ڪتاب ادبي تنقيد جي تاريخ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ حميده ميربحر طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2017۔

  1. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ڪتاب.. ادبي تنقيد جي تاريخ

    ليکڪ.. اڪبر لغاري

    ڪتاب ادبي تنقيد جي تاريخ پڙهي پورو ڪيم تمام بهترين ڪتاب آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد جي موضوع تي مونکي ڪو اهڙو ڪتاب نظر ناهي آيو.ٿي سگھي ٿو ته ٻيا به ڪتاب هجن پر گھٽ ۾ گھٽ مون سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪتاب ناهي پڙهيو.

    هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي تاريخ ڪلاسيڪي ادب کان ويندي عورتازاد تنقيد تائين مختلف دور ۽ تنقيد جي شعبي ۾ ايندڙ مرحليوار تبديلين کي ڏاڍي سولي ۽ سهنجھي طريقي سان سمجھايو ويو آ.

    هونئن ڏسجي ته تنقيد ڏاڍو خشڪ موضوع آهي ۽ تنقيد جو نالو ٻڌي جهڙوڪر منهن خراب ٿيو وڃي. پر لغاري صاحب جنهن جو هن موضوع تي ڳوُڙهو مطالعو ڏسجي پيو پاڻ افلاطون کان ويندي جديد تنقيد نگار جن ۾ روسي،آمريڪي فرينچ ۽ انگريز تنقيد نگارن کي نه صرف سٺو پڙهيو اٿن پر انهن جي ڏنل ٿيوريز کي تمام سولي ۽ سهنجي انداز ۾ سنڌي ادب سان چاه رکندڙن کي جهڙوڪر هڪ بهترين تحفو ڏنو اٿن .

    هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگھجي ٿو ته اسٽوڊنٽس آف سنڌي لٽريچر کي تنقيد جهڙي خشڪ موضوع کي سمجھڻ ۾ تمام گھڻي آساني ٿيندي ۽ هي ڪتاب ريسرچ ۾ کين مدد ڏيندو. ڇاڪاڻ ته اڪيڊميڪلي هن ڪتاب جي وڏي اهميت نظر اچي ٿي.

    حميده ميربحر
     
  2. علامہ تيمور علي

    علامہ تيمور علي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    اھو ڪتاب ملي سگھي تہ مھرباني
     
  3. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    ادي مون به ان ڪتاب کي ٿورو پڙهيو آهي، ڪتاب تنقيد جي حساب سان نئين جدت پيدا ڪندو. اوهان جو تبصرو شاندار مختصر پر سمجهاڻي جامع آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو