1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڪتاب مان اڪيلو اواڪ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ حميده ميربحر طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2017۔

  1. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ڪتاب .. مان اڪيلو اواڪ

    ليکڪ...اخلاق انصاري

    موضوع...ڪهاڻيڪار جو نوٽ بوڪ

    ڪتاب مان اڪيلو اواڪ پڙهڻ جو موقعو مليو، مونکي اهو چوندي ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿو لڳي ته هي ڪتاب پنهنجو پاڻ ۾ هڪ منفرد ڪتاب آ جنهن ۾ اخلاق انصاري پنهنجي ماضيءَ جي ڪجهه وکريل يادن کي هڪ هنڌ سهيڙيو آ.اُهي يادون نه صرف هڪ ليکڪ جون يادو آهن پر انهن يادن ۾ ان دور جو سياسي ۽ سماجي عڪس به چٽيل نظر اچي ٿو. ايئن کڻي چئون ته هي ڪتاب تاريخ ڏانهن هڪڙي دري کولي ٿو جنهن مان اسين ڏسي سگھون ٿا اخلاق جي شاگرديءَ وارو زمانو ۽ ان وقت سنڌ ورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي سياسي سماجي سرگرميون ۽ ان سان گڏوگڏ انهن شاگردن جي سياسي سماجي ذهني ۽ دلي ڪيفيتن کي پڻ هن ڪتاب مان پروڙي سگھجي ٿو.

    هن ڪتاب ۾ اخلاق انصاريءَ جي لکڻ جو انداز مونکي اسٽريم آف ڪانشزنيس وارو محسوس ٿيو.جنهن ۾ اخلاق تمام ٿورڙن ۽ ننڍڙن جملن جو استعمال ڪندي دل ۽ دماغ جي ولوڙ کي بيان ڪيو آ۽ زندگيءَ جا وڏا وڏا راز افشان ڪيا آهن.تمام گھٽ ماڻهن ۾ اها خوبي هوندي آ ته هُو ٿورڙن لفظن ۾ ڪا وڏي ڳالهه چئي سگھن.

    انتهائي حساس دل رکندڙ ليکڪ جي ذهن دل ۽ سماج جي وچ ۾ جيڪي ولوڙ هلي ٿي ۽ جيڪا اڻتڻ جي ڪيفيت بيان ٿيل آ اها پنهنجي پاڻ ۾ هڪ انفراديت رکي ٿي. ۽ اها انفراديت ئي اخلاق کي ٻين ليکڪن کان تمام گھڻو منفرد بڻائي ٿي.

    هن ڪتاب ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون خواهشون جيڪي پوريون نه ٿي سگھن ، محبتن جي تشنگي ۽ محرومين جو نه صرف ذڪر ٿيل آ پر انهن کي اهي احساس بخشيل آهن جو جيڪر ڪو به حساس دل رکندڙ پڙهي ته روئي ويهي.

    مثال طور هڪ هنڌ خط جو ذڪر ڪيو اٿن جيڪو ليکڪ جي ننڍي ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ اسحاق انصاريءَ ڏانهن لکي ٿي جنهن ۾ ڪجھ هيئن لکيل آ ته...

    توهان محنت ڪري پڙهو. اسان ۽امان توهانکي ڏاڍيون دعائون ڪندا آهيون.توهان پاس ٿي وڏا آفيسرٿيو.توکي گٽار وٺڻ جو شوق آهي... مان پنهنجي خرچي گڏ ڪري 20 رپيا هن لفافي ۾ وجھي موڪليان ٿي...

    پر لفافي ۾ فقط خط هو.

    اسحاق ڏاڍو رنو.اڃان به روئي پيو.(215)

    سچ به ته اهي تمام سادا لفظ آهن پر انهن ۾ جيڪي احساس ڀريل آهن انهن کي پڙهي اکيون ڀرجي آيون.

    اسان وٽ جيڪو ڪامريڊي ڪلچر آ ان جي هڪ جھلڪ به هن ڪتاب ۾ ڏسندا هلون ته

    سنڌ نيوز جي آفيس ۾ ڪامريڊ مليو.

    چيائين؛ ”صبح کان ماني نه کاڌي اٿم ڪجھ پيسا ڏي “

    مان ورندي ڏيڻ کان سواءِ ئي آخري ڏه رپيا ڪڍي سندس تريءَ تي رکيا.جڏهن هن پيسا کيسي ۾ رکڻ چاهيا ته اتان ٻه ٽي ٻيا به ڏهين جا نوٽ ظاهر ٿي پيا.

    ۽،

    مان رات جي ماني کائڻ کان سواءِ ئي سمهي پيس.(131)

    هاڻي آخري لائين ۾ جيڪا ڪيفيت ڏيکاريل آهي اها هڪ سٽ ئي اسان کي اسانجي بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ جو احساس ڏيارڻ ۽ ان ڪامريڊي ڪلچر کان نفرت جو اظهار اڀاري ٿي.اهڙا کوڙ سارا احساس هن ڪتاب ۾ ملندا جن کي پڙهي ڪڏهن روئي پئجي ٿو ته ڪڏهن وري پنهنجي منهن کلڻ لڳي وڃجي ٿو.

    ليکڪ جي هڪ الڳ دنيا آهي ان جا پنهنجا احساس ۽ تجربا آهن. هُو جيڪو ڀوڳي ٿو يا محسوس ڪري ٿو ان کي لفظن جي تسبيح ۾ پوئين سجائي سنواري پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. ان ۾ هن جي پنهنجي ذات جو به اولڙو هوندو آهي.هن جا پنهنجا درد ۽ تڪليفون به آهن جن لاءِ ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان انهن جو اظهار ڪري ٿو.جيئن اخلاق جي هيءَ ننڍڙي نظم آ ته

    ڪير ٿو چئي،

    مان غريب آهيان.

    مون وٽ هزارين روپيا آهن.

    لفظن جا ڪروڙين روپيا.

    سوچن جي سهڻن جڳهن

    ۾ رهان ٿو.

    مان،

    ليکڪ آهيان.

    ڇا ٿيو جو

    ڪجھ وٺي نه ٿو سگھان.

    هونئن،

    مون وٽ هزارين رپيا

    آهن.(108)

    اها سچائي ۽ دليري هر ليکڪ وٽ ناهي هوندي ته هُو پنهنجي باري ۾ ايترو سچائيءَ سان لکي.ان سچائيءَ سان گڏ ليکڪ اهو به ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هتي هڪ ليکڪ هجڻ سو به فل ٽائيم ليکڪ ٿيڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي ماڻهوءَ وٽ پنهنجي گذر بسر لاءِ ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪا نوڪري ڪو ڪم هئڻ گھرجي ورنه رڳو ليکڪ ٿيڻ سان خيالن ۾ محل اڏي سگھجن ٿا.. لفظن جي چاشنيءَ سان گھر جي رڌڻي ۾ خوشبو نه ايندي پر ان لاءِ ٻيو به گھڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو آ..

    ڪڏهن انسان وٽ اها دليري آهي ته هُو جيڪو چوڻ چاهي اهو چئي وڃي ٿو پر ڪڏهن من وياڪل هوُندو آ گھڻو ڪجھ چوڻ چاهيندي به ڪجھ نه چئي سگھندو آ. ۽ اها اڻتڻ وڌيڪ جھوري وجھندي آ ۽ وري جي ماڻهو ڏکارو هجي پنهنجو درد پنهنجي تڪليف ۽ پيڙا ۾ پڄرندو رهي پر ڪنهن سان حال سلي نه سگھي ته اها ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ جھوريندڙ ڪيفيت ٿي پوندي آ .اهڙين ئي جيءُ جھوريندڙ گھڙين ۾ جڏهن شاعر ڪجھ چئي نه سگھي ته پوءَ اهڙي ڪيفيت جو اندازو هيٺين سٽن ما لڳائي سگھجي ٿو..

    اها

    ڪيڏي نه

    ٽريجڊي آ

    ته ڪو پنهنجي

    ڏک کي

    لفظ ئي نه ڏئي سگھي.(174)

    هن نوٽ بوڪ ۾ ليکڪ ڏانهن لکيا ويل ۽ ليکڪ جا لکيل ڪجھه دوستن ڏانهن ڀائرن ڏانهن خط به آهن ته ڪجھ ساروڻين جو به ذڪر ملي ٿو.. ڪٿي مشڪري ۽ مذاق آ ته وري ڪٿي وڇوڙن ۽ دردن جو احوال آ.. ڪٿي صلاحون مشورا آهن ته ڪٿي ٽوڪون ۽ چٿرون.. پر اهو سڀ اهڙي سٽاءَ سان رکيل آ جو ان ۾ ڪا اوپرائپ ڪونه ٿي محسوس ٿئي. اهي سڀ زندگيءَ جا اهي رنگ آهن جن سان ليکڪ جي زندگي رنگيل آهي ۽ اهو سڀ سندس زندگيءَ جو حصو رهي چڪا آهن. انهن جون سا روڻيون جيڪي نوٽ بوڪ تي رهجي ويو سي پنهنجي پڙهندڙن جي اڳيان پوري سچائيءَ سان جيئن جو تيئن ڄڻ ته امانت طور موٽايون اٿس.ته جيئن اهي به اهو سڀ ڄاڻن ڇو ته ليکڪ پنهنجي پڙهندڙن سان پوري سچائيءَ سان پنهنجو رشتو قائم ڪرڻ ٿو چاهي. هُو چاهي ٿو ته پڙهندڙبه انهن سڀني سچاين کان واقف ٿئي جن مان هُو پاڻ گذريو آ..

    هن ڪتاب تي لکڻ لاءِ سوچجي ته الائي ته ڪيترو وڏو ڪتاب ٿي وڃي پر ڇا ڪجي وقت اجازت نه ٿو ڏئي ۽ باقي ڳالهيون ڇڏيون ٿا ٻين پڙهندڙن تي ته وڌيڪ پاڻ پڙهن ۽ ان مان نيون معنائون ۽ مطلب ڪڍن.

    آخر ۾ اخلاق انصاريءَ جون ئي هي سٽون رکان ٿي جيڪي شايد هن ڪتاب جو سينٽرل آئڊيا به آهن ته...

    منهنجي

    زندگي؟

    يونيورسٽيءَ ڏانهن

    ايندڙ روڊ جيان

    آسن جي ساون وڻن

    نراسن جي کڏن کوٻن

    سان ڀريل

    ٽواٽي تي اچي

    ورهائجي وڃڻ.

    مان؟

    اواڪ۽

    اڪيلو

    پاڻ کي ورهائجندي

    ڏسان ٿو.(70)

    حميده ميربحر
     
    مظفر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,484
    ورتل پسنديدگيون:
    26,966
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    توهان محنت ڪري پڙهو. اسان ۽امان توهانکي ڏاڍيون دعائون ڪندا آهيون.توهان پاس ٿي وڏا آفيسرٿيو.توکي گٽار وٺڻ جو شوق آهي... مان پنهنجي خرچي گڏ ڪري 20 رپيا هن لفافي ۾ وجھي موڪليان ٿي...

    پر لفافي ۾ فقط خط هو.

    اسحاق ڏاڍو رنو.اڃان به روئي پيو.(215)


    لاجواب ڪتاب آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو