مضمون.. پانام ڪيس ۽ ملڪ ۾ عدالتي نظام

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2017۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    اناما ڪيس ۽ ملڪ ۾ عدالتي نظام

    اظهر سولنگي.

    پاناما پيپرز ليڪ ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين ليڪس بابت ڏاڍا دلچسپ تجزيه اچي رهيا آهن. ڪجهه سينيئر تجزيه نگارن جو شروع ۾ اهو چوڻ هيو ته حڪومتي ڌر کي پارلياماني تبديلي آڻي وزيراعظم جي قرباني ڏيڻي پوندي. ليڪس ايتريون ته گهرائي ۾ آهن جنهن جي شروع وارن ڏهاڙن ۾ واقعي وزيراعظم پريشر برداشت ڪري سگهڻ جي سگهه نه هجڻ ڪري اوچتي دل جي بيماري ۾ وڪوڙجي ويو ۽ نيٺ آپريشن به ڪرائڻو پئجي ويو... ۽ دل جي ڪامياب آپريشن کان ستت ئي تقريبن 36 ڪلاڪن جي اندر صحتياب ٿي ڪري واڪ به ڪرڻ لڳو. مطلب ته پاناما ليڪس وارو ڪيس تمام گهرو ڪيس آهي جنهن جي گهرائي شايد پاڪستان جي وزيراعظم کي ڪڏهن ته ڏکي پئجي سگهي ٿي. اها پڪ ۽ هڪ تمام وڏو ۽ ڪڙو سچ آهي ته پاناما ڪيس ۾ ميان نواز شريف جا پاتاميل پڌرا ٿي چڪا آهن پر حڪومت پنهنجي ڏاڍ تي بيهي ڪري پنهنجي تحفظ ڪري رهي آهي صرف ان حد تائين ته پنهنجو اڳواڻ احتساب کان بچي وڃي، جيڪڏهن بچاء نه ٿي سگهيو ته پاناما واري ليڪ پاڪستان گورنمينٽ کي پساهه پورا ڪرائي ڇڏيندي ۽ اهو احتساب ٿيڻو اڳي پوء ضرور آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي.
    پاناما ليڪس معاملي جي حل لاء ڪيس سپريڪ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاء پيش ڪيو ويو آهي پر جيتوڻيڪ هن وقت تائين جيڪو ڪجهه ڏٺو ويو آهي ان ۾ حڪومتي ڌر جي ئي فتح پاند ۾ پئي آهي پوء چاهي جائز يا ناجائز طريقن سان. ان ڪري هن وقت به اهو ئي تاثر ملي رهيو آهي ته پاناما ڪيس جي ايتري گهرائي ۽ سچائي وزيراعظم جي بلڪل به مٿان پيل آهي پر حڪومت هوندي وزيراعظم نوازشريف پاناما ڪيس مان آجو ٿي سگهي ٿو بلڪه گهڻو بار ختم به ٿي چڪو آهي. جهڙي طرح سان قطر جي شهزادي جي اوچتو پاناما ڪيس ۾ انٽري ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نالي جو تڪڙو فيصلو حڪمرانن کي بچائڻ جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. عرب شهزادن جا ته هونءَ به ميان نواز شريف سان ويجها تعلق رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ڏکين وقتن تي ساڻس کي ذاتي طور ڪم ايندا رهيا آهن.باقي عرب شهزادن پاڪستان جي لاء ڪجهه ڪيو آهي ته اهو منهنجي سامهون اڃا نه اچي سگهيو آهي جنهن جي عيوض پاڪستان جا وسيلا ۽ علائقا کين استعمال ڪرڻ لاء ڏنا پيا وڃن. ساڳي طرح سان جيئن اپوزيشن اڳواڻ خورشيد شاهه استحقاق رٿ آڻڻ واري ڏينهن اسيمبلي ۾ اهو چئي ڏنو هو ته عوام ۾ اهو تاثر عام ٿي ويو آهي ته ايندڙ جج پنهنجو آهي. خورشيد شاهه جي ان ڳالهه ۾ بلڪل به وزن آهي پر مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪجهه دورن کي ڇڏي ڪري اهو صاف ظاهر آهي ته نه صرف ايندڙ جج پر سمورا جج، پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا سموارا اعليٰ عملدار هميشه حڪمران ڌرين جا پنهنجا ئي رهيا آهن.
    مقصد ته انهن اعليٰ خدمتي عملدارن هيٺين ۽ وچولي طبقي کي ڇڏي ڪري گهڻي مان گهڻو فائدو اعليٰ طبقي کي ڏنو آهي جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اسان جي ملڪ جون حالتون ائين نه هجن ها، خاص ڪري جيئن هن وقت عدالت رهي آهي، هڪ ڪيس کي اڪلائيندي سالن جا سال لڳي وڃن ٿا پر هڪ انصاف جي طلبگار کي انصاف ته نه.. پر انصاف جو نالو ٻڌڻ ۾ ته اچي ٿو پر ان طلبگار کي پنهنجا حق حاصل ٿيندي نه ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن. ان ۾ ڪو عدالتن جو به گهڻو ڏوهه ڪونهي بلڪه وري به اهو سهرو سياسي مداخلت حڪمرانن ۽ پارليامينٽرين يعني اسيمبلين جي چونڊيل نمائندن ڏانهن ئي اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جا حڪمران ۽ عوامي نمائنده هميشه عدالتن جي فيصلن کي تسليم نه ڪندي چيلينج ڪندا وتن ٿا. ڪيترن واقعن ۽ هنڌن کان اهي خبرون به ملن ٿيون ته ڪورٽ جي حڪمن جي تعميل نه ڪندي گورنمينٽ جي ڦلاڻي همراهه حڪم ناما ڦاڙي اڇلايا. قانون جوڙيندڙ پاڻ ئي قانون ٽوڙيندڙ آهن ته هاڻي قانون هلائڻ وارن جو ان ۾ ڪهڙو قصور. نتيجن عدالتي ڪمن ۾ مداخلت هئڻ ڪري ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ٿي پيا آهن.
    ان ڪري اسان جي عام ماڻهو ۾ بلڪل به اهو تاثر ڦهليل آهي ته ” ڪجهه به ناهي ٿيڻ وارو“ ڀلي ڪيترو به ناجائز طريقن سان پرايا حق هڙپ ڪندڙ ڇونه هجي ان کي ڪجهه ٿيڻ وارو ناهي. ڇاڪاڻ ته حق غاصب ڪرڻ وارو بااثربه آهي، ته ڏاڍو مڙس به آهي، ته عوامي چونڊيل نمائندو به آهي ان ڪري سموارا اختيار انهن ماڻهن جي حوالي آهن.
    انصاف جي اهڙي تقاضا سان هن وقت وزيراعظم ميان نوازشريف به بلڪل پاناما ڪيس مان آزاد ٿي وڃي رهيو آهي. توڙي جو پي ٽي آء حڪومت خلاف تمام گهڻي رنڊڪ بڻيل رهي آهي ۽ ن کانپوء هاڻي پيپلزپارٽي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو چئي رهي آهي پر عام راء مطابق پيپلزپارٽي تحريڪ نه هلائي سگهندي پر حڪومت مٿان پريشر بلڊ اپ ڪري رهي آهي منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جو پريشر رکڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ جڏهن ته پيپلزپارٽي خودڪار حڪومتي مخالفت کان پري رهڻ چاهي ٿي. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي، نواز ليگ توڙي ٻيون وفاقي پارٽيون هن وقت تائين هڪ سڪي جا ٻه پاسي هجڻ وارو ناتو نڀائي رهيون آهن جنهن ڪري صرف ٻاهرين ڏيک لاء ڪارڊ استعمال ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته باقي هنن جي انهن سکڻن داٻن ڌڙڪن سان ڪجهه به ورڻو ناهي نه ئي ڪي اهڙا داٻا نتيجا خيز ٿي سگهن ٿا..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو