1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڇا مور کائڻ اسلام ۾ جائز آهي

'اسلام زنده باد' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2017۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    167
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    اسلام عليڪم دوستو اڄ مون وٽ وري هڪ ديني سوال آيو آهي اهو سوال هن طرح آهي ته ڇا اسلام ۾ مور کائڻ جائز آهي يا نه مطلب مور حلال آهي يا حرام آهي ۽ ان جي پرن جي شريعت ۾ ڪهڙي اهميت آهي

    ڇو ته اسان مسلمانن وٽ ان مسئلي تي هروڀرو جون ڳالهيون ڪافي مشهور آهن اسان مان ڪجهه مسلمان مور پکي کائڻ کي مڪروع سمجهندا رهيا آهن اهڙي طرح ڪجهه ماڻهن جو خيال اهو رهيو آهي ته مور کائڻ ته حلال آهي پر ان کي تعظيمي طور تي ته نه کائجي ته بهتر آهي ڇو جو اسان مسلمان انهن جي پرن کي قران پاڪ ۾ رکون پيا

    بهرحال ان سوال جو مختصر جواب هي آهي ته اسلامي شريعت ۾ مور بلڪل حلال پکي آهي ۽ ان کي کائي سگهجي ٿو ان ۾ ڪا به قباحت وري ڳالهه ڪو نه آهي ڇو ته جيڪو پکي چهنب سان چڳي اهو پکي اسان ۾ کائڻ جائز آهي مور ۾ سڀئي حلال پکي واريون علتون موجود آهن دنيا ۾ مور جا ٽي قسم آهن هڪ ڪونگو مور ٻيو انڊين مور ۽ ٽيون گرين پيڪوڪ جنهن کي سائو مور چيو وڃي ٿو اهي ٽئي مور جا قسم اسلام ۾ کائڻ جائز آهن مور پکي هونئن به سائينٽفڪ طور تي فسينڊاء فيملي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جو ڪلاس ايوز آهي هي ساڳيو ئي ڪلاس آهي جنهن سان ڪڪڙ تعلق رکي ٿو مطلب سائنسي حساب سان مور ڪڪڙ جي ويجهو آهي ان جي ڪري اهو پکي پنهنجي چال چلت ۽ جسماني لحاظ سان ڪڪڙ سان ملي ٿو

    هاڻي اچو ته ان ڳالهه تي بحث ڪريون ته مور جي پرن جي شريعت ۾ ڪهڙي حيثيت آهي ڇو ته توهان مور جا پر قران ڪريم ۾ ۽ مور جي پرن جو ٺهيل جھاڙو مختلف درگاهن ۽ مسجدن ۾ ڏٺو هوندو

    ان جو جواب هي آهي ته مور جي پرن جي شريعت ۾ ڪا به اهميت ڪو نه آهي پر پهريان ماڻهون مور جي پرن کي نشاني طور قران ڪريم ۾ رکندا هِيا ته جيئن پڙهيل ورق ياد رهي سگھي ۽ رهي ڳالهه مور جي پرن جي جھاڙو جي ته پهريان ڪنهن وقت روضه اطهر ۽ بيت الله جي صفائي لاء مور ۽ اٺ پکي جي کنڀن مان ٺهيل جھاڙو استعمال ڪيا ويندا هئا ڇو جو عام جھاڙو استعمال ڪرڻ مسلمان مناسب ڪو نه سمجندا هيا بهرحال ان ۾ ڪجهه خوبصورتي به آهي ۽ قدرت جا رنگ به سمايل آهن ان ڪري انهن جو استعمال پسند ڪيو ويندو هو پر شريعت ۾ ان جي پرن جي ڪائي فضيلت بيان ٿيل ڪو نه آهي
    دعا آهي ته الله تعالي اسان کي دين جي سمجهه عطا ڪري آمين

    [​IMG]



    [​IMG]

    [​IMG]
     
    غلام مصطفي ميمڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سونا فقير

    سونا فقير
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2016
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ادا مهرباني ، تمام سٺو مسئلو بيان ڪيو اٿو، ڪجھ شبهات اسان به هن باري ۾ ٻڌا هئا اڄ دور ٿي ويا، خير اسان ڪڏهن به ان کي کائي ته نٿا سگهون پر اسلام ۾ هن جو گوشت حلال آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو