اٽلي جي شهر وينس جو پهريون ديدار

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2017۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اٽلي جي شهر وينس جو پهريون ديدار

    ڄامشوري جي گرمي جو ستايل، جتي ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ به منجهند جو 30 ڊگري سينٽي گريڊ ٽيمپريچر هُجي، جيڏانهن ويندو ته اونهاري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپڙا ئي پائيندو. آئون به شلوار قميص پائي ئي وينس واري جهاز ۾ چڙهيس. اسان وارو قطر ايئرويز وارو جهاز جيئن ئي مارڪو پولو ايئرپورٽ تي لٿو ته سڀ همراه جيڪٽون، جرسيون، ڪوٽ، ٽوپلا ۽ اوور ڪوٽ پائڻ لڳا. مائرون پنهنجي ٻارن کي گرم ڪپڙا پارائڻ لڳيون، جهاز ۾ ئي!

    مون کي اُتي اچي خوف ورايو ته متان ڪو ٻاهر تمام گهڻي سردي هُجي سو احتياط خاطر پنهنجي بئڪ پئڪ ٿيلهي مان سُئيٽر ڪڍي پاتم. ايئرپورٽ مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته خبر پئي ته مار سيءَ ته ڏاڍو آهي. گرمي پد ته 4 ڊگريون هو پر هوا جي رفتار 10 کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هُئي، جنهن ڪري سيءَ گهڻو پئي محسوس ٿيو. سو وڏي ٿيلهي مان جيڪيٽ ۽ مفلر ڪڍي پاتم. 5 نمبر بس جي ڳولا ڪيم جيڪا پيازالي روما نالي بس اسٽاپ تي وڃڻي هُئي. انٽرنيٽ جي استعمال سبب اها اڳ ئي خبر هُئي ته 8 يورو ڀاڙو ٿيندو اُتان پوءِ 15 منٽن جي پنڌ تي مون واري بئڪ پئڪرز هائوس نالي هاسٽل. بس ته دير ئي ڪانه ڪئي جو بس اندر به واءِ فاءِ لڳل هُئي. پيازالي روما تي لهي ڏسان ته چارئي پاسا هڪجهڙا!!!

    [​IMG]

    موبائل تي کِٽ پِٽ ڪيم ته خبر پئي ته اهو هاسٽل هتان کان 22 منٽن جي پنڌ تي آهي، اُتر اوڀر واري ڪُنڊ تي. ننڍڙين ننڍڙين پُلين تان ڪراس ڪندو ذر هيڏانهن وڃان ذر هوڏانهن. هلندي هلندي نيٺ وڃي بئڪ پئڪرز هائوس تي پهتس ته ڏسان نه ڪو بورڊ نه ڪو نشان. ٿيلهو گيهليندي گيهليندي ٿڪو به ڏاڍو هُئس. رات سُتو به ڪونه هُئس. ڏاڍي ٿي تڏهن جڏهن موبائل تي خبر پئي ته مار، هي ته ڪا ٻي ائڊريس آهي....... مون کي وڃڻو ڏکڻ اوڀر هو، هي ڪا ٻي ائڊريس هُئي.

    وري هڪ ٿيلهو ڪُلهي تي، ٻئي ٿيلهي کي گيهليندو گيهليندو چڱو پنڌ کي ڇِڪي آيس. ته شهر جو هڪ مشهور بس اسٽاپ اچي ويو سان توما..... اِتي ٽي عدد ڇوڪرا ويا پئي تن کان پُڇيم ته هي هنڌ ڪهڙو آهي، ۽ مون کي فلاڻي هنڌ وڃڻو آهي، ڏس ڏيوم. چين ته توهان کي سامهون واري رستي کان کاٻي مڙي پوءِ پُڇا ڳاڇا ڪندي ڪندي پهچي سگهو ٿا، نه ته ڏاڍو ڏکيو پنڌ آهي ڀنڀور جو!!!

    مزو ته ٿيو تڏهن جڏهن موبائل جي بيٽري به موڪلائڻ لڳي، 3 سيڪڙو بيٽري اچي بچي.... ڊپ به ٿيڻ لڳو!!!! سامهون واري بُڪ اسٽال ۾ گهِڙي ويم، پُڇا ڪيم ته ادا نقشو ته ڏي وينس جو. 260 روپين ۾ شهر جو نقشو مليو. ان ئي همراه کان پين کڻي پُڇيم ته ٽِڪ ڪري ڏي ته آئون هينئر ڪٿي آهيان ۽ مون کي فلاڻي جاءِ ڏانهن وڃڻو آهي ان تي به ٽِڪ ڪري ڏي ته وڃان. ان همراه ٻه ٽي ٽِڪ ڪري ڏنا. مون به تڪڙ ڪري موبائل کيسي ۾ ۽ نقشو ويڙهي رکيم تري تي، ڏنل ڏس تي ٻه گهٽيون هيڏانهن هوڏانهن مڙيم. ٿورو اڳتي وڌيس ته اندازو ٿيو ته منهنجي رفتار پهرين کان ڪجهه تيز محسوس ٿي، اُتي ياد آيو ته مار مون وارو گيهلڻ وارو وڏو ٿيلهو ته ان دُڪان ۾ ئي وسري ويو. هاڻي نه دُڪان جي نالي جي خبر، نه ڪو گهٽي جي... گهڻين ويهين ٿو سئو ٿئي، تنهن جي خبر پئي....

    [​IMG]

    ڇهين حِس جي زور تي واپسي وارو رستو اندازي تي ورتم ته 3، 4 منٽن ۾ وڃي ساڳئي دُڪان تي پُهتس. جيئن ئي اندر ويس ته ٻه ٽي عورتون ڪجهه ڪتاب ڦلهوري رهيون هُيون. دڪان جو مالڪ ڪو هيٺ ٻيا ڪتاب ڦلهوري رهيو هو. سو سامهون منهنجي پيل ٿيلهي ۾ هٿ وڌم ۽ رڙ ڪيم ته همراه ڪيڏانهن ويو ته دُڪان مالڪ رڙ ڪئي ته جي سائين، اهو ٿيلهو پيو اٿو، کڻي وڃوس. عورتون کِليون ته هن همراه جو آواز ڪيئن سُڃاتئي؟ مون کي انهن جي ڳالهين ۾ ڪابه دلچسپي نظر نه آئي، جو هاسٽل ڳولڻي هُئي.....

    سو ساڳيو پنڌ!!!! هلندي هلندي مون سوچيو ته هاڻي ماڻهن کان مدد وٺڻي پوندي. سو سامهون ڪي چار ڇوڪريون ويون پئي انهن مان هڪ کي اشارو ڪري روڪي، ڏس پُڇيم ته اُن ويچاري کي انگريزي ڪين پئي آئي. سو ماڳهين مُنجهي بيهي رهي. پُٺيان ٻي بيٺل ڇوڪري ويجهو آئي ان کان پُڇيم ته ان کي به ان هاسٽل جي خبر ڪانه پئي. کيس سندس موبائل تي گوگل ميپ کولڻ جو چئي هاسٽل سرچ ڪري ٻڌايم ته اجهو هِتي وڃڻو اٿم..... چيائين پوءِ ته تون اُبتي گس تي پيو وڃين. جي چئين ته اسين تو کي ان علائقي ۾ ڇڏي اچي سگهون ٿيون.... مون چيو ته پوءِ واهه واهه.... ايئن ڪندي لاڏليون ٺينگ ٽپا ڏيندي پاڻ ۾ مشڪري ڪندي پئي ويو ۽ آئون پويان ٿڪل ٿڪل ٿيلهو گيهليندي، اچي پهتاسين ان علائقي يعني مائرغيريٽا نالي مارڪيٽ ۾ پهتاسين. اُتي ڇوڪري رڙ ڪئي ڇوريون ڀڄو واپس نه ته پنهنجي بس نڪري ويندي... ايئن ڪندي اهُي ڇوڪريون ڊوڙنديون باءِ باءِ ڪنديون ويون واپس.

    مون وري به هِتان هُتان پُڇا ڪري موبائل جي ڏس تي اچي هڪ دروازي تي پُهتس جتي 10 فونٽ سائيز ۾ لکيل هو Backpackers House Venice.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انڌن وڃي ملتان لڌو چئي وڏا صحيح چئي ويا هئا... توهان ته پوءِ به اکين سان گڏ فون ۽ ميپ سان گڏ هيو ۽ وري اٽلي واسي سي به ڇوڪريون هتان جي پنجاب جا رهواسين جهڙيون به نه .. ان ڪري ڊپ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها... پر لڳي ٿو پاڻ وارو يار... به منهنجي هڪ دوست جهڙو آ جيڪو پريشان ان ڪري به هوندو آهي ته کيس پريشاني ڇو ناهي...
    خير يار ترڪي ۽ آمريڪا کان پوءِ هاڻي اٽلي ويندي توهان جي مها باس ۽ ڪمپني تي رشڪ پيو ٿئي.. ۽ سوچيان پيو دنيا گهمڻ جا اهڙا خواب ته منهنجا به هئا پوءِ پورا رڳا تنهنجا ڇو پيا ٿين... لڳي ٿو دعائون ڪجهه جهجهيون اٿئي...
    باوجود ان جي جو پاڻ وارا اهي خواب ساڀيا ٿيندي پري پري تائين نظر نه پيا اچن سي پنهنجي خاص ڪيمرا جي اک ۽ چهچٽي جو چسڪو ڏيندڙ وارتا سان ورندي پيا نظر اچن.. پرين جاري رکجو جو هاڻي توهان جي لکڻ جو سواد به سوايو ٿو لڳي...
    ڪجهه سوال اڀرن ته ٿا پر توهان انهن کي ذاتي سمجهي جواب نه ڏيڻ لاءِ به آزاد آهيو...
    هن دفعي وري اٽلي ڪهڙي مشن تي آهيو...؟
    هر دفعي وانگر توهان سان مردن بجاءِ مايون ڇو پيون اٽڪن..؟
    ماين جي مسڪرائڻ سان دلچسپي نه هجڻ جو سبب توهان جي روايتي پريشاني يا ڊپ هو يا اتان جو حسن اسان کان به ويل آهي..؟
    ۽۽۽۽۽.... جواب مليا ته ٻيا سوال به ڪبا... :)
     
    جۂ شنڪر ولاسائي ۽ گورڌن ولاسائي هيء پسند ڪيو آهي
  3. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اهو وري ڪيئن؟ مون کي ڪوبه اهڙو تجربو ناهي.

    اها ڳالهه گهڻي قدر صحيح آهي. امان، ڏاڏي، ناني، ڀينرن، ان کان پوءِ ترڪي جون نانيون ڏاڏيون..... دعائن ڪرڻ وارا گهڻا آهن. الله سائين جو مهربانيون آهن.

    توهان جي مهرباني، توهان دوستن جي تعاون سان.

    مثبت تبصرا ۽ سوال جواب مزو ڏيندا آهن، باقي ڪو ڳالهه کي ٿيڙي ٿو پوءِ ڪم خراب ٿيو وڃي.

    الڪانفرنس...... پوري ٿي وئي، واپس اچي وياسين. مزو ته ڏاڍو آيو. ٻئي سوال جو جواب تفصيل سان منهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي.....

    ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.... اِٽلي از دي بيسٽ!!!

    ويلڪم.

    عبدالحفيظ لغاري سليمان وساڻ عبيد ٿهيم
     
    آخري ترميم: ‏7 جنوري 2017
    ڪي ڪي بروهي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو