منهنجو مختصر تعارف

'تعارف' فورم ۾ ماروي سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    اسلام عليڪم پيارا فقير سائين ۔
    ادا ( اردو جي چوڻي آهي ته کوٽيوسين جبل پر نڪتو ڪوئو ) ادا توهان ماشاءالله سان گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته عقل ۽ سمجهه وارا ماڻهون ٿا لڳو، پر ان هوندي به توهان جو ڇڪو چئجي، ڌڪو چئجي، يا وري اسان جي دوست ڀٽي واري ڳالهه چئجي ته ڀائو عقل جي دوڙ ڪري پوء اهيو نتيجو ڪڍيو آهي، چئجي ۔
    مطلب ته توهان جي ڳالهه بلڪل غلط بلڪه 110 سيڪڙو ڳالهه، ڌڪو، يا ڇڪو غلط آهي،
    جڳ مشهور عالم عارف ۽ بزرگ جناب حضرت مولانه جلال الدين رومي رح صاحب پنهنجي مثنوي ۾ هڪ قصو آندو آهي جنهن جو مفهوم هيٺ ڏجي ٿو۔ ((( هڪ دفعي هڪ بزرگ صاحب ڇا ڪيو جو هڪ خالي ڪمري ۾ هڪ هاٿي بيهاريو ۽ اهو ڪمرو اونداهون به هو ، ۽ فردن فردن هر هڪ شاگرد کي ان ڪمري ۾ ان لاء موڪليائين ته ڏسي اچو ته اندر ڇا آهي، ۽ پوء هڪ هڪ شاگرد اندر ويو ۽ هر هڪ شاگرد جو هاٿي جي مختلف حصي تي هٿ لڳو مثلن ڪنهن جو پڇ ۾ ته ڪنهن جو سونڊ ۾ ، ته ڪنهن جو هاٿي جي پيرن ۾ وغيره وغيره ۽ انهن مان هر هڪ اچي مختلف بيان ڏنو ته اندر هي شي آهي، ۽ پوء ان بزرگ انهن سڀني شاگردن کي چيو ته هي وٺو هي ڏيئو آهي ۽ ان کي اندر ڪمري ۾ کڻي وڃون ۽ ڏسو ته اندر ڪمري ۾ ڇا آهي، ۽ انهن ائين ڪيو ۔ جڏهن هي اندر ويا ته انهن ڏٺائون ته اندر ته هاٿي آهي، ۽ سڀ شرمندا ٿيا، ۽ پوء انهن سڀني کي انهي بزرگ اهيو چيو ته پٽ هي ڏيئو علم، ۽ ڄاڻ جي مثل آهي، ۽ توهان وٽ جيترو علم ۽ ڄاڻ وڌيڪ هوندي اوترو ڌوڪو گهٽ کائيندو۔)))) جنهن لاء شاه صاحب پڻ هي سٽون چيون آهن۔

    مُئي هاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛
    مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛
    ”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛
    سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.​

    سو ادا ڦلپوٽه فقير صاحب مان ته توهان کي به اهيو چوندس ته پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪريو ۽ ائين هرو ڀرو جا الزام ٻين تي نه هڻو، اسان جا وڏڙا اهيو به چوندا آهن ته ( اڻ ڏٺي تي عتبار نه ڪجي ۽ سامهون ڏٺي ته ويچار ڪجي ) فقير سائين حقيقت ته اهيا آهي ته ماروي سنڌي اسان جي ڪمپني ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ هڪ سنڌي جي ناتي مون سان هن جي سٺي دوستي آهي، ۽ ان جو تعلق سيلز ڊپارٽمينٽ سان آهي جنهن جو ڪمپيوٽر سان ڊاريڪٽ ڪو واسطو ڪونهي بس ڪنهن وقت موقعي جي مناسبت سان اچي مون وٽ ويهندي آهي ۽ مان ان کي ڪمپيوٽر + سنڌ سلامت بابت سمجهائيندو آهيان ۽ ڪمپيوٽر جي باري ۾ ياهو ميل، وغيره بابت به کيس مون ڪجهه شيون سمجهايون آهن، ۽ اهيا به حقيقت آهي ته ماروي سنڌي منهنجو آفيس سسٽم استعمال ڪندي آهي، جنهن جي ڪري (ساڳي آئي پيز سان لاگ ان ٿئي رهيا آهيو، ) باقي بقول ماروي ته مون وٽ گهر ۾ ڪمپيوٽر ڪونهي باقي منهنجي ڀاء جي گهر ۾ ڪمپيوٽر آهي ۽ مان جڏهن ڀاء وٽ وينديس ته اتي پڻ سنڌ سلامت استعمال ڪنديس ۽ اتي توهان کان ياهو ته معلومات حاصل ڪنديس،
    ۽ اهيا به حقيقت آهي ته سنڌ سلامت تي پنهنجي تحرير ڪيئن لکجي وغيره به مون کيس سمجهايو آهي، ۽ هن سنڌ سلامت تي جيڪو به ڪم ڪيو آهي اهو منهنجي سامهون ڪيو آهي۔ ۽ ان ڪم ڪرڻ ۾ به مون گائيڊ ڪيو آهي۔
    ادا ڦلپوٽه فقير سائين ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ مڙئي ڪجهه فرق آهي ، هت ڪراچي ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڇوڪريون به ڪم ڪنديون آهن،( توهان لڳي ٿو ته ڪراچي مان ايترا واقف نه آهيو، ۔پر ڀاء مون کي ته افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته محترم ابڙو صاحب ۽ رنجيت صاحب ته دنيا ڏسيو ويٺا آهن مگر انهن به اکيون ٻوٽي توهان جي اندازي، ڌڪي، ۽ ڇڪي تي يقين ڪري ويٺا جنهن جو افسوس به ارمان به آهي ته ڏک به، )
    مگر وري به توهان سڀني مان مون کي محترم رشيد صاحب تي ناز آهي ۽ اهيا واقعي حقيقت آهي ته رشيد صاحب هڪ جادوگر سان گڏ هڪ دور انديش ۽ مختلف پهلوئن کان ڏسندڙ ۽ هڪ ڪابل شخص آهي، جيڪو ماڻهون مطالعي سان گڏ مشاهدو پڻ رکندڙ آهي، جنهن جي سوچ ۽ سمجهه پڻ اکيون ٻوٽي گواهي ڏئي رهيون آهن۔
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ادا ممتاز صاحب! سائين رشيد جي ڳالهه ڪالهه پڙهي هئي سوچيو ته آفيس مان وڃي صبح‌ جو رپلا ڪري سائين ممتاز جن کي ايئن لکندس ته شايد فقير جي نظر ٿوڙي خراب آهي۔ سائين رشيد جي آ پي واري ڳالهه دل سان لڳي۔ پر سائين توهان جذباتي رپلا ڪري هڻي هند ئي هٿيڪو ڪري ورتو۔ سو سائين منهنجا اسان به ڪنن ٻڌي ڳالهه تي اعتبار ڪيو آهي جنهن ڪري اسان جي عام معافي ڏني وڃي۔ جو اسان توهان جي اهڙي صوبر ڪردار تي شڪ ڪيوسي۔ ممتاز صاحب! يقين ڪريو مونکي ماني جو گرهه هٿ ۾ هيو سوچيو توهان کي جواب ڏئي پو ٿو ماني کاوان۔ پر هتي اصلي توهان جي اهڙو جذباتي جواب پڙهي اصلي اکين ۾‌ ڳوڙها نڪري آيا آهن۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    فقير جي ڳالهه تي حيرت ته ٿي پر آئي پي کان علاوه به شايد ڪا ڄاڻ ۽ ايتري پڪ سان اوهانکي ممتاز مان مارئي چيائين جو اسين به ٺڳجي وياسون ته متان اوهان ڪنهن ڀوڳ جو نئون انداز واپرائي رهيا هجو ۔۔۔ اوهانکي ڏک، افسوس کان وڌيڪ لڳي ٿو ته اسانتي ڪاوڙ آئي آهي ۔۔۔ ان لئه معاف ڪجان يار ۔۔۔ دل سان معافي ٿا وٺون ۔۔۔ دوستن سان ڪهڙا ليکا ۔۔۔ جي اڃان به ڪاوڙ هجي ته منٿون ڪرڻ اسانکي به اينديون آهن۔

    اسانکي فخر آهي ته دوست رشيد اسانجو ساٿي آهي ۔۔۔ اسين هميشه مڙسن جي ڪنڌي تي ئي گهر ٺاهيندا آهيون ۔۔۔ ڀاڙئي سان پنهنجي به نه لڳي ۔۔۔

    اميد ته اوهان دل ۾ نه ڪندا ۽ صاف شفاف رهندا ۔۔۔ ڇنڇر تي مديني شريف کان موٽي منٿون ڪبيون ۔۔۔ تيستائين دعائن ۾ گڏ
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ڀاء رنجيت صاحب توهان کي پنهنجي غلطيء جو احساس ٿيو ، اهيو منهنجي لاء ڪافي آهي، مون ته پنهنجي حقيقت بيان ڪئي آهي، پوء ڀلي ڪنهن کي يقين اچي يا نه، مون کي ان تي ڪو به فرق ڪو نه ٿو پوي، مگر پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ به منهنجو حق آهي جنهن کان مون کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، باقي جڏهن الله مون کي پنهنجي هڪ سڃانپ ڏني آهي ته مان پنهنجو نالو بلا ڇو مٽائيندس، منهنجو نالو ڪو ايترو ته خراب ڪونهي۔ ۽ ٻيو توهان دوستن کي اهيو به عرض ڪندو هلان ته منهنجو اهڙو نالو آهي جيڪو ڇوڪريء لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي، ۽ مون کي انهن ڳالهين جو ڪو به فرق نه ٿو پوي۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ادا ابڙا صاحب مان ناراض ته نه آهيان بس مون پنهنجي صفائي پيش ڪئي آهي، باقي ناراض وارو ته الفاظ ئي منهنجي ڊائري، ( ڊڪشنري ) ۾ ڪونهي۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ادي ماروي سنڌي۔۔۔ هڪ ته سنڌ جي سورمين مان هڪ بهترين نالو ٻيو مٿان سنڌيءَ‌جي سڃاڻپ گڏ لڳل سان اوهان جو نالو ماشاءَ الله سنڌين جي شان محسوس ٿي رهيو آهي۔۔۔ جس هجي ادا ممتاز کي جو اسان جي سٿ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت سان چاهه رکندڙ هڪ ڀيڻ‌کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني اٿن۔۔۔
    هن مست ڀاءُ جي طرفان اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ادي اسان جي طرفان توهان کي ب ڀليڪار
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ماروي ۔جهوني طرفان سنڌ دوست اوطاق تي اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار، هجيو۔ ، ۽ اسان محترم ممتاز علي وگهيو صاحب جا به تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن اوهان سان سنڌ سلامت کي متعارف ڪرايو ۔ ڀلي ڪري آيا ۽ جي ڪري آيا اميد ته اوهان باقاعده سان هن فورم تي ايندا رهندا ۔
     
  9. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ماروي سنڌي کي سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار۔
     
  10. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    توهان کيڪنگ جي طرفان موسٽ ويلڪم
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    بلڪل ادا مون وٽ علم آهي ئي نه ان جو اندازو ته توهان لڳائي ڇڏيو آهي
    بلڪل ادا ائين ئي ڪبو

    ماشاالله
    بلڪل سائين مون جا توهان صحيح اندازو لڳايو آهي مون جي باري ۾

    ادا سائين ٿئي سگهي ٿو مون جو اندازو غلط هجي پر توهان کي شڪارپور وارن جي لا۽ اهڙا لفظ نه لکڻ کپندا هيا توهان جا اهي لفظ ۽ توهان جو پرسنل ميسيج مون پڙهيو آهي ته باقي هر شهر وارن لا۽ اهڙا مزاحيه پهاڪا موجود آهن توهان کي مان ٻڌايان ته توهان جي شهر تي ڪهڙا عجيب ۽ دلچسپ پهاڪا چيل آهن افسوس ته مون کي توهان جي جواب تي ٿيو جو توهان اهڙا لفظ لکيا ان مان مون کي توهان جي ڪراچي ۾ رهڻ ۽ پڙهيل لکيل هجن جو ثبوت ملي ويو .

    افسوس صد افسوس بهرحال ادا

    سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته نينگر به ننڍي جمان به گهڻا

    سدائين گڏ
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ادا فقير، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته ڪافي ڏينهن کان پو اوهانجي حاضري ٿي آهي ۔۔۔ باقي اڄ جي اوهانجي جواب پڙهڻ کانپو هڪ دوستانه ۽ ڀائرن واري صلاح ۽ هجت آهي ته مهرباني ڪري اوهان ٻئي دوست هن ڳالهه کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي پنهنجي ّشخصيت کان پنهنجي پنهنجي علائقي کان نڪري سنڌ ۽ سنڌيت تي اچو ۔۔۔ ڇا اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ هڪ مّضبوط رشتو سنڌيت جو اوليت رکي ٿو يا اوهانجي پنهنجي شخصيت يا اوهانجو علائقو؟
    ڇا لاڙڪاڻو منهنجو شهر آهي، باقي سنڌ جا ٻيا شهر منهنجا شهر ناهن؟ اڙي دوستو! سڀ اسانجا شهر آهن ۽ اسين پاڻ ۾ قومي ڀائر آهيون ۔۔۔

    اوهان پاڻ سياڻا ۽ روشن خيال آهيو ، اوهان کان ڪجهه سکڻ جي تمنا ۽ آرزو آهي۔ تون ڪير مان ڪير؟ واري روش ته اسانکي نقصان رسايو آهي ۔۔۔ اچو ته پنهنجو نقصان ڪرڻ بند ڪريون ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي هر آفت کان بچائي ۔۔۔ آمين
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    سائين ڦلپوٽو فقير ته هيمشه ائين ئي ڪندو آهي پر ممتاز صاحب ڪافي پهاڪا ۽ علم بابت ڏيڻ ڄڻ جو ڪوشش پيو ڪري ۽ ڊائريڪٽ حملو ڪيو اٿائين پر وري پنهنجا لفظ به مٽايا اٿائين ۽ پي ايم ڪري به ساڳيا ئي لفظ لکيا اٿائين

    بس سائين الله پاڪ سمجهه ڏئي انهن پڙهيل لکيل دوستن کي

    سدائين گڏ
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    آء نماڻي عيبن واري، مون ۾ عيب آهن لک ​

    ادا ڦلپوٽه صاحب جواب ڏيڻ جي مهرباني الله توهان کي هميشه خوش رکي ۽ هر مصيبت ۽ پريشاني کان پناه ۾ رکي، ، پر افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته مون پي ايم به ان ڳالهه جي ڪري ڪيو هو ( معذرت ڪرڻ لاء ) مگر پي ايم ڪرڻ جو ڪو فائدو ڪو نه ٿيو، آخرڪار اوهان به اهوئي ڪيو جيڪو مون کان ( ائين کڻي چئجي ته ڪاوڙ مان ۽ جذبات مان ) لکجي ويو هو، جنهن لاء توهان کي مون فون ڪري به معذرت ڪئي هئي۔ ۽ مون پي ايم ۾ اهيو به لکيو هو ته ان ٿيل ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيندا، مگر ائين نه ٿيو ۽ اوهان پنهنجي دل جي باه ڪڍي سنڌ سلامت جي ساٿين جي سامهون آندي ۽ پنهنجو بدلو ورتوان لاء به مهرباني، ۽ ٿورا ۔ خير، ۽ ( اهيا به حقيقت آهي ته ڀاء معاف ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، ) ادا مان وري به توهان کي اهيو عرض ڪندس ته توهان جڏهن ڪنهن لاء ڪجهه الفاظ ( مذاق ۾ ئي صحيح ) چئيو ٿا ته اهو ڀلي چئو، مگر پاڻ ۾ بردائشت جي قوت به پيدا ڪريو۔ ادا توهان جي مهرباني نوازش ۽ ٿورا، قرب ۔ ( اهو ان لاء ته توهان پنهنجو بدلو ورتو ۽ پنهنجي دل جي باه ٻاهر ڪڍي ڪري منهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ڇڏيو، ورنه ايترن ڏينهن کان منهنجو من ۽ ضمير مون کي ملامت ڪري رهيو هو ته ممتاز تو اهيو صحيح نه ڪيو هو اهو به اهڙي ماڻهون سان جنهن تو کي تنهجي ڪئي جو جواب به نه ڏنو آهي، )
    ادا ڦلپوٽه فقير صاحب توهان ته فقير ماڻهون آهيو، ( فقيري واري صفت ته بزرگن جي صفت هوندي آهي دعا آهي ته الله اها هر مسلمان کي نصيب ڪري ) ۽ اڄوڪي دور ۾ اهيا فقيري ملڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي، اسان ته ڪنا، ڪم چور، ڪاهل جاهل، بي ضمير بي عقل ۽ دنيا جا بيڪار ماڻهون آهيون، ( آء نماڻي عيبن واري، مون ۾ عيب آهن لک
    )
    بس دوست انهيء ربِ ڪائنات جي ڪرم فضل ۽ مهرباني سان هت ڪراچي شهر ۾ رهيا پيا آهيون ( جنهن لاء جيترو شڪر ڪجي اهو گهٽ آهي ) ورنه مون ۾ اهي افعال ۽ اها اهليت ڪاٿي، وري به انهيء ذات کي شل ٻاجهه پوي ورنه انسان انسان کي ڪاٿي ٿو بردائشت ڪري، دعا آهي ته رب پاڪ توهان سان گڏ دنيا جي هر انسان کي هميشه خوش رکي آمين،
    وري به توهان کان هٿ ٻڌي اهيو عرض ڪبو ته منهنجي غلطين جي مون کي معافي ڏني وڃي ته توهان جا لک قرب ۽ ٿورا ٿيندا، توهان جو دعاگو

    [​IMG]
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    منهنجو ڪيل پي ايم​


    ادا ابڙا صاحب، ڦلپوٽه صاحب ۽ رنجيت صاحب مان توهان سان ناراض نه آهيان، مان شايد جذبات ۾ شڪار پور جي سهڻي شهر جو ذڪر اهڙي طريقي سان ڪري ويس ، جڏهن ته مان هت ڪراچي ۾ به انهيء ڳالهه تي ٻين سان پڻ چڙي پوندو آهيان، سو برائي مهرباني توهان پنهنجي جواب ۾ شڪارپور واري ڳالهه کي ڪٽي ڇڏيندا ته مهرباني ٿيندي۔ ۽ ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيندا،
    توهان جو دعاگو
    ممتاز علي وگهيو۔ ڪراچي سنڌ۔
    فون نمبر 03003340827
     
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو مختصر تعارف


    مون جي جواب ڏيڻ کي توهان جيڪڏهن دل جي باه يا برداشت جي قوت گهٽ ٿا سمجهو ته وڄي سمجهو باقي مان ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙا ريپلائي ڪري ڳالهه کي نه وڌايو هاڻي به توهان جي ريپلائي ۾ مون کي ڳالهائڻ لا۽ گهڻو ڪجهه آهي پر مهرباني ڪري ڳالهه کي وڌائي فورم لا۽ مسئلا نه پيدا ڪريو

    الله توهان کي ڪامياب ڪري


    سدائين گڏ
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ڪجهه مهينا اڳ دوست رشيد سمون صاحب جن هيءَ ڪهاڻي ونڊ ڪئي هئي، اسان سڀني واه واه ته ڪئي هئي پر لڳي ٿو ته صرف وقت ٽپائڻ خاطر واه واه ڪئي هئي ۔۔۔ ان مان ڪو سبق حاصل نه ڪيو هو ۔۔۔
    **************
    ٻه دوست سمنڊ ڪناري گهمي رهيا هئا۔۔۔ گهمندي گهمندي ڪچهري دوران ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ ايندي هڪ دوست ٻئي کي چماٽ رسيد ڪئي۔۔۔۔۔ دوست کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر هن ڪجهه نه ڪڇيو ۽ هن واري تي وڏن اکرن سان لکيو۔۔۔ ”اڄ مون کي منهنجي بهترين دوست منهن تي چماٽ رسيد ڪئي۔۔۔۔“
    آخر گهمندي گهمندي کين خيال ٿيو ته ڇونه سمنڊ جي پاڻي سان غسل ڪجي۔۔۔ ٻئي غسل ڪندي سمنڊ ۾ ڪجهه اڳتي نڪري ويا ۔۔۔ جنهن دوست چماٽ ورتي هئي ان جو پير ترڪڻ ڪري ٻڏڻ لڳو۔۔ جلد ئي سندس دوست کيس بچائي ورتو ۽ سمنڊ کان ٻاهر ڪڍي ورتو۔۔۔
    ٻڏڻ واري دوست هن دفعي هڪ پٿر تي لکيو ۔۔۔۔”اڄ منهنجي دوست منهنجي جان بچائي۔۔۔۔“
    هن جي دوست کائنس پڇيو ۔۔ ”جڏهن مون توکي چماٽ رسيد ڪئي ته تو پنهنجو جملو واريءَ تي لکيو پر جڏهن مون تنهنجي جان بچائي ته تو پنهنجو جملو پٿر تي ڇو لکيو۔۔۔۔؟“
    دوست جواب ڏنو۔۔۔”جڏهن اسان کي ڪنهن دوست کان ڏک رَسي ته اهڙين ڳالهين کي وسارڻ لاءِ پنهنجي لفظن کي واري تي لکڻ گهرجي ته جيئن هوا ۽ سمنڊ جو پاڻي ان کي ڊاهي ڇڏي۔۔۔ پر جڏهن اسان پنهنجي لاءِ ڪجهه ڀلو ڪيون ته ان کي پٿر تي لکجي ته جئين ان کي هوا ۽ سمنڊ جو پاڻي ڊاهي نه سگهي۔۔۔“

    تڏهن چوندا آهن ته ڪنهن ڀلي ماڻهون کي جانچڻ ۾ هڪ منٽ لڳندو آهي۔۔۔ هڪ ڪلاڪ ان کي سمجهڻ ۾ لڳندو آهي ۔۔۔۔ هڪ ڏينهن ان کي پيار ڪرڻ ۾ لڳندو آهي ۔۔۔ ۽ پوري زندگي ان کي وسارڻ ۾ لڳندي آهي۔۔۔

    سبق: پنهنجي زندگي ۾ شين کي اهميت نه ڏيو۔۔۔ پر اهميت ڏيو انهن کي جيڪي توهان جي زندگي ۾ آهن۔۔۔
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    اَکِـيُون سي ئِي ڌارِ، جِنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي؛
    ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَھڻو رِيسارا سُپِرِين​
    .
    غور ڪريو مون ته توهان کي معذرت ڪئي آهي ، مون ته ڪو سنڌ سلامت فورم لاء مسئلو پيدا ناهي ڪيو، مون ته دوستي جو هٿ وڌايو آهي، ان ڪري معذرت لاء فون ڪئي مگر توهان جي اها ئي ساڳي ڪار ته ڪڪڙ هڪ ٽنگو آ ۔ بس پوء دعا آهي ته الله توهان کي سمجهه جي قوت ۽ صبر، و برداشت ڪرڻ جي سگهه عطاء ڪري ۔ رهي ڳالهه رپلائي ڪرڻ جي ته ڀاء اگر توهان رپلائي ڪري سگهو ٿا ته ، اهيو حق منهنجو به آهي، باقي صحيح ڪير اهو فيصلو سنڌ سلامت جي دوستن تي ٿا ڇڏي ڏيون اهيو بهتر رهندو، ڀاء وري به هٿ ٻڌي توهان کان معذرت پيو ڪريان اميد ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ۽ ڳالهه کي ڳالهڙو نه بنائيندا، توهان جو دوست توهان جو همدرد، ۽ دعاگو توهان جو ڀاء ممتاز
     
  19. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    ادي ماروي ڀلي ڪري آيا۔
     
  20. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: منهنجو مختصر تعارف

    بس هن مسئلي سلجهائڻ لاءِ هاڻي ماروي سنڌو ئي پنهنجو وجود ثابت ڪندي ڪو ڪردار نڀائي باقي لڳي ٿو ڳالهه فقيرن، مستن ، نثارن ۽ نازن کان چڙهيل آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو