ڪهڙو هو ڪير به اندازو لڳائي نه سگهيو هو. هن جي قاتلن ۽ ڌيء کي اغوا ڪرڻ وارن جو ڪنهن به پيڇو نه ڪيو هو. هر ماڻهو دهشت جي روپ ۾ وڪاميل هو ، ماڻهو بلڪل به خاموش ذهن ٿي ويا هئا. ۽ زندگي جو گاڏو هلائڻ ۾ ٻيهر مصروف ٿي ويا هئا.

    زمانو تبديل ٿيندو ويو هو، ڳوٺ تبديل نه ٿيو هو، جي تبديل ٿيو هو ته صرف ڪلهه ڪيترن ماڻهن کي ڪچا گهر هئا اڄ اهي پڪا گهر ٺاهي سگهيا آهن، پر اڄ به اهي پراڻيون ساڳيون حالتون ۽ ساڳي سوچ ، ساڳيون ريتون رسمون قائم آهن. ماڻهو ڀوتار جي حڪم جي تعميل ڪندڙ رهيا آهن، چاهي اهو ڪهڙو به حڪم هجي پر راڄ ڀاڳ وارا لبيڪ ئي چوندا رهيا آهن. خميسو به انهن ئي ڳوٺاڻن ۾ شامل هيو هن کي به جلسي ۾ شرڪت ڪري ڀوتار جي حڪم جي تعميل ڪرڻي هئي.

    اڄ ڀوتار منسٽر ٿيڻ جي خوشي ۾ پارٽي جي قيادت جي دعوت ڪئي هئي ان دعوت ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري اڳواڻن کي ڏيکارڻو هيو ته ڀوتار سان ڪيترو راڄ ڀاڳ گڏ آهي. پنڊال لڳي چڪو هو ماڻهو اچي رهيا هئا. خميسو به پٽن سميت اچي پهتو هو. ٻيا به راڄ جا ماڻهو هاري ناري نوڪر چاڪر پنهنجي ڪٽنب جا سڀئي ماڻهو وٺي اچي ڪٺا ٿيا هئا. ڪمندار رمون وڏو پٽڪو هڻي اچي بيٺو هو. ”چند گهڙين ۾ مهمان اچڻ وارا آهن، پنڊال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو مهمانن جي اچڻ شرط اٿي بيهي سندن جو استقبال ڪن“. لائوڊ اسپيڪر تان اهو اعلان ٿي رهيو هو. پنڊال ۾ موجود عوام ۾ تحرڪ پيدا ٿي ويو، ماڻهو ڪنڌ مٿي ڪري ڏسي رهيا هئا ته ڪٿان ٿيون گاڏيون اچن. اڳيان اڳيان پهرين گاڏي پوليس جي ڏسي ڪنهن عجب مان چيو ته ”اوجهو..! اچي ويا“. گاڏيون اوطاق ڏي مڙندڙ روڊ وٺي اچي بيٺيون مهمان لهندا ويا. لائوڊ اسپيڪر تي بيٺل همراهه مهمانن جي شان ۾ ڳالهائيندو به ويو ٿي ته نعري بازي به ڪرائي رهيو هو عوام استقبال لاء اٿي بيٺو هو.. مهمان وڏي شان ۽ مان سان اچي پنڊال ۾ پهتا. مهمانن کي ويهاريو ويو ته پروگرام شروع ڪيو ويو. جڏهن ڀوتار دلاور کي اسٽيج تي ڳالهائڻ لاء گهرايو ويو ته پنڊال ۾ هوڪرا پئجي ويا سيٽيون وڄي ويون، ڀوتار مهمانن جا ٿورا مڃي سياسي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پنهنجي پوزيشن بابت اڳواڻن کي ٻڌايو. جڏهن ڪمن ڪارين، نوڪرين ۽ روزگار جي ڳالهه آئي ته ڀوتار ٻئي هٿ پنڊال ڏانهن اڇلائيندي چيو ته ”سموري زندگي مان هتان جي عوام جون خدمتون ڪندي گذاري ڇڏي آهي.“ ڀوتار اهي لفظ چئي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”...ها يا نه ...؟ جتي ڀوتار جي تقرير ۾ ماڻهو تاڙيون وڄائي رهيا هئا اتي ڀوتار دلاور جي هن سوال جي جواب ۾ ماڻهن نهڪار ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري چپ هڻي ڇڏي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو