شاعري (حياتي)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2017۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي

    ڪٿي ٿي جيئي ڪٿ مري ٿي حياتي
    جيئڻ جو بهانو ڪري ٿي حياتي

    ڪٿي شادمانين مان فرصت ئي ناهي
    ڪٿي روز ماتم ڪري ٿي حياتي

    ڪٿي ٿي وٺي وَڏِ عُمِرِ لئه دعائون
    ڪٿي آپگهاتون ڪري ٿي حياتي

    ڪٿي بس خدا ساڻ ناتو ٿي جوڙي
    ڪٿي پاٽ پوڄا ڪري ٿي حياتي

    ڪٿي حسن تي ناز، ماڻا ڪري ٿي
    ۽ تيزآب سان ڪِٿِ سڙي ٿي حياتي

    پري پيارڙن او درويش پنهنجي
    ڏکي يا سُکي بس سري ٿي حياتي

    عمران درويش سومرو

    [​IMG]
     
    MUHAMMAD ASIF BROHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو