1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو: 17-فيبروري 1843ع

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,432
    ورتل پسنديدگيون:
    26,912
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو: 17-فيبروري 1843ع

    فقير محمد سنڌي

    قومون پنھنجي ڌرتيءَ تي گل نڇاور ڪنديون آهن، پنھنجو سڄو ساهه سَتُ ايتري تائين جو پنھنجيءَ جان جو نذرانو ڏئي ڌرتيءَ ماءُ کي امرتا بخشيندا رهن ٿا. ان لاءِ ته حق جو بنياد سچ تي رکيل آهي ۽ اهو سچ ۽ محبت آهي جيڪا سنڌ جي سورن کي جَلاءُ بخشي ٿي. سنڌ ڌرتي جي سونھن، سوڀيا جڳ جھان ۾ ڪجهه نرالي پر منفرد نظر ٿي اچي. اهو ان لاءِ ته سنڌ جي سرزمين قدرتي طور وسيلن سان مالا مال رهندي پئي اچي، درياءَ جي پاڻي ڪري سرسبز آباد ۽ سکيو ستابو ملڪ سنڌ جو آهي. ان لاءِ سنڌ جي سرزمين تي لالچي، لٽيرن، تاريخ جا بدمعاش، قابض رهندڙ قوتن هن ڌرتيءَ کي ميري اک سان ڏسڻ شروع ڪيو. بادشاهت ذهن رکندڙ، فقيرن، جاسوسن پنھنجون چالبازيون شروع ڪري ڇڏيون. پر تاريخ شاهد آهي سنڌ جا مڙس مٿير هر وقت پنھنجي علائقن جي حفاظت خوب ڄاڻندا هئا ۽ دشمنن کي هر وار شڪست جو منھن ڏسڻو پوندو هو.

    ڪير چاهيندو ڪو ڌاريو اچي منھنجي ملڪ جو وارث بڻجي. سنڌ جا رهاڪو ڌرتيءَ کي ماءُ جي حيثيت ڏين ٿا ۽ ان تان گهور ٿيڻ لاءِ انيڪ مثال قائم ڪري چڪا آهن. تاريخ جي ورقن ۾ صاف ثابتيون ملن ٿيون ته سنڌي لوڪ ڌرتيءَ کي ماءُ ۽ آسمان کي پيءُ ڪري سڏيو آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان وال تحريڪ جي دعا ۾ به ٻه دفعا ”ڌرتي ماءُ“ چئي پٺيان تنھنجي جهوليءَ ۾ جهلون، پلجون، نپجون، وڌئون، ويجهئون. چيل آهي جيڪي لفظ واکاڻ جوڳا آهن، اهڙي سرزمين تي قابض ٿيڻ جا قصا تاريخ جي ورقن ۾ ايذائيندڙ نموني سان ملن ٿا.

    عرب دور جي مختصر تاريخ اوهان جي نظر ڪندو هلان ته، ٽي هزار لشڪر بديل جي اڳواڻي ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. پر هنن کي شڪست نصيب ٿي، اهڙي نموني عربن پئي پنھنجا جوهر ڏيکاريا ته سنڌ تي قبضو ڪجي. ٻيو دفعو عمر بن خطاب جي خلافت ۾ حجاج، مغيره جي اڳواڻي ۾ عربي لشڪر سنڌ تي ڪاهي آيو، ان وقت سنڌ ۾ ساما بن سيلائج جي حڪومت هئي، لڙائي لڳي جنھن ۾ وري به عربي لشڪر جو مھندار مغيره قتل ٿيو. شڪست کاڌائون. اهڙي نموني سان اهو سلسلو هلندو رهيو. راشد بن عمر، سنان، سعد بن اسلم کي به شڪست جو منھن ڏسڻو پيو.

    سنڌ جي تھذيب جيڪا قديم ترين تھذيب جو ورثو پنھنجي دامن ۾ حُسن رکي ٿي. ان امن جي دامن کي زخمي ڪرڻ لاءِ راجا ڏاهر کي 712ع تي عربن جي ڪاهه ۾ پروان چڙهڻو پيو، پوءِ به تاريخ راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪندي پئي اچي. محمد بن قاسم پنھنجي ڪيل ڪاهه ۾ مڪمل طور ڪامياب ويو ۽ سنڌ جي خوبصورت ڌرتي غلاميءَ جي ور چڙهي. نيٺ ان غلاميءَ جو سج لٿو. 1051ع تي سومرا پنھنجي ڌرتي جا والي وارث بڻيا

    دنيا جي عظيم انسان حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن جا حب الوطني لاءِ چيل 2 قول نقل ڪيان ٿو، پاڻ فرمائن ٿا، ”حب الوطن من الايمان“ يعني ”وطن جي محبت ايمان جو جزو آهي.“ ٻيو ته ”سنڌ جي طرف کان کيس ٿڌڙي هير ٿي لڳي“.

    ان عظيم ڌرتيءَ تي وري انگريز جابر جون نظرون کُتيون. تاريخ تي اڪثر قبضو فاتحن جي نمڪ خوارن جو رهيو آهي. انگريزن ته هندستانين جي به غلط تاريخ لکي، انهن کي بدنام ڪيو ۽ پاڻ کي سچار پيش ڪرڻ جي تاريخ رقم ڪئي. سنڌ جي ڌرتيءَ ڏي انگريز سامراج جي مسلسل پيش قدمي رهي. سنڌي قوم پنھنجي ڌرتي هرگز ڌارين جي حوالي ڪرڻ ڪونه ٿي ڏني، ان لاءِ همت ۽ بھادري جا جوهر ڏيکاريندي 15 فيبروري 1843ع تي سنڌ جي 8000 پيادن ۽ گهوري سوار سپاهين گدو لڳ انگريز ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو. جتي ميجر جنرل آئو ٽرام هڪ سئو سپاهين سان گڏ ترسيل هو، ڪافي ڪوشش کانپوءِ انگريزن کي شڪست جو منھن ڏسڻو پيو ۽ انگريزن زوري ڀتيون ٽپي مٽيارين ڏانھن رُخ ڪيو.

    ان سڄي منظرنامي کي ڏسي چارلس نيپئر خيرپور کان نڪري 14-فيبروري تي سعيد آباد ۽ 16 فيبروري تي مٽياري اچي پھتو جنھن جي ڪمانڊ هيٺ 2700 فوجي آفيسر ۽ سپاهي جنگ لاءِ تيار هئا. هوڏانھن شڪست کاڌل لشڪر مٽيارين مان به اچي چارلس نيپئر جي لشڪر سان گڏيو. 17- فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي سنڌ پنھنجي بقا جي آخري جنگ وڙهي، هڪ طرف وطن جا بھادر ۽ بيباڪ سپاهي جن سان گڏ ٽالپر حڪمران به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي چڪا هئا.

    مياڻيءَ جي جنگ 17 فيبروري 1843ع تي جمعي جي ڏينھن لڳي، هن جنگ ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ حيدرآباد جا سڀئي ٽالپر امير گرفتار ڪيا ويا. جنھن بعد ميرپور خاص وارو مير شير محمد ٽالپر بلوچن جي هڪ وڏي لشڪر سان اچي دٻي ۾ پھتو جتي 24 مارچ 1843ع تي ديهه ناريجاڻيءَ ۾ دُٻي جي جنگ لڳي ۽ سنڌ جي پاسي جو سج بلڪل لٿل هيو. مياڻيءَ جي ميدان تي هوش محمد شيدي وڏي بھادريءَ سان وڙهيو هو ۽ لشڪر جي ڇڙوڇڙ تائين آخري دم تائين پنھنجي فيصلي تي اٽل رهيو. ”مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪندو رهيو. آخري دم تائين جرنيل هوش محمد شيديءَ جا حوصلا بلند رهيا. دٻيءَ جي جنگ ۾ وڙهندي دشمنن کي ڪيرائيندي، ڄڻ هتي به موجود هو، هُتي به موجود هو. جتي ڪٿي توب ٿي هلائي ۽ ٻين جي دل ٿي وڌايائين. هو جتي ڪٿي هو پر جدوجھد اجائي نه وئي. هوشو هيري وسان ڪونه گهٽايو،جڏهن ٻاويھين ريجمنينٽ جي آئرلنڊين مٿس هلان ڪئي تڏهن هو هڪ ٻه قدم پٺتي هٽڻ کانسواءِ ترار هلائيندي شھيد ٿي ويو.

    امن جو پکي سنڌ مان پُر ڪري اڏامي ويو، انگريز سامراج حيدرآباد قلعي مان ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڦرلٽ ڪئي، سنڌو ماٿريءَ تي 104 سال قابض رهيو.


    **
     
    شاهنواز ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو