خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي پاڪستان۾انڊيا ضلع جوڌرپور جي جماعت جي آمد

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    حافظ الملت جنيد وقت امام العارفين حضور قبله پير طريقت رهبر شريعت سائين حافظ محمد صديق القادري رحمۃ الله تعالي عليه باني خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف ۽ ولي ابن ولي قبله پير طريقت رهبر شريعت سائين عبد الرحمن المعروف ڀورل سائين رحمۃ الله تعالي عليه جي انڊيا ضلع جوڌرپور جي جماعت جي 12 ماڻهن هر هڪ ناليوار 1 .سڪندر علي 2.محمد شريف 3. سلطان خان 4. ولي خان 5. فتح خان 6. ڪمال خان 7. مصري خان 8.سلطان خان 9. سليم خان 10. عبد القيوم خان 11. سڪندر خان 12. صالح محمد خان جو قافلو تقريبا 72 سالن کان بعد، بروز آچر صبح جي نماز جي وقت خانقاه شريف پهتو،جنهن جو جماعت پر جوش ۽ والهانه استقبال ڪيو،۽ جاميعه صديقيه احياء الاسلام جي استادن ۽ طالبن زير صدارت صاحبزاده ميان عبد المطب القادري مرڪزي نائب صدر جماعت احياء الاسلام بياد حافظ الملت پاڪستان جماعت جي اچڻ تي استقباليه پروگرام منعقد ڪيو، اراڪين قافله پنهنجي مرشد ۽ خانقاه جي زيارت ڪري ڏاڍا خوش ٿيا، انهن چيو ته اسان تي مرشد سائين جي خصوصا ڪرم نوازي آهي جو اسان اڄ پنهنجي مرشد سائين جي خانقاه جي زيارت ڪيون ٿا اها اسان جي خوش نصيبي آهي، انهن ٻڌايو ته اسان جي ضلع جوڌ پور ۾ حافظ الملت جنيد وقت امام العارفين حضور قبله پير طريقت رهبر شريعت سائين محمد صديق القادري رحمۃ الله تعالي عليه باني خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف جي نالي سان منسوب ڪيتريون ديني ۽ سماجي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون ، ۽ 100 کان مٿي سائيجن جي نالي سان ديني مدرسه هلن ٿا،اراڪين قافله پنهنجي مرشد حافظ الملت جنيد وقت امام العارفين حضور قبله پير طريقت رهبر شريعت سائين حافظ محمد صديق القادري رحمۃ الله تعالي عليه باني خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف جي سجاده نشين ولي ابن ولي قبله پير طريقت رهبر شريعت سائين محمد عبد الخالق القادري دامت برڪاتهم العاليه مرڪزي امير مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان جي زيارت ڪئي ۽ قادري سلسلي ۾ دست بيعت به ٿيا.انهي کان پوءِ آيل مهمانن جون جماعت جي مختلف فقيرن دعوتون ڪيون جن ۾ مولودي غلام مصطفي خانقاه ڀرچونڊي شريف ، رئيس عبد الغني سومرو مدرسه جونگ ڪالوني ڏهرڪي، الحاج ڄام عبدالفتاح سميجو،حاجي محمد افضل حق مهر ۽ ٻين ڪيترين ئي فقيرن مولود ۽ سماع جون محفلون سجايون.

    [​IMG][​IMG][​IMG] [​IMG]

    انڊيا کان آيل فقيرن جون چند تصويرين جهلڪيون
     
    آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2017
  2. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    انڊيا کان آيل جماعت جون چند تصويرين جهلڪيون
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو