ڇا آدمشماري ڪرائڻ لاءِ فوج ضرروي آهي.؟

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    خوشي جهڙِي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جيف جسٽس انور ظهير جمالي آدمشماري جي معاملي تي پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي ۽ 2017ع واري ڏنل مشروط تاريخ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.۽ ظهيرانور اها به بهترين ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿا ڏئي سگهون ته پوءِ اداري ۾ ويهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.چيف جٽس جي اهڙي بيان کان پوءِ اٽارني جنرل عدالت واري بيان کان پوءِ چيو ته فوجي جوان نه ملڻ ڪري آدم شماري نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته وفاق پاران آدمشماري کي وٺي ڪري فوج مقرر ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو هوُ.جنهن اندر چيف جسٽس چيو آهي ته مونکي حيرت آهي ته هيُ ملڪ آدمشماري کانسواءِ ڪئين هلي رهيو آهي. فوج جي معاملي تي پڻ چيف جسٽس بيان ڏنو ته آدمشماري گهرائڻي آهي ڪا جنگ ناهي ڪرائڻي جو آدمشماري اندر فوج کي مقرر ڪيو وڃي، انهي فوج واري مققري جي جواب ۾ انور ظهير حسين جمالي بيان ڏنو آهي ته آدمشماري ڪرائڻي آهي ڪا جنگ ناهي ڪرائڻي،. انهي ڪري آئون سمجهان ٿو ته عوام جي لاءِ اهو ڄاڻڻ نهايت ئي ضروري آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم لاءِ آدمشماري ايتري ڇو ضروري هوندي آهي. آدمشماري هر ڏهه سال کان پوءِ ملڪ اندر ٿيڻ تمام گهڻي ضروري آهي.ان مان ملڪ اندر موجود عوام جو انگ اکر گڏ ڪيا ويندا آهن جيڪي ملڪي معاشي توڙي منصوبه بندي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن.ان انگ اکرن مان خبر پوندي آهي ته ملڪ اندر ڪهڙيون ضرورتون موجود آهن ۽ ملڪ جي عوام کي ڪهڙيون ضرورتون گهربل آهن.ملڪ جي آبادي اندر ڪيترو اضافو ٿيو آهي ۽ انهي آبادي جو تعلق ڪهڙي نسل ۽ ڪهڙي زبان سان آهي. ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته آدمشماري ۽ خانه شماري کان انڪار ڪهڙي به صورت ۾ ممڪن ناهي. اها بدقسمتي انهن زميوار ماڻهن جي نااهلي آهي. جن کي 17سالن کان وٺي اها به خبر ناهي ته ملڪ جي آبادي ڪيتري آهي.۽ ملڪ جي ڪيتري آبادي وڌي چڪي آهي.ڪهڙي شعبن اندر عوام جون ضرورتون پوريون ٿي رهيون آهن ۽ ڪهڙي شعبن اندر عوام کي رليف بدران تڪليفون ملي رهيون آهن.جن شعبن اندر عوام کي رليف ملي رهيو آهي انهن شعبن ۾ نواڻ ڪئين آڻجي ۽ انهي شعبي ۾ عوام کي اڃان به بهتر رليف ڪئين ملي سگهي. ۽ ڪهڙي شعبن اندر عوام کي تڪليف ملي رهي آهي جيئن انهن شعبن کي بهتر بڻائي سگهجي. هن وقت حڪومت وٺ اهڙو ڪو به انگ اکر موجود ناهي جنهن تحط هو انهي مسئلن کي حل ڪري سگهي.پر انجي باوجود به حڪومت انڌ تي تير هلائڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي.جنهن مان ملڪ جي ترقي وڌڻ بجاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻجي رهي آهي.ڇو ته حڪومت کي اها خبر ئي ناهي ته ملڪ اندر ڪهڙي علائقي اندر ڪيتري خوراڪ گهرجي .ملڪ جي ڪهڙي حصي اندر عوام جي علاج جون سهولت گهرجن. انهن علائقن اندر ڪيترن اسپتالن جي ضروت آهي.تعليم جي زيور کي عام ڪرڻ لاءِ عوام کي ڪيترن اسڪولن جي ضرورت آهي.ڪيترن ڪاليج يونيورسٽي جي ضروت آهي.عوام ڪهڙي ڪهڙي بنيادي سهولتن کان محروم آهي.پر اهڙي ڪا به ڳتڻي حڪومت جي اندر ڏسڻ ۾ نه پئي اچي جيڪا نهايت ئي افسوس جوڳي آهي. برصغير پاڪ هنڌ اندر پهرين آدمشماري 1881ع ۾ ٿي هئي جنهن کي پوءِ هر ڏهه سال کان پوءِ باقائيدا سندس عمل جاري هو.جڏهن ته قيام پاڪستان کانپوءِ 1950ع ۾ آدمشماري جي ارادو ٺاهيو ويو ته آدشماري ڪرائي وڃي.جنهن کان پوءِ 1951ع اندر پهرين آدمشماري ڪرائي وئي.جڏهن ته ٻئي آدمشماري 1962ع ۽ ٽئي 1972ع ۽ چوٿين 1981ع ٿي ۽ پنجين 1991ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا پوءِ 1998ع ۾ وڃي ٿي. جڏهن ته ڇهين آدمشماري 2008ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا به ٿي سگهي جڏهن ته آخر 2011ع اندر اهو واعدو ڪيو ويو ته هر حال ڪئي ويندي جيڪا پوءِ خانه شماري اندر پوندڙ ڳوٽالي جي وجهه سان ملتوي ڪئي هئي.جڏهن ته هن وقت ملڪ 17سال گذري چڪا آهن ۽ آدمشماري ناهي ٿي جيڪا هاڻ 2016ع ۾ ٿي وڃڻ جا امڪان نظر اچي رهيا هئا پر اها به 2017ع تائين ملتوي ٿي رهي آهي ۽ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشاري پڻ هن وقت ڪيترن ئي اعتراضن ۽ تنڪيدن جي ڪري ملتوي ٿي چڪي آهي.وفاق پاران ملتوي ڪيل آدشماري لاءِ سنڌ حڪومت ڪجهه وقت لاءِ گوڙ ضرور ڪيو پر بعد ۾ پوءِ خاموشي اختيار ڪري وئي.سنڌ حڪومت آدمشاري جي حوالي سان هڪ جماعتي ڪانفرس پڻ ڪوٺائي هئي .جنهن اندر ڪل 28جماعتن شرڪت ڪئي هئي .جنهن اندر هڪ قراداد پيش ڪيو ويو.ته وفاق آدمشماري جي نگراني صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪري.جڏهن ته خانه شماري اندر ٽن ڏينهن مان وڌائي ڏهه ڏينهن ۽ آدمشماري جي مدت وڌائي ڪري هڪ مهينو ڪيو وڃي.جڏهن ته قانون نافض ڪرڻ وارن ادارن ۽ فوج کي آدمشماري جي نگراني ڏني وڃي.جڏهن ته ٻاهرين اندرين سمورن ماڻهن جي شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن.بلوچستان حڪومت ۽ بلوچستان جي سياسي جماعتن چيو آهي ته بلوچستان اندر رهندڙ لکين غيرقانوني مقيم ماڻهن کي بلوچستان مان ڪڍيو وڃِي جڏهن ته انهن جي موجودگي اندر ٿيندڙ آدمشماري بلوچ عوام لاءِ دشمني قرار ڏني ويندي. جڏهن ته غيرقانوني مقيم افغان نه صرف صوبي بلوچستان اندر موجود آهن پر مان سمجهان ٿو ته اهي هر صوبي اندر موجود آهن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان اندر.تازو ڪي پي ڪي جي انتظاميه پڻ اهو اعترف ڪيو آهي ته ڪي پي ڪي اندر به غيرقانوني افغاني عوام مقيم آهي.جڏهن ته انهن جي موجودگي اندر آدمشماري جي نتجيا بهتر نه نڪرندا.پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ستون وڏو ملڪ آهي جڏهن ته سرڪاري اعتبار سان سندس آبادي 18ڪروڙ آهي.جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي مطابق پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ کان مٿي آهي.پر آدمشماري ٿيڻ کان پوءِ ئي پوري طرح خبر پئي سگهندي ته ملڪ جي آدمشماري ڪيتري آهي.هن صورت ۾ آدمشماري کي ڪهڙي نموني ڪرايو ويو وڃِي اهو هڪ سوال آهي. ملڪ جي ڪيترا بااثر سياستدان اهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ آدمشماري نه ٿي.۽ آدمشماري ملتوي ٿي.هن دعفي پوري ملڪ کي 1لک 67هزار هائوس بلاڪس جي مقسيم ڪيو ويو آهي.جنهن لاءِ 30 لک فوجي نوجوانن جي ضرورت آهي. ان ڪري جيڪڏهن هن وقت 2016ع ۾ آدمشماري نه ٿي ته مان سمجهان ٿو ته 2018ع ۾ ٿيڻ واري اليڪشن ۾ حڪومتن جي تمام گهڻي ڏکايائين کي منهن ڏسڻو پوندو.ڇو ته انهي 17سالن اندر آبادي ۾ بي پناه اضافو ٿيو آهي.۽ ملڪ روزگار کان ويندي معيشت ۽ تلعيم صحت جي باري ۾ مونجهاري جو شڪاري آهي.جنهن جي ڪري ۾ ملڪ اندر دهشتگردي،ڦرون،ڌاڙا،چوريون وڌي رهيون آهن.۽ شهرن پنهنجي بنيادي مسئلن کان به محروم آهي.شايد انهي بنياد تي وفاق کي ٿيندڙ آدمشاري تي جيڪڏهن ڪو اعتراض آهي ته پوءِ قوم جو دشمن ٻيو ڪو نه پر وفاق ئي آهي.ان ڪري جيڪڏهن وفاق تي پاڻ تان اهو ليبل لائڻو آهي ۽ قوم ۽ ملڪ سان سچائي جو جو ثبوت پيش ڪرڻو آهي ته کيس آدمشماري ڪنهن به حالت ۾ ڪرائڻي پوندي.

    غلام مصطفيءَ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين

    0333.3737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو