واديءَ مهراڻ (سنڌ) جي ثقافت جو هڪ اهم مُقدس پهرڻ (اجرڪ).

'مختلف موضوع' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    واديءَ مهراڻ (سنڌ) جي ثقافت جو هڪ اهم مُقدس پهرڻ (اجرڪ).
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    اجرڪ من الله (الله توکي ان جو اجر ڏي)!
    چون ٿا ته ان دعا کان پوء اھا سوکڙي "سنڌي چادر" جيڪا نبي سائين جن جي ڪنڌ مبارڪ تي پارائي وئي ھئي ان جو نالو (اجرڪ) پيو ھو۔
    ياد رھي ته 1050ع يعني (سمارا ڊائنسٽي) کان پوء سنڌ تي ڪاھ ڪندڙ عجمين بلخصوص نسل تاتارى (ترڪمستان ۽ فارس ) سنڌ جي اصل تواريخ مٽارائي پنھنجي درٻاري تواريخدانن ۽ لکيارين کان پاڻ کي اتم ڪري پنھنجي ڊومينيشن تواريخ لکرائي (چچ نامون) به جنھن مان ھڪ آھي۔
    ٻڌمت مذھب جا اھي واپاري ھئا جيڪي دعوت نبوت کي لبيڪ چئي مدينه ويا ۽ پاڻ صلعم جي ھٿ تي اسلام قبول ڪري (السندي) سڏبا ھئا۔ اھا سنڌي چادر (اجرڪ) ۽ گول ٽوپي پء (سجدي لاء محراب) انھن جا رواجي تحفه ھئا۔ سنڌ 711ع ۾ کي باب اسلام به انھن جي (يمن عدن)جي (السندي) اولادن ٺاھيو ھو۔

    اشرف المخلوقات حضرت انسان جو تعلق زمين سان آهي، اُها زمين، جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهي زمين جي ساخت، آبهوا، نهرون ، آبادي. جانور، پکي پکڻ ،جيت جڻيا ،وڻ ٽڻ ،گاهه ٻوٽا ۽ گهر گهاٽ به سندس زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. ۽ حضرت انسان پاڻ لاءِ قرتي طور مخصوص ٿيل زمين تي انهي ماحول مطابق، پنهنجي زندگي کي آساني سان گذارڻ لاءِ پوشاڪ (پهرڻ) پائي ٿو. ۽ پوءِ هو اُنهي پوشاڪ سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن کي هو پنهنجي (ثقافت) جو نالو ڏي ٿو. انگريزي زبان ۾ ثقافت لاءِ (ڪلچر) لفظ استمعال ٿئي ٿو. جنهن جي اصطلاحي مفهوم ۾ (ذهني ترقي ، ادب و آداب ، اخلاق ، تهذيب ۽ تمدن) جو خصوصيتون اچي وڃن ٿيون. ثقافت ثقافت ان ڪري ئي هر شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص ثقافت ۾ پنهنجو پاڻ ڪردار ادا ڪري ٿو. تهذيب به ثقافت جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ شهرن جو وجود سياسي ردوبدل ۽ پشه وراڻيون خاصيتون شامل آهن. 711ع کان پوءِ به سنڌ شروع يعني واديءَ مهراڻ کان ئي (ڪور) ڪپڙي جي واپار ۽ صنعت جو مرڪز رهي آهي. 711ع ۾ اُن ۾ گهڻي شدت اُن ڪري آئي جڏنهن عدن (يمن) جا 72 ڪاروباري خانا بدوش سنڌ آيا، جن مان اڪثر (ڪور) ڪپڙي جا واپاري هُئا ۽ جڏنهن هو هميشه سنڌ ۾ سيٽل ٿي رهجي ويا ته اُنهن عرب جي خانا بدوش قبيلن مان هڪ کي پنهنجي واپار جي لهاز کان (ڪوري) به چئجي ٿو.
     
    آخري ترميم: ‏16 جون 2022
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    علم و ادب ۾ (ثقافت) لفظ جي لغوي معنيٰ (عقل وڌائڻ) آهي ۽ جڏنهن ته اصطلاحي معنيٰ (انسانن جي زندگي گذارڻ جو طريقو) آهي. رسمون رواج جوڙي ٿو ۽ انهن جي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪري ٿو. پهرڻ طور سنڌي قوم جي لباس ۾ اجرڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهي ڳالهه جو اندازو پنج هزار سال قديم موئن جي دڙي جي آثارن مان نڪتل هڪ بادشاهه جي مجسمي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن کي هڪ خاص قسم جي پوتِي اوڍيل هئي، جنهن کي پاڻ اجرڪ جي سڀ کان پهرين اصل حالت يا شڪل چئي سگھون ٿا. ڇو ته انهي جو رنگ، خاڪو ۽ مڪمل ٻاهريون نقشو اجرڪ جي نقشي سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. قديم عربي ادب ۾ اجرڪ کي “ارزق” يعني “نيلو رنگ” “ چيو ويندو هو”. اھو به چيو ويندو آھي ته ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا.
    ائين به چئجي ٿو ته مصري به پهنجين مَمِي (سانڍيل لاش) کي جنهن سوٽي ڪپڙي ۾ ويڙهيندا هئا، جيڪو سنڌ مان گھرايو ويندو هو. جنهن کي هُو “سنڌِهن” ڪري چوندا هئا. اُها به اجرڪ هوئي. اهو به چيو وڃي ٿو ته پهرين ايراني بادشاه “دارا” جي تاج پوشي جي موقعي تي هن کي سنڌي اجرڪ ۽ لباس پيش ڪيو ويو هو.
    ته اجرڪ جو ناتو (واديءَ مهراڻ) ثقافت سان ان اعتبار سان به تقريبن 450 هزار (ق.م) ورهن کان آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته جتي اهو رشتو ست هزار (ق. م) سالن کان هلندو پيو ٿو اچي.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ واسين جي زندگين اجرڪ جي خاص اهميت آهي. ڄمڻ کان مرڻ تائين ۽ مرڻي پرڻي، شادي غمي، ڪاڄ ۽ تقريب ۾ اجرڪ اوڍي ويندي آهي. شادين ۾ گهوٽ جي موڙن ۾ بوڇڻي سان گڏ اجرڪ به استعمال ٿئي ٿي ته ڪٿي ڪٿي بوڇڻي جي جاءِ تي اجرڪ ئي استعمال ڪئي ويندي آهي. ان کان سواءِ عورتون اجرڪ کي چادر طور استعمال ڪنديون آهن. ٻارن کي به سياري ۾ اجرڪن جي ٻوڪاني ٻڌرائي ويندي آهي. جڏهن ته فوت ٿيڻ تي به مڙهه تي اجرڪ وڌي ويندي آهي. توڻي جو هاڻ انهن رسمن طور اجرڪ جو استعمال گهٽجي ويو آهي پر اڃا به ڪجهه علائقن ۾ ان جو استعمال جاري آهي.

    حاصل مطلب ته اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻ ۽ سوکڙي آھي. ھي ھڪ خوبصورت سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي ۽ مُقدس پهرڻ ان جي ڪري جو اجرڪ جيئن مختلف مرحلن مان گذري ٿي ايئن ان جو استعمال به زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ ٿئي ٿو. عام زندگيءَ ۾ ته اجرڪ جو استعمال آھي ئي آھي پر خاص موقعن تي پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو سھڻي ۾ سھڻو اظھار، اجرڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪونھي! جڏھن ڪنھن مھمان کي مان ڏيڻو ھوندو آھي ته ان کي اجرڪ اوڍائي ويندي آھي. سنڌ ۾ گھڻو تڻو گھوٽ پنھنجي شاديءَ تي به اجرڪ اوڍيندا آھن. اسان جي زندگيءَ ۾ اجرڪ جي عمل دخل جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته پنھنجي پياري دوست يا عزيز جي مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھ تي به اجرڪ وڌي ويندي آھي. شهيد راڻي بينظير ڀٽو به اجرڪ اوڍيندي هئي. نه رڳو ملڪ اندر پر هن پرڏيهه ۾ به اجرڪ اوڍي. جڏهن ته ٻين به ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن اجرڪ استعمال ڪئي.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪُجه عرصو اڳ ، سنڌ جي هزارين ورهين جي تهذيبي سڃاڻپ اجرڪ جو هنر اسان کان موڪلائي ويو هو، جو کيس سرڪاري پزيرائي نه ملڻ ڪري اجرڪ تي مڪمل زوال اچي ويو هو، ڪيترائي اجرڪ جا چتر ڪاريگر بک بدحالي جي ور چڙهي ، پنهنجي ڪرت ڇڏي مختلف مزدورين کي لڳي ويا هُئا ، جهونا ڪاريگر پنهنجو وارو وڄائي هميشه لاءِ هليا ويا، هٿ واري اجرڪ جي هنر سائنسي پرنٽ مشينري ولاري ورتي، اجرڪ جو اصل ڪپڙو، سچو بافتي جي ڦليلي واهه حيدرآباد تي ذات جا اڏاڻا هوندا هئا ۽ حيدرآباد فتح چوڪ تي فتح ٽيڪسٽائيل مل ٺاهيندي هئي. هن وقت اها مل بنگلاديش منتقل ٿي ويئي آهي. پر پوءِ ڀلائي هُجي سنڌ جي پهريئين سيٽلائٽ چئنل (ڪي.ٽي.اين) جي سرواڻ محترم علي قاضيءَ کي، جنهن ايڪتا ڏهاڙي سان سنڌي ڪلچر ڊي جوڙي، هن اجرڪ فيڪٽريءَ کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو جنهن سان گڏ سموري سنڌ ڪلچر ۽ اجرڪ جي خوبصورتيءَ ۾ جُڙي وئي ۽ موئل اجرڪ مزدور جي اُٿيا.

    جيئن ته اجرڪ سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو آهي ۽ ان جو تمام وڏو احترام ڪيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان کي (گوڏ يا شلوار) طور استعمال ناهي ڪيو ويندو . نه ئي ان سان (جتي) وغيره صاف ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته عزت ۽ عظمت جي نشاني مڃيندي مرد ان جو پٽڪو ٻڌندا آهن ۽ عورتون ڪنهن شادي مرادي ۾ ان کي مٿي تي رکنديون آهن. تنهنڪري اسان کي به روايتن جي پاسداري ڪندي سنڌيت جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ سڀني دوستن کي سمجهائڻ گهرجي ته سنڌي ڊرامن ۾ (ڌاڙيلن، موالين يا نگيٽو ۽ ڪنن ڪردار کي) اجرڪ اوڙهي ڏيکارڻ نه گهرجي. اجرڪ سان سنڌ واسين جو دلين جو رشتو آهي، اجرڪ جي عزت سنڌي عوام جي عزت مڃي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو 90 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن پي ٽي وي جي هڪ ٽيلي ٿيٽر جي اردو ڊرامي ۾ اجرڪ ڌاڙيلن کي پارايل ۽ جوتي تي رکيل ڏيکاريو ويو هو ته سڄي سنڌ ۾ ان خلاف سخت تنقيد ٿي هئي ۽ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا هئا.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هن ثقافتي پهرڻ (اجرڪ) جي ليگسي نه صرف اڄ جي سنڌ يعني (ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪيجهر کان ڪارونجهر) تائين محدود ڪيل (سنڌ) ، پر اڄ جي پنجاب جو (سرائڪي بيلٽ) يعني (سائوٿ پنجاب) جيڪو ڪنهن دئور ۾ (انڊس سولائيزيشن) جي گڏيل رشتن جي اعتبار کان (اپر سنڌ) جو حصو ئي هوندو هو، سان گڏ برصغير جي ٻين علائقن يعني هندستان جو علائقو (ڪڇ) خاص طرح سان اجرڪ پهرڻ جو ناتو رکندڙ هو. موجوده دور ۾ اجرڪ مان ٽايون، شرٽون، اسڪرٽ، پڙا، زنانا چولا ۽ سلوارون وغيره ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ درن ۽ درين جا پردا، ڪشن ڪور، وھاڻن جا پوش، ميز پوش به اجرڪ مان ٺاھجن ٿا جيڪي تمام گھڻي سونھن ڪن ٿا. اجرڪ جي مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته اڄڪلھ ڪارخانن ۾ به اجرڪ جي ڊزائين تي ڪپڙن جا تاڪيا تيار ڪيا وڃن ٿا، انھي ۾ ريشمي ۽ سنھو ڪپڙو به اچي وڃي ٿو پر جيڪا سونھن اصل اجرڪ ۾ آھي اھا نقلي اجرڪ ۾ ڪٿي.

    اجرڪ، ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد پھرين ٿا. جيستائين ڪڇ جي رشتي جي ڳالهه ڪجي ته ڪڇ جي ڪاريگرن جي ستين پيڙهي به هن فن سان نينهن جو ناتو نڀايو ويٺي آهي. ڪڇ جي (کتري قوم) جي نئين نسل جا نوجوان اڄ به اجرڪ کي اصل روپ ۾ رڱي سگھن ٿا. ڇو جو سنڌ جيان ڪڇ ۾ به قدرتي رنگن سان اجرڪ رڱي ويندي هئي.پر جڏنهن 1941 ڌاري بازار ۾ ڪيميڪل ڪلرس آيا. ۽ انهن رنگن ٻين فنن سان گڏ اجرڪ سان به هٿ ملايو. ائين هاڻي انهن ئي ڪيميڪل رنگن سان اجرڪ ڪڇ ۾ اجرڪ بلاڪ پرنٽنگ جو هڪڙو حصو آهي. ڪڇ ۾ 550 کان 600 بلاڪ پرنٽنگ سان جڙيل ڪاريگر آهن. جن مان ڳاڻ ڳڻيا ڪاريگر اجرڪ ڇاپڻ واري ڪم سان واڳيل آهن. ڪڇ ۾ سينگل حاشي واري ، ڊبل حاشي واري ۽ ٽن حاشن واري اجرڪ جي ڇپائي ٿيندي آهي. انهن اجرڪن جي تر ۾ جيڪي ڊزائين وڌا ويندا آهن تن ڊزائينن کي اجرڪ جي ٻوليءَ ۾ ريال، ڪوري، مهر، انڀي مهر، مينهن پڙي، ڦلڙي، پينچو، ماڻيڪ، چمپا ڪلي، ڪڪر، مڪڙو نالن سان سڃاتو ويندو آهي. هندوستان ۽ هندوستان کان ٻاهر منعقد ٿيندڙ ڪرافٽس ميلن ۾ اجرڪ جي ڪاريگرن جي به ڀرپور نمائندگي هوندي آهي. اهڙن ميلن ۾ هن فن جا ڪڇ جا ڪيترا ئي ڪاريگر ديس وديس ۾ پنهنجي فن جو جوهر ڏيکاري آيا آهن
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪڇ ۾ 2001 ۾ جيڪو زلزلو آيو جنهن اجرڪ واري فن جي گڍ اهڙي ڌمڙڪي ڳوٺ کي به لوڏي ڌوڏي ڇڏيو. بي گھر ٿيل ماڻهن کي وري وسائڻ لاءِ ڌمڙڪي جي پاسي ۾ نئون ڳوٺ ٻڌو ويو آهي جنهن کي ‘اجرڪ پور’ نالو ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه به اجرڪ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي ۽ اجرڪ جي نالي کي امر ڪري ٿي. بنيادي طرح سان اجرڪ جا چار رنگ آهن (ڳاڙهو، نِيرو، اڇو ۽ ڪارو). اجرڪ جو تَر (وچون حصو) نِيرو يا ڳاڙهو، پاسن کان حاشيون ڪاريون ۽ چِٽ گُل اڇي رنگ جا هوندا آهن. اجرڪ جي اها خصوصيت آهي ته ان کي هر موسم ۾ اوڍيو ويندو آهي.

    اجرڪ پندرنهن کان ويهن مختلف مرحلن مان گذري تيار ڪئي ويندي آهي. پهرين پنج مرحلن ۾ اجرڪ تي ڇپائي يا چِٽ گُل جو ڪم ٿيندو آهي، اهڙي ريت اڳين چوڏهن مرحلن مان گذري اجرڪ پهنجي اصلي حالت ۾ ايندي آهي. اعليٰ معيار جي اجرڪ جي تياري ۾ خاص قسم جو ڪپڙو استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي الڪلي يا کار ۾ ٻوڙي رڱيو يا اُٻاريو ويندو آهي، ۽ پوءِ ڪڍي پاڻي ۾ نپوڙي ڪاڙهي تي سُڪايو ويندو آهي، ان کانپوءِ پنجن کان ڇهن ڏينهن تائين تيل ۾ ٻوڙي رکبو آهي، جنهن کانپوءِ ڪڍي ليمن جي پاڻي ۾ ڌوئبو آهي. انهن هڙني مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ڪپڙو هلڪو پِيلو رنگ وٺندو آهي ۽ آخر ۾ ان تي ڇپائي ڪري تيز ڪاڙهي ۾ سُڪائبو آهي، انهي سڄي اجرڪ ٺاهڻ واري طريقي کي مقامي ڪاريگر “چُڙئي” ڪري سڏيندا آهن. هلڪي معيار جي اجرڪ اڳين مرحلن مان گذرڻ کان اڳ تيل ۽ صابڻ سان ڌوتي ويندي آهي، پر مختلف ڪاريگر مختلف طريقا استعمال ڪندا آهن. ڪي الڪلي سان گڏ اُٺ جو ڇيڻو ۽ ٻيون ٻُوٽيون استعمال ڪندا آهن ۽ انهي کي پوٽاش ۽ پائوڊر ۾ ٻوڙيندا آهن. اجرڪ جي تياري جا اهي هڙئي مرحلا ويهه کان پنجويهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندا آهن ۽ هر سال پنجن هزارن کان به وڌيڪ اجرڪون تيار ڪري ملڪ جي مختلف شهرن توڙي پرڏيهه ۾ روانيون ٿينديون آهن. اجرڪ جي تياري ۾ مختلف رنگ ۽ شيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ٻٻر جو کنئور، اُٺ جي لِڏ (ڇيڻو)، چانورن جو اٽو، ڦِٽڪي، ڦُلي، تيل، الِيجر، واڱڻائي رنگ وغيره اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندا آهن ان کان علاوه قدرتي سج جي روشني ۽ خصوصن وڏي پاڻي واري جڳهه تلاءُ، واهه، ڍنڍ وغيره جنهن ۾ اجرڪ کي ٻوڙي ڌوتو ويندو آهي.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انگريزن جي دور کان پهرين سنڌي تيل، رنگ ۽ ٻيا ڪيميڪل جڙي ٻوٽين مان پاڻ تيار ڪندا هئا، پر اڄڪلهه اهي هڙئي ڪيميڪل انڊيا، جرمني ۽ فرانس مان گهرايا ويندا آهن. هڪ ٻيو ڪيميڪل واڱڻائي رنگ (انڊِيگو) جيڪو اجرڪ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي جرمني مان گھرايو ويندو آهي. جڏهن ته 17 صدي ۾ سيوهڻ شهر انهي ڪيميڪل جي تياري جو وڏو مرڪز هو. تاريخ مان پتو پئي ٿو ته آڪٽوبر 1613 عيسوي ۾ انگريز واپاري “نڪولس واشنگٽن” اِيسٽ انڊيا ڪمپني جي طرفان انڊِيگوخريد ڪرڻ لاءِ سيوهڻ موڪليو ويو هو.

    هندستان جي ورهاڱي کان پهرين “اجرڪ“ تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندي هئي . ان وقت ملاڪاتيار ، سعيدپور ، تلهار ، ٽنڊي محمد خان ، ٻهڊمي ، بدين ، خانپور ، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ “اجرڪ“ جو ڪم ٿيندو هو . ٺٽي ۾ ته اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا . سجاول ، ميرپور بٺوري ، مٽياريءَ ، سهتن ، ڀٽ شاهه ، ٽنڊي آدم ، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ٻه اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. ان کان سواءِ ڀٽ شاهه ۽ سهتا ۾ به ڪم ٿئي ٿو . کيبر ، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ به هڪ اڌ ڪارخانو آهي ، ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا . جڏنهن ته وَسِي ملوڪ شاهه ، ڀينڊي شريف ، سن ، سکر ، هالا ۽ ٺٽي ۾ به “اجرڪ“ سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي . مٿين علائقن ۾ “اجرڪ“ جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو.
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هندستان جي علائقن، بيڪانير ، سوجت ، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ به هن وقت “اجرڪ“ جو ڪم جاري آهي ، پر اتي ڪچي رنگ وارو. جيئن جيئن مٺيءَ ، ڏيپلي ، ڇاڇري ، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ٻين علائقن ۾ آهي. ڪنهن وقت ۾ دادو ضلعي جي ’ مانجهند ‘ شهر ۾ به هڪ پُڙيون اجرڪون ڇُربيون هيون ، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنهه ڪونه ٿئي . ڇو جو “اجرڪ“ جو ڪم درياهن ، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي.

    سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا ، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نه رکيو . بهرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن، جنهن ۾ الهڏنو سومرو کٽي ، ڀليڏنو سومرو کٽي ، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي ، ويٺل وسي ملوڪ شاهه ( ٽکڙ جا ) ، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڪاريگر هئا . حاجي عثمان ۽ طاهر محمد ، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا . سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ ، وڏي عمر ۾ وفات ڪئي . سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو به سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن . حاجي وڪيو شاهه ڪاريگر هو ، جنهن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو ، ڪاٺ جا پور پوءِ ٺهرايائين . ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي ، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن ، گذاري ويا . واري تڙ ، سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو ، 1999ع ۾ گذاري ويو ، جيڪو مشهور شاعر ادل سومري جو والد هو . مشهور ڪاريگرن ۾ ، مٽيارين جو “بچل“۽ بمبئي. ڪم جي سهڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب “بمبئي“ نالو پيس“ . کيبرن جا محمد صديق سهتو ۽ حاجي عثمان . سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو ، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو ، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي. ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو به اڳ ۾ “اجرڪ“ ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا ، جن مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا ، جيڪي ڪجهه سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا ، جن ۾ واسو مل ، دولهه ڏنو مل ، مينگهومل ، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا . مٺيءَ ۾ کتري هندو “اجرڪ“ جو ڪم ڪن ٿا،جن ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو.
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بدين ضلعي جي شهرن ڪڍڻ ٻهڊمي، نندو، ڏندو، ماتلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اجرڪ ٺاهي ويندي هئي ،اجرڪ ۾ انڊيڪو، علي جر، بي ايس مصالحا استعمال ٿيندا هئا، جيڪي مصالحا پاڪستان سرڪار جرمن ۽ فرانس کان گهرائيندي هئ، جيڪي هن وقت اچڻ بند ٿي ويا آهن، اجرڪ مختلف 16 مرحلن مان گذري تيار ٿئي ٿي، پهرين مرحلي ۾ اٺ جي ڇيڻ ۾ ڪپڙو ميلبو هو، ٻئي مرحلي ۾ لئي جي وڻ جي ٻورن وارو گرم پاڻي ڪري ڌوئي صاف ڪرڻ بعد اجرڪ 16 مرحلا طئه ڪري غمي خوشي، ٻار جي ڇٺي، گهوٽ جي ڪلهن جو سنگهار، سياسي سماجي تقريبن توڙي مُئي پڄاڻا استعمال ڪئي ويندي هئي.
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    Statue of an Indus priest or king found in Mohenjodaro, 1927

    BC (Before the Death of Christ) حضرت عيسيٰ عليه الصلوات وسلام کان پهرئين جا دئور
    01. Soanian people 500,000
    02. Mehrgarh culture 7000–2500
    03. Indus Valley Civilization 3300–1300
    04. Vedic Civilization 1750–500
    05. Achaemenid Empire 550–330
    06. Maurya Empire 322–252
    07. Seleucid Empire 312–63
    08. Greco-Bactrian Kingdom 252–125
    09. Indo-Scythian Kingdom 200 BC – 400 AD
    10. Gandhara civilization 200 BC – 1021 AD
    11. Indo-Greek Kingdom 180 BC – 10 AD
    12. AD (After the Death of Christ) حضرت عيسيٰ عليه الصلوات وسلام جي وفات کان پوءِ جا دئور
    13. Indo-Parthian Kingdom 21–130
    14. Kushan Empire 30–375
    15. Sassanid Empire 224–641
    16. Indo-Sassanids 240–410
    17. Gupta Empire 320–600
    18. Rajput dynasties 7th–20th century
    19. Hephthalite Empire 420–567
    20. Rai dynasty 489–632
    21. Kabul Shahi dynasty 500–1100
    22. Umayyad Caliphate 661–750
    23. Pala Empire 770–850
    24. Ghaznavid Empire 963–1187
    25. Mamluk dynasty 1206–1290
    26. Khilji dynasty 1290–1320
    27. Tughlaq dyna
    Statue of an Indus priest or king found in Mohenjodaro, 1927
    BC (Before the Death of Christ) حضرت عيسيٰ عليه الصلوات وسلام کان پهرئين جا دئور
    01. Soanian people 500,000
    02. Mehrgarh culture 7000–2500
    03. Indus Valley Civilization 3300–1300
    04. Vedic Civilization 1750–500
    05. Achaemenid Empire 550–330
    06. Maurya Empire 322–252
    07. Seleucid Empire 312–63
    08. Greco-Bactrian Kingdom 252–125
    09. Indo-Scythian Kingdom 200 BC – 400 AD
    10. Gandhara civilization 200 BC – 1021 AD
    11. Indo-Greek Kingdom 180 BC – 10 AD
    12. AD (After the Death of Christ) حضرت عيسيٰ عليه الصلوات وسلام جي وفات کان پوءِ جا دئور
    13. Indo-Parthian Kingdom 21–130
    14. Kushan Empire 30–375
    15. Sassanid Empire 224–641
    16. Indo-Sassanids 240–410
    17. Gupta Empire 320–600
    18. Rajput dynasties 7th–20th century
    19. Hephthalite Empire 420–567
    20. Rai dynasty 489–632
    21. Kabul Shahi dynasty 500–1100
    22. Umayyad Caliphate 661–750
    23. Pala Empire 770–850
    24. Ghaznavid Empire 963–1187
    25. Mamluk dynasty 1206–1290
    26. Khilji dynasty 1290–1320
    27. Tughlaq dynasty 1320–1413
    28. Sayyid dynasty 1414–1451
    Lodhi dynasty 1451–15229 .29
    29. Mughal Empire 1526–1858
    30. Durrani Empire 1747–1823
    31. Sikh Confederacy 1733–1805
    32. Maratha Empire 1758–1760
    33. Sikh Empire 1799–1849
    34. British Indian Empire 1849–1947
    39. Dominion of Pakistan 1947–1956
    40. Islamic Republic 1956–present
    sty 1320–1413
    28. Sayyid dynasty 1414–1451
    Lodhi dynasty 1451–15229 .29
    29. Mughal Empire 1526–1858
    30. Durrani Empire 1747–1823
    31. Sikh Confederacy 1733–1805
    32. Maratha Empire 1758–1760
    33. Empire 1799–1849
    British Indian Empire 1849–1947
    Dominion of Pakistan 1947–1956
    Islamic Republic 1956–present
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪُجه عرصو اڳ ، سنڌ جي هزارين ورهين جي تهذيبي سڃاڻپ اجرڪ جو هنر اسان کان موڪلائي ويو هو، جو کيس سرڪاري پزيرائي نه ملڻ ڪري اجرڪ تي مڪمل زوال اچي ويو هو، ڪيترائي اجرڪ جا چتر ڪاريگر بک بدحالي جي ور چڙهي ، پنهنجي ڪرت ڇڏي مختلف مزدورين کي لڳي ويا هُئا ، جهونا ڪاريگر پنهنجو وارو وڄائي هميشه لاءِ هليا ويا، هٿ واري اجرڪ جي هنر سائنسي پرنٽ مشينري ولاري ورتي، اجرڪ جو اصل ڪپڙو، سچو بافتي جي ڦليلي واهه حيدرآباد تي ذات جا اڏاڻا هوندا هئا ۽ حيدرآباد فتح چوڪ تي فتح ٽيڪسٽائيل مل ٺاهيندي هئي. هن وقت اها مل بنگلاديش منتقل ٿي ويئي آهي. پر پوءِ ڀلائي هُجي سنڌ جي پهريئين سيٽلائٽ چئنل (ڪي.ٽي.اين) جي سرواڻ محترم علي قاضيءَ کي، جنهن ايڪتا ڏهاڙي سان سنڌي ڪلچر ڊي جوڙي، هن اجرڪ فيڪٽريءَ کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو جنهن سان گڏ سموري سنڌ ڪلچر ۽ اجرڪ جي خوبصورتيءَ ۾ جُڙي وئي ۽ موئل اجرڪ مزدور جي اُٿيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو