ماضي ۾ موڪليل پنهنجي فيس بڪ پوسٽس ڏسو

'فيس بوڪ' فورم ۾ Sheeraz Rasheed طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2017۔

  1. Sheeraz Rasheed

    Sheeraz Rasheed
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2017
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    [​IMG]

    فيس بڪ دلچسپي وڌائن لاءِ روز روز نوان فيچرز متعارف ڪرائي رهيو آهي اهڙو ئي هڪ دلچسپ فيچر “On This Day” آهي جنھن ذريعي ان ئي ڏينهن توهان طرفان پوسٽ ڪيل سٽيٽس ڏيکاريا ويندا آهن ته جئين توهان پراڻين يادن کي تازوڪري سگهو.

    هي آپشن فيس بڪ تي کاٻي پاسي ۾ موجود هوندو آهي يا وري ان کي هيٺين لنڪ ذريعي پڻ کولي سگهجي ٿو.
    https://www.facebook.com/onthisday


    [​IMG]

    ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي پراڻي پوسٽن کي ري شيئر ڪري وٺندا آهيون پر اڪثر ڪري ڏسي ختم ڪري ڇڏيندا آهيون ڇوته ماضي ۾ ڪيل پوسٽ اڪثر بي وقوفاڻي لڳندي آهي جيڪا پنهنجي ٽائيم لايئن تي رکڻ اسان پسند ناهيون ڪندا.

    جيڪڏهن توهان فيس بڪ تي پنهنجي ماضي کي مٽائڻ ٿا چاهيو آهيون ته اهو ڪم هڪ ئي وقت ڪرڻ ڏکيو آهي. ان لاءِ پنهنجي پروفائل تي وڃي پراڻي پوسٽس کي لوڊ ڪرڻو پوندو آهي اهو ڪم ڏکيو ۽ پريشاني وارو هوندو آهي ان لاءِ جيڪڏهن توهان آن دس ڊي فيچر استعمال ڪندو ته اهو ڪم ڪافي سولو رهندو.


    [​IMG]


    هن آپشن ذريعي توهان روزانو پنهنجي پراڻيون پوسٽس ڏسو ۽ جيڪا پسند نه اچي ان کي ختم ڪري ڇڏيو.
    [​IMG]
    هي اپشن توهان فيس بڪ ويب سائٽ کان سواءِ اسمارٽ فون اپليڪشن تي به ڏسي سگهو ٿا ان لاءِ ايپس جي منيو ۾ وڃوته هيٺ هي آپشن موجود هوندو آهي.

    [​IMG]
     
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    تمام سٺي معلومات، ماشاءَ اللّٰه
     
    Sheeraz Rasheed هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو