همت ۽ مردانگي (شاعر رشيد احمد لاشاري)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    خوف واري زندگيءَ سان زندگي برباد آھ، آھ سوانسان جيڪو خوف کان آزاد آھ.
    خوف خطرو در حقيقت وهم جي ايجاد آھ، دل جي دنيا جوش ۽ همت سان ئي آباد آھ.​
    وهم کي دل مان مٽائڻ آھ فرزانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.

    خاڪ کان تون پاڪ تنهنجو آسمان تي شور آھ، باھ پاڻي ۽ هوا کان زور تنهنجو زور آھ.
    تو سندي ايمان جي وڌ ڏونگرن کان تور آھ، نفس تنهنجو ڪانگ آهي ۽ روح تنهنجو مور آھ.
    ڪانئرن جو آھ ڪم ايمان کان بيگانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.

    سج اڳيان جئين باھ جو بيڪار ڏسجي ٿو اثر، تئين خدا جي ڊپ اڳيان آهي نه ڪو خوف و خطر.
    هڪ خدا کان ڊڄ ۽ ٻئي ڪنهن جي نه تون پرواھ ڪر، جي خدا ڪارڻ خدا جي لاءِ مر اي نامور!
    پاڻ کي زندھ نه سمجهڻ آھ هڪ ديوانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي،سک همت ۽ مردانگي.

    جسم فانيءَ سان تون پنهنجي زندگي شامل نه ڪر، موت جي ڊپ کان حقيقي عيش کي زائل نه ڪر.
    روح باقي آھ ان کان پاڻ کي غافل نه ڪر، ڪر خدا جي بندگي دل غير ڏي مائل نه ڪر.
    موت آهي ويس بدلائڻ جو جهڳڙو خانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي. ​
     
    MUHAMMAD ASIF BROHI هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو