بادام ناتوان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Haseeb Nayab طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2017۔

  1. Haseeb Nayab

    Haseeb Nayab
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 فيبروري 2017
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    مضمونن کي فڪشن جو روپ ڏيندڙ پهرين عورت ليکڪه

    تحرير: حسيب ناياب منگي

    انساني معاشري ۾ عورتن جي سجاڳي، علم ۽ ادب ڏانهن کين راغب ڪرڻ، انهن جي حقن لاءِ لکڻ ۽ لکي پاڻ مڃرائڻ ۾ جيڪو ڪردار سنڌي ادب اندر بادام ناتوان جو ادا ٿيل آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. اهو به هڪ دور هو جو ماهوار نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ سنڌي ادب لاءِ محترمه زينت عبدالله چنا گهڻو لکندي هئي ته سڀني جون ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. تن ڏينهن ۾ عورتن کي صلاحون ڏيندي، انهن جي حقن لاءِ شڪارپور مان بادام ناتوان جهڙي قلمڪاره لکڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين آڏو سندس قابليت جا جوهر آيا. هڪ ٻئي پٺيان سندس ڪتاب ڇپيا ته بادام ناتوان جي مطالعي ۽ مشاهدي جي جڳ کي پرک ٿي. هڪ طرف سندس تحريرون سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارينديون ويون ته ٻئي طرف سنڌ جي نارين جن جي پهچ ڪتابن تائين ضرور هئي تائين حق ۽ سچ، سمجهه ۽ ساڃاهه، شعور ۽ علم توڙي نصيحت جي ڳالهه پهتي، جنهن عمل سان عورتن ۾ معاشري اندر ذميوارين کي نڀائڻ ۽ حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو جذبو جاڳيو. بادام ناتوان جو قلم جنهن تيزيءَ سان هليو، تيڏي تيزيءَ سان اسان کيس وساري ڇڏيو. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سندس علمي پورهيو نصابن ۾ شامل ٿئي ها، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر پڙهايو وڃي ها، پر اهو ڪجهه به نه ٿيو ته سندس قلمي ڪتاب منظر عام تي آڻايا وڃن ها. اها به افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جن ادب ۽ سماج جي سيوا ڪندي پنهنجون حياتيون گذاري ڇڏيون تن جا نه ته تذڪره محفوظ ٿي سگهيا نه وري سندن اڻڇپيل ڪتاب ئي منظر عام تي آيا.
    بادام ناتوان جي جي ڇپيل ڪهاڻين يا مضمونن جي ڇپيل مجموعن تي نظر ڪبي ته انهن ۾ عورت جي اخلاق، ڪردار، پرهيزگاري، اعتماد، ذميوارين توڙي علم جي ڳالهه عام نظر ايندي. بادام ناتوان جي پهرين تصنيف ''شڪسته زندگي'' جي نالي سان 1950ع ۾ ڇپيل آهي. هي ڪتاب بشير احمد ائنڊ سنس ڪراچي طرفان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو هر هڪ ڀاڱو اڍائي سوءُصفحن تي ڦهليل آهي. بادام ناتوان جي ٻي اهم تصنيف ''خوش خصلت خاتون'' آهي، جنهن لاءِ مصنفه پاڻ لکي ٿي ته ''هن ڪتاب جي لکڻ وقت مَسُ جي عيوض جگر جو خون ڪم آندو آهي.'' هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ نه صرف ڇپائي منظر عام تي آندو پر ليکڪه کي انعام سان پڻ نوازيو. هن ڪتاب کي ليکڪه ڏهن مضمونن سان سينگاري پيش ڪيو. هن ئي ڪتاب تي تبصرو ڪندي سيد ميران محمد شاهه لکيو هو ته ''هيءَ تصنيف اڳين کان بدرجها بهتر آهي. . . . اهڙي ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪرڻ لاءِ هيءَ خاتون، تحسين ۽ تبريڪ جي لائق آهي.'' بادام ناتوان جو ٽيون ڪتاب ''قلبي اُڃ'' جي نالي سان شڪارپور جي پراڻي پبلشر مولوي محمد عظيم اينڊ سنس طرفان 1966ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي سنڌ جي عالم اديب ۽ محسن علامه آءِ آءِ قاضي جو رايو پڻ شامل ڪيل ٿو ڏسجي. هي ڪتاب به ليکڪه جي قلم جو بهترين مظهر آهي. مضمونن جي هن مجموعي تي نظر ڪبي ته سندس مضمونن ۾ جوش ۽ جذبو نظر ايندو. حقيقي پهلو کي ظاهر ٿي ڪري، شاعر جي اکين جيان معاشري ۾ جيڪا برائي ٿيندي ڏٺائين، قلم کڻي خوب لکي وئي. سندس تحريرن ۾ نارين کي اهو سمجهايل نظر ٿو اچي ته هو روحاني راهه ٿي گامزن ٿي حقوق الله ۽ حقوق العباد سرانجام ڏين ۽ جهالت کي پري ڀڄائي علم جي شمع کي روشن ڪرڻ جا جتن ڪن.
    مطالعي جو مٿس گهرو اثر نظر ٿو اچي، جو ڪتابن ۾ ڪٿي فارسي، ڪٿي انگريزي، عربي ۽ سنڌي ادب مان قول، شعر ۽ حڪايتون پيش ڪندي مضمونن کي سينگاري ۽ سنواري پيش پئي ڪري.
    بادام ناتوان جي ذاتي زندگيءَ متعلق اها پروڙ پوي ٿي ته هُوءَ 7 مارچ 1924ع تي شڪارپور ۾ پنهنجي والد محمد حسن جي گهر ۾ ڄائي. والده جو مٿس گهرو اثر رهيو جيڪا هيڊ مسٽريس هئي. شڪارپور مان ئي تعليم مڪمل ڪيائين پوءِ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڀيڻ روشن آرا مغل به سنڌي ادب ۾ مختصر مگر اڻ مٽ نقش ڇڏيا.
    نسيم ٿيٻو جا سندس ڌيءَ آهي تنهن پڻ سنڌي ادب جي جهولي کي ڪهاڻين سان ڀريو. بادام ناتوان جي اڻڇپيل ڪتابن: ''رنم رت ڦڙا''، ''خلوت ۾'' ۽ ''نماڻي نار'' کي به ڇپائڻ گهرجي.
    بادام ناتوان شڪارپور ۾ ئي 8 فيبروري1988 تي گذاري وئي
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Haseeb Nayab

    Haseeb Nayab
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 فيبروري 2017
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هن مضمون ۾ جي بادام ناتوان جي زندگيءَ بابت ڪجھ وڌيڪ ڄاڻ ونڊ ڪيو ها ته بهتر ٿئي ها، مثال طور هن جي والد جو نالو ته اوهان لکيو پر ذات نه لکي، سندس والده جي خوبي (هيڊمسٽريس) ته ڄاڻائي پر نالو نه لکيو، بادام ناتوان جي همسفر جو به ذڪر نه ڪيو آهي جنهن ڪري سندس زندگي جي مطلق ڄاڻ اڌوري رهجي وئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو