ايم ڪيو ايم تي پابندي جو مطالبو......!!!!!!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    بلوچستان اسيمبلي ۾ الطاف حسين جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ منظورڪري ورتوآهي ۽ الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي پاڪستان آڻي مٿس بغاوت جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪيوويو آهي صوبائي اسيمبلي جي منظوري تي ايوان به اتفاق راءِ منظور ڪري ڇڏيو آهي اسيمبلي اندر الطاف کي پاڪ فوج مٿان زهر اوڳاڇڻ ڪراچي اندر دهشتگدري ڦهلائڻ سميت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيو ويون جن تي اسميبلي ٺهراه منطور ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف الطاف حسين خلاف مّذمتي قرارداد آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪامل علي آغا سينٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ پيش ڪندو.ايم ڪيو ايم جيڪا پهرين نائين زيرو،رائو انور جي پريس ڪانفرس،عمران قتل ڪيس ۾ اڳ ئي تمام گهڻي پريشانين ۾ وڪوڙيل آهي جڏهن ته وري ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين جيڪا تقريرڪئي ۽ پاڪ فوج جي خلاف ڳالهايو انهي رويي ويترملڪ جي هر سطح جي عوام جي دلين اندر ايم ڪيو ايم لاءِ نفرت پيدا ڪئي آهي پاڪستاني عوام جي هر فرد انهي ڳالهه جي مّذمت ڪري رهيو آهي ته پاڪ فوج جي اخلاف حسين کي اهڙي زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي ها.پاڪ فوج جنهن هميشه وطن اڳيان هر دور ۾ جانيون قربان ڪري رهي آهي انهي پاڪ فوج خلاف الطاف حسين اهڙي زبان ستعمال ڪئي اها سوچڻ کان ٻاهر آهي انهي ڪري لڳي ٿو ته الطاف کي پاڪستان جو احساس ئي ناهي پر اهو به سچ آهي ته احساس هميشه وطن ۾ رهندڙ انسان کي ٿيندو آهي الطاف جيڪو پاڪستان کي هميشه نفرت جي نگاهه سان ڏسندو آهي کيس وطن جو احساس ڪهڙو.!ڪراچي ايس ايس پي رائوانوار پريس ڪانفرس ڪئي جنهن ۾ هن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي (را) جا ايجنٽ هجڻ جا ثبوت پڻ ڏيکاريا جنهن تي را.ئو انوار کي سنڌ حڪومت معطل ڪري ڇڏيو رائو انوار اها پريس ڪانفرنس ڪنهن ڳجهي جڳهه تي نه ڪئي هئي پر اها پريس ڪانفرس ڪيترن ٽي وي چئيلن کي انٽريو دوران ڪئي هئي.جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جا جيڪي (را)جا اينجٽ هجن جو ڏوهه قبولي چڪا هئا انهن جا منهن ٽوال سان ٻڌل هئا اهي ٻڌائي رهيا هئا ته اهي ايم ڪيو ايم طرفان ڀارت ويندا هئا جتي هو (را)کان دهشتگردي جي تربيت وٺندا هئا جڏهن ته هو پنهنجا نالا جنهن ۾ هڪ جاويد لمبا،ٻيو جنيد ٻڌائي رهيا هئا رائو انوار پنهنجي بيان ۾ ٻڌائي ٿو پهرين دفعا ٻه اهڙا مجرم پڪڙيا ويا آهن جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي را جو ايجنٽ ٻڌائي رهيا هئا جڏهن ته رائو انوار اهو به ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي فلاحي فائوڊيشن(خلق خدمت فائونڊيشن) دهشتگردن کي سهولتون فراه ڪندي آهي ايس ايس پي رائو انوار چيو ته متحده جي سيئنر رهنما جنهن ۾ حماد صديقي،محمد انور،نديم نصرت،۽ ذولفقادر حيدر شامل آهن جيڪي را سان رابطي ۾ آهن ۽ اهي ئي پنهنجي ڪارڪنن کي انڊيا موڪلي را کان ٽرينگ ڏياريندا آهن جڏهن ته انهن را جي مدد سان60کان70کان وڌيڪ اهڙا جٿا تيار ڪري رهيا آهن جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ڪري چڪا آهن جن کي لنڊن ۽ ڪراچي مان هدايتون ملنديون رهنديون آهن رائو انوار جو اهو چوڻ هو ته هو جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي سو سمورو سچ آهي ۽ اهي هو ڳالهيون هو ثبوتن ساڻ عدالت م به ڏيکاريندو ۽ مجرمن کي انهن جي ڏوهه جي سزا ڏياريندو ۽ هو مطالبو ڪندو ته ايم ڪيو ايم تي ملڪ اندر پابندي لڳائي وڃي،۽ انهي پريس ڪانفرنس پوري ملڪ اندر تحلقه مچائي ڇڏي ايم ڪيو ايم جي رابط ڪميٽي ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيا انهي کان پوءِ الطاف رابطه ڪميٽي جو خوف ٽوٽڻ لا ءِ ٽيليفونڪ خطاب ڪيو جنهن کي ڪيتيرين ٽي وي چيئلن لائيو ڏيکاريو جڏهن ته لائيو ڏيکاريندڙ ٽي وي چيئلن خلاف نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن انهي بيان م الطاف را ۽ فوج جي لاءِ جيڪو باقابل برداشت هو جڏهن ته بيان دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر حرڪت ۾ اچي ويون جڏهن ته پوري ملڪ جا وزير قانوندان پڻ اهڙي بيان کان پوءِ پنهنجي ڪاوڙ کي روڪي نه سگهيا جنهن ڪري سڄو ڏينهن انهي تقرير تي بحث ٿيندا رهيا وزيراعليٰ پنجاب ۽ عمران خان الطاف حسين تي سخت جملن ۾ تنقيد ڪئي ته الطاف جي اهڙي رويي تي انهي خلاف ڪاروائي ڇو ڪون ڪئي وئي آهي ملڪ جي عوام فوجي قيادت،سياسي سماجهي حلق جڏهن الطاف جي بيان تي تنقديون ڪرڻ شروع ڪيو ته الطاف پنهنجي جّذباتي تقرير جي پاڪ فوج کان معافي وٺي ڇڏي ۽ معافي دوران الطاف چيو مون را واري ڳالهه طنزيه طور چئي هئي جنهن کي غلط سمجهيو ويو آهي جڏهن ته ايم ڪيوايم قائد الطاف حسين ايس ايس پي رائو انوار کي به گٿا لفظ ڳالهيا جڏهن ته پريس ڪانفرنس جي ڪري ايس ايس رائوانوار کي هٽايو ويو آهي جڏهن ته رائوانوار جي باري ۾ ٻڌايو پئي وڃي ته اهو واحد ايس ايس پي آهي جيڪو 92واري آپريشن ۾ حصو وٺڻ ڪري زنده بچي ويو هو جڏهن ته ان سان جيڪي آفيسر هئا انهن کي هڪ هڪ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايس پي رائوانوارسان گڏ پريس ڪانفرس ۾ گڏ عبدالفتاح سانگري کي به ٻئي ڏينهن شهيد ڪيو ويو عبدلفتاح سانگري کي شهيد ڪندڙ موٽرسائيڪلن تي سوارچار ڄڻا هئا ۽ عبدالفتاح سانگري کي شهيد ڪرڻ شايد رائو انوار کي اشارو هو ته هو ۽ انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته رائو انوار جيڪا پريس ڪانفرس ڪئي ۽ ڏوهارين پنهنجا ڏوهه قبولڻ سان گڏ ميڊيا جي سامهون بيان پڻ ڏنا ۽ جهڙي طريقي سان ان جي محنت آهي اها ضرور ساراهه جو ڳي آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪردار جو جائزو وٺنداسين ته ايم ڪيو ايم اها پارٽي آهي جنهن تي ملڪ اندر سڀ کان گهڻا الزام لڳا آهن ڪنهن ٽارگيٽ ڪلنگ،ڪڏهن ڀتاطور،ڪڏهن دهشتگدري،۽ڪڏهن خون ريزي آئون سمجهان ٿو ته ڪو به سال ايم ڪيو ايم لاءِ سٺو ڪون گذريو آهي پر اهوبه سچ آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم را سان ملي ڪري ملڪ اندر دهشتگردي ڪري ٿي خون ڪرائي ٿي ته ۽ انهي خلاف ڪي ثبوت آهن ته حڪومت انهي خلاف ڪاروائي ضرور ڪري انهي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ريفر ڪري ۽ عدالت کي اهڙو مواد ڏيڻو پوندو جنهن ۾ ايم ڪيو خلاف پڪا ثبوت هجن ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي انهي سياسي پارٽي کان سياست ڪرڻ جو حق پهرين کسيو وڃي جئين ڪالمبند جمائتن کي سياست ڪرڻ تي پاپندي لڳل آهي پر جڏهن ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳندي آهي ته اها پارٽي ملڪ توڙي قوم لاءِ سٺوناهي سوچيندي انهي ڪري انهي سياسي حلقي کان ملڪ توڙي عوام کي ڪنهن به وقت وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي ملڪ اندر اهڙا واقعا ٿي گذريا آهن جن وقعن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي جنهن نقصان مان ملڪ اڃان نه پيو نڪري سگهي ايم ڪيو ايم جي اگر پابندي لڳي ٿي ته ڇا هو پاڪستان يا عوام لاءِ سٺو سوچيندي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڻ کي ايترو ته مهنجائي ڇڏيو جو هو ڪو به فيصلو ڪري به پئي سگهي وفاق توڙي صوبائي حڪومتن ايم ڪيو ايم جي بيان جو نوٽيس ورتو ن ليگ اڳواڻ پي پي پي اڳواڻ تحريڪ انصاف ۽ بلوچستان حڪومت پڻ ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائن جي حق ۾ آهن جڏهن ته ق ليگ پارن به الطاف حسين جي پاڪ فوج واري چڙ ڏياريندڙ بيان خلاف سينٽ ۾ مذمتي قرارداد آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي محمود رشيد ۽ سورٺ ٿيٻو پڻ انهي بيان خلاف مذمت ڪئي آهي ۽ هاڻي انهي سموري ڳالهه مان اندازو لڳي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم وٽ هاڻ پنهنجي صفائي بيان ڪرڻ لاءِ ڪجهه بچيوناهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين اهو چئي رهيو آهي ته ڀلي ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳي پر هو پارٽي نه ڇڏيندو هو پنهنجي ڪارڪنن سان ڪيل وعدي تي قا.ئم آهي پر اها به سوچڻ جهڙي ڳاله آهي ته هن پارٽي سان ڪهڙا وعده ڪيا آهن ڇو پنهنجي هڪ بيان تي هفتو به نه ٿو بيهي انهي ڪري جڏهن پارٽي تي پابندي لڳي ته پوءِ پارٽي جو ساڀ ڏيندو يا وري هڪ دفعو ٻيهر پارٽي تان استيفيٰ ڏيندو اهو به هڪ سوال آهي جڏهن ته پاڪستاني ڪجهه سياسي حلقا برطانيه کان گهر ڪري رهيا آهن ته الطاف حسين تي برطانيه حڪومت انهي ڳالهه جو نوٽيس وٺي ڪري الطاف حسين خلاف ڪاروائي ڪري انهي سموري ڳالهه جو نتيجو ڪهڙوٿو نڪري پاڪستاني عوام کي انهي جو انتظار آهي پر انهي سان عوام پريشان ضرور آهي ته ايندڙ وقت انهي لاءِ ڪٿي ويتر گهڻي پريشاني وارو نه اچي جنهن ۾ انهي کي ڪو جاني يا مالي نقصان ٿي ......!!

    غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو ضلع بدين

    0333.3737575
     
    شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    منهنجي خيال ۾ هي مضمون پراڻو آهي،
     
  3. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ها ادا پراڻو آهي يا سنڌ سلامت ڪالهه کان وٺي جوائن ڪئي آهي ته انڪري موڪلي ڇڏيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو