ڀت وڏو ڏوھاري آھي . (شيخ اياز جي نظم ”سچ وڏو ڏوھاري آھي“ جي پيروڊي) شمشيرالحيدري

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ شاهنواز ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2017۔

  1. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    ڀت وڏو ڏوھاري آھي

    روز اول کان ڪاڙھيو ويو آ،

    ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ

    ٺاري ٺاري ماريو ويو آ،


    ڪڏھن گيھه ٽڙڪايو ويو آ،

    لوڻ ڪڏھن ڇرڪايو ويو آ،

    مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ،

    ٽانڊن تي ٽھڪايو ويو آ،

    دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ،


    ھا، پر پوءِ به انھيءَ جي ساڳي

    رھندي آئي ريت اڀاڳي:

    جنھن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ٿو،

    تنھن جو سارو چين کسي ٿو،

    اڄ تو وٽ مھمان ٿيو آ،

    پوءِ به ڪڏھن تو ھي سوچيو آ،

    ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي؟

    ڀت وڏو ڏوھاري آھي!
     
    عبدالرسول هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو