ڪتاب خالي بينچ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ حميده ميربحر طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2017۔

  1. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    ٻه اکر ناول جي باري ۾...

    ناول .خالي بينڇ

    ليکڪ.اسحاق انصاري
    ناول خالي بينچ جو سٽاءُ خيرپور يونيورسٽي ۽ اتي پڙهندڙ شاگردن جي زندگي کي فوڪس ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ انساني رويا خاص ڪري نوجوانن جي فيلنگس ۽ اموشنس کي ڏاڊي سٺي نموني چٽيو ويو آهي. مجموعي طور تي هيءَ هڪ پيار ڪهاڻي آ. ڪهاڻي جا مکيه ڪردار ساحره ۽ ثاقب ٻئي مڊل ڪلاس بيسڊ ڪردار آهن ۽ سندن زندگي به ڪجھ اهڙي نموني چٽي وئي آ جو اهي پنهنجي پنهنجي مسئلن جي گھيري ۾ ڦاٿل ڪردار آهن توڻي جو شاگرديءَ واري زندگيءَ کي انجواءِ ب ڪن ٿا پر جڏهن زندگيءَ جي باري ۾ فيصلي ڪرڻ جو وقت اچي ٿو ته منڌل لڳن ٿا. شروع ۾ ساحره کي جيتري قدر بولڊ ۽ ڪانفيڊ نٽ ڏسيو ويو آ، آخر ۾ اوتروئي ڪمرومائيزنگ ڪريڪٽر ٿي وڃي ٿي..
    ثاقب جيڪو هن ناول جو هيرو آ انکي روشن خيال نوجوان طور ڏسيو ويو آ.جيڪو مرد ۽ عورت جي دوستي کي برو نه ٿو سمجھي ۽ سندس گھڻو وقت خوبصورت ۽ با اعتماد ڇوڪرين سان گذري ٿو..اتي ئي هن کي هڪ مددگار ۽ رسپانسبل به ڏسيو ويو آ ته هو ڇوڪرين جي ڪافي مسئلن ۾ سٺي ڪائونسلنگ به ڪري ٿو. پرجڏهن به ڪا ڇوڪري سندس ويجھو اچي ٿي ته ان کي واضع اکرن ۾ ٻڌائي ٿو ته پاڻ سٺا دوست ته ٿي سگھون ٿا پر شادي وغيره کان لنوائي ٿو.. ثاقب ۽ ساحره هڪ ٻئي ۾ تمام گھڻو انوالو ٿي وڃن ٿا توڙي جو ٻنهي کي خبر آ ته هو هڪ ٻئي جي زندگي ۾ شامل نٿا ٿي سگھن تنهن هوندي به سندن دوستي عام دوستيءَ کان گھڻو اڳتي وڌي وڃي ٿي..
    مجموعي طور تي جي هن ناول جي ڪردارن جو ڇيد ڪجي ته هڪ طرف اهي بولڊ ۽ پر اعتماد نظر اچن ٿا ٿه وري ٻئي طرف ڪو فيصلو ڪرڻ ۾ مونجھارا آهن.. ثاقب ۽ ساحره جي والدين جي ڪردار جي صحيح پروڙ ٿي نه ٿي سگھي.ڏسجي پيو ته ثاقب ساحره جي گھر اچي وڃي سگھي ٿو ۽ ساحره جي ئي گھر م پاڻ ڪجھ پيار جا پل به ونڊي سگھن ٿا..ثاقب جي والد سان ساحره ملي ۽ ڳالهائي ٿي ته اهو به دلچسپ آ ته هو پنهنجي پٽ جي فيور ۾ نندا نندا جملا ڳالهائي ٿو.. عام نظر سان ڏسجي ٿو ته بظاهر ٻنهي جي شادي ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي نظر اچي پر پوءِ به ٻنهي جي نصيب ۾ وڇوڙو لکجي وڃي ٿو...
    باقي ناول ۾ ٻوليءَ جو استعمال ۽ منظرڪشي تمام بهترين ٿيل آ...ڪردارن جي ڳاله ٻوله خط ۽ ٽيلفون جي وسيلي وڌيڪ ڪيل ملي ٿي.. ڪيسيٽ رڪارڊ ڪري موڪلڻ ۽ خط لکڻ هن ناول کي دلچسپ بڻائي ٿو.. ليکڪ جيئن ته پاڻ سفرنامه لکندڙ به آهي ان لاءِ ڪردارن کي سفر به ڪرائيندو هليو آ ۽ ان ۾ ڏادي خوبصورتيءَ سان نظارن کي چٽيو به اٿس..
    مجموعي طور تي تمام سٺو ناول آهي.. اسان وٽ سنڌي ناول جي صنف ۾ هڪ سٺو اظافو آهي ۽ نوجوانن جي پڙهڻ وٽان آهي..
    حميده ميربحر
     
    عبيد ٿھيم ۽ شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ خط مليوــــــ
    ”جناب پروڊيوسر صاحب !
    توهان جو پروگرام ٻڌندي آهيان، پروگرام سٺو آهي پر هڪڙي خرابي اٿس، اها خرابي آهي ڪمپيئر، جيڪو لڳي ٿو دم جو مريض آهي، ڇو جو ان جي ساهه کڻڻ جو آواز مائيڪ منجهان ڪنهن ريل جي انجڻ جي آواز وانگر اچي ٿو، هو صرف پنهنجي تعريف جا ۽ مائٽن جا خط پڙهي ٿو، مهرباني ڪري ان طرف ڌيان ڏيندا. ٻيو ته ريڊيو جي پنهنجي واڙِي آهي ڇا؟ جنهن ۾ ڀاڄيون توهان جي ٻڌايل اگھن تي ملن ٿيون، انهن اگھن تي مارڪيٽ ۾ ملڻ ته مشڪل آهن.
    پروديوسر ۽ ڪمپئير پنهنجا نياپا مائيڪ ذريعي ڏين ٿا. انهن جي نظرداري ڪيو. مائيڪ کي ٿورو آهستي ريڙهيندا ڪيو نه ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو زلزلو يا طوفان اچي ويو آهي. چـڱو، وري ٻئي ڀيري ــــــ
    مِس خيرپور اِن ايڪشن.“

    خالي بينچ هڪ بهترين ناول آهي....

    اسحاق انصاري صاحب منهنجو استاد ۽ منهنجو دوست آهي، هو نوجوانن کي سدائين همٿائيندو رهندو آهي.

    خالي بينچ هن لنڪ تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪيو ويو آهي.
     
    شاه محمد سڌايو ۽ حميده ميربحر هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو