ڪنهن به مُسلمان عقيدو صحيح ۽ توحيدي ناهي ته هُو اڄ به نادم ٿي موت کان پهرين پنهنجو عقيدو صحيح ڪري

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    (شرڪ و بدعت) کان باغي ٿي گهٽ ۾ گهت پنهنجو عقيدو ته صحيح ڪريو
    https://www.facebook.com/photo.php?
    fbid=10211417033882352&set=a.1224859142426.34354.1257445178&type=3

    جيڪڏنهن ڪنهن به مُسلمان سڏجندڙ ڀاءُ جو عقيدو صحيح ۽ توحيدي ناهي ته هُو اڄ به نادم ٿي پنهنجي موت کان پهرين پنهنجو اصلاح ڪري تُوحيدي عقيدو اپنائي سگهي ٿو ، جيڪڏنهن هو مورثي طور يا (ناعلمي ۽ بيخياليءَ) ۾ وحي ڪيل (قُران ۽ حديثن) جي روشنيءَ ۾ ۽ (توحيدي دين اسلام) طرف ناهي رهيو ۽ هو (مڪي ۽ مديني) جي درسگاهن مان مليل تعليم، جيڪا (وحيءَ ذريعي ئي) مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) تي نازل ٿي هُئي ناهي سمجهي سگهيو ۽ جنهن لاءِ پاڻ (صلعم) پنهنجي وقت ۾ سندن زندگيءَ ۾ ئي (جنت جي بشارت) ڏئي (10 پڙهيل اصحاب سڳورن) کان ، جن جو ذڪر قرآن ۾ به موجود آهي لکرائي يعني (حديثون) محفوظ ڪرائي رکرائي ڇڏيون هُيون جيئن ايندڙ اُمت مُحمدي اُن تي عمل ڪري سگهي ۽ پوءِ ئي پاڻ هر (حديث) تي عمل ڪري (سُنت) پيش ڪيون ۽ سيکاريون هُيون ۽ لکرائي اُنهن کي پوين اصحابن (خُلفاءِ راشدين، تابعين ۽ تبع تابئين) جي مدد سان اسان تائين رسائيون ۽ جن کي پوءِ وقت تي (هر عالم و مُحدث ) ، ڇاڻي ڇوڻي (مُتفق عليه ٿي) (صحيٰ ستيٰ) جي صورت ۾ پيش ڪيون.
    ته جيئن اسان اسلام ۾ شامل ٿيل سڀني 73 فرقن جو فرق پڙهي سمجهي ۽ اُنهن 72 فرقن کي ڇڏي سگهجي، جن جو انتم (حديثن موجب)، پنهنجي (مڙني پيروڪارن سميعت) جهنم ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ اها خبر به نبيءَ سائين صلعم جن تان وحي ٿي، پوءِ اهي (غير عربي ۽ عجمي) قوتون پنهنجو هٿ گهڙيل دين (قران ۽ حديث) جي مُقابلي ۾ ۽ اسلام کي مُختف انداز ۾ پيش ڪري (اُمت اسلاميا) ۾ تفرقو وجهنديون.
    حالنڪه ، بني بشر ڄاڻي به ٿو ته نبي سائين (صلعم) جي تعليم جي روشنيءَ م ، صحيح اسلام (حق ۽ سچ ) وارن لاءِ بلڪل واضح آهي ۽ جنهن ۾ (شرڪ ۽ بدعت) ناهي هوندي۽ عبادت جي هر طريقي لاءِ هڪ لک 24،000 نبين جيان (هڪ واحد الله جلشانهُ جي) جنهن کي توحيد چئبو آهي، ۽ اُن الله کان سواءِ، نه ڪنهن نبيءَ جي، نه ڪنهن اصحاب جي، نه ڪنهن وليءَ جي، نه ڪنهن بُزرگ جي، نه ڪنهن جسم جي، نه بُت جي، نه قبر جي.
    غقل ۽ سمجه وارن لاءِ اهو سمورو (تصور ۽ قانون) پهرئين (ڪلمي پاڪ) ۾ به محفوظ ڪري موجود رکيو ويو آهي ته ڀٽڪندڙ مُسلمان (لا الاه الي الله، مُحمد رسولُالله ) چئي، پڙهي، ان جي فلاسافي سمجهي سگهي ۽ اصل (توحيدي دين اسلام) تي موٽي اچي .
    ڇو جو هر نبيءَ (سلام الله) جي وفات کان پوءِ ۽ ٻئي نبيءَ (صلعم) جي آمد جي وچ ۾ ، انسانن، پنهنجي وقت جي (نيڪو ڪارن، بُزرگن، ولين جا بُت ٺاهي) عبادتون ڪرڻ شروع ڪيون هُيون ۽ پوءِ هر ايندڙ نبيءَ (صلعم) پوءِ کين (توحيد طرف) وري راغب ڪري مُسلمان ڪرڻ لاءِ (الله تي ايمان آڻڻ کان پهريائين) انهن هٿ گهڙيل معبودن جو انڪار ڪرايو هو (لا الاه) يعني ناهن ڪي ٻيا معبود ، پر (الي الله ) مگر هڪ الله. ۽ هر اُمت طرف موڪليل نبين (سلام الله عليه)جي سکيا جيڪا به کين و(حي ٿيندي هُئي) جو ڪوبه (نبي صلعم) پنهنجي طرفان ڪا به ڳاله گهڙي پيش ڪرڻ جو هرگز مجاز نه هو .
    يعني (موسيٰ ڪليم الله به هو، ابراهيم خليلُ الله به هو، عيسيٰ رُوح الله به هو۽ پر آخري رسول (مُحمد رسولُ الله) صلي الله عليه وسلم ، رسول هُئا (معنيٰ) انهن جي ذمي (اول کان آخر تائين) (اسلام جو مُڪمل ٿيڻ) ۽ مُحمد عربي صلعم ذريعي اسلام مڪمل ڪري پيش ڪيو ويو (پيغام پُهچائيندڙ) جيڪو صرف ۽ صرف (قرآن ۽ حديثن) جي روشنيءَ ۾ پڙهائي، عمل ڪري(سُنت) جي روشنيءَ ۾ سيکاريو ويو.
    مڪي ۽ مديني جي مرڪزن مان سيکاريل (مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم) جي (توحيدي دين اسلام ۽ ٻين عجمي و غير عربي مدرسن ۽ مرڪزن يعني 72 فرقن واري دين ۾ فرق صرف (شرڪ ۽ بدعت) جو آهي يعني (شرڪ و بدعت) نه ڪريو معنيٰ ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت ڪري (مُشرڪ) نه بڻجو (جيئن قرآن جي آيتن ۾ آهي) ۽ ڪنهن ڳاله (حديث) ۾ اضافو (وڌاءُ) يعني بدعت نه ڪري (سُنتن) جي ادائگي نه ڪريو جيڪا نه مُحمد صلي الله عليه وسلم سيکاري ۽ نه ئي ڪڏنهن (خُلفاءِ راشدين ، تابعين ۽ تبع تابئين) ڪئي ۽ مُحمد عربيءَ (صلعم) سيکاري ئي ناهي.
    ته دوستئو! واپس اچو ۽ ورو صرف (مڪي ۽ مديني ) جي مرڪزن مان سيکاريل دين (توحيدي دين) طرف ۽ پنهنجي آخرت موچاري ڪريو (توحيد دين اسلام) اپنائي. جزاڪ الله، الله توهان کي به صحيح رستو ڏي آمين (ولله اعلم بثواب)
     
    آخري ترميم: ‏7 جنوري 2017
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سمون عبدالمتين

    سمون عبدالمتين
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جنوري 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    اانڊيا

هن صفحي کي مشهور ڪريو