سنڌو توکي قنڌار کان لوڏو، قلندر واري زماني ۾به (تاتاري چنگيز خاني) جا حملا جاري هُئا.

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌُو توکي قنڌار کان لوڏو ؟
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    قلندر شهباز جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ته انهيءَ وقت سنڌ جا وڏا وڏا مرڪز شهر جهڙوڪ الور (اروڙ) “ديبل، نيرون ڪوٽ“ وغيره ڪن تاريخي ۽ جاگرافي سببن ڪري پنهنجي مرڪزي حيثيت وڃائي چڪا هئا. “ديبل“ ختم ٿي چڪو هو. (الور ۽ نيرون ڪوٽ) نهايت ننڍڙن ڳوٺن جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪا هئا. “ٺٽو اڃان وجود ۾ ئي ڪو نه آيو هو“، (بکر) کي ان زماني ۾ ڪا به خاص اهميت حاصل ڪا نه هئي، ٻيو ته (پنجاب جي رستي تي) هئڻ ڪري هن شهر ۾ امن ۽ سلامتي بلڪل ڪا نه هئي، بلڪه هر گهڙي جان ۽ مال جو خطرو درپيش هو، خصوصن حضرت مخدوم قلندر واري زماني ۾ (تاتاري يعني چنگيز خاني) مغلن جا هندوستان تي حملا جاري هئا. اهي حملا ( بکر جي رستي) کان ٿيندا هئا، خود قلندر لعل شهباز جو ملتان ۾ ميزبان (شهزادو خان شهيد) به (تاتاري مغلن) هٿان شهيد ٿي ويو هو.
    تازو قلندر شھباز جي درگاه تي دھشتگرد حملي جي اھميت کي سمجهڻ لاء، قلندر جي درگاه ۽ سيوھڻ شريف جي تاريخ ۾ مذھبي اهميت کي ضرور نظر مان ڪڍجي. اڄ تھذيبي ۽ تاريخي ريت، عالمي مذھبن جي تاريخ جو هي مرڪزي ماڳ ، دھشتگرد حملي جي نظر ٿيو آهي. ۽ دھشتگردي گرديءّ جو هيءۡ پلان به (ميڊ ان افغنانستان) طور سمجهيو وڃي پيو. ته (پٺآڻ ڪافي) نالي، ڪو ماڳ سيوھڻ ۾ ھجڻ ، ڪا غير سنجيدي ڳالھ ناهي، فقط تاريخي طور اڻ ڄآڻ، يا غير سنجيدا ماڻھو اهڙي عمل جا مرتڪب ٿيندا آيا آھن، پر جيڪي ماڻھو سيوھڻ شريف ۽ قلندر جي درگاه کي سندس قديم تاريخي تناظري ۾ ڏسن ٿا، سي سيئي تاريخ جا زمانن جي (لٽ ۾ مبھم پيل) ان حقيقت کي پروڙي سگهن ٿا ته ، اها غير سنجيگيءّ سان نظرانداز ڪرڻ جي ڳالھ ھرگز ناھي. ۽ اھي “گروهڙيءّ “ جي ان (سياسي اڳڪٿيءّ) کي پڻ پڌرو ڪن ٿا ته '(جڏھن ڪڏھن سنڌڙيءّ، توتي قنڌارئون جوکو). ته سيوھڻ ۾، (ارغون ترخان) دئور ۾ به، (ڪابلي ۽ قنڌاري) پٺاڻن جون، هتي جي عوام سان ڪيل سفاڪ رهزنيون ۽ سندن انسانيت سوز ظلم، اڄ به سنڌ جي تاريخ جي ڇاتيءّ تي (ڦٽّن) جيئان ٻُرڪن ٿيون.
    تازي دهشتگرديءّ جي حملي جون ڪڙيون لھڻ لاء، (پٺآڻ ڪافيءّ )جي ماڳ ۽ ان جي منتظمين کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ، ڄڻ ان واقعي جي حقيقتن کان (سنگين اکٻوٽ واري روش ٿيندي). (پٺآڻ ڪافي) بابت اهو به مشھور رهيو آھي ته اتي (منشيات جو سنگين ڪاروبار) ٿيئي ٿو، پر اڄوڪين ڪجھ پوسٽن تحت اتي (ھٿيارن جا پڻ ڍير) ملندا. انهن ٻنهي صورتن ۾ اهو ماڳ (پٺاڻ ڪافي) درگاه جي آڙ ۾ (انسانيت خلاف ڏوھ ۾ )ملوث نظر اچي سگهي ٿو. ۽ مزار ۾ موجود ماڻھن تي (بم بلاسٽ جا ذميوا)ر لھڻ لاء ظآھر آھي ته مقامي پسگردائيءّ جي (علائقن ۽ ھوٽلن جي مالڪن) تي پڇا ڳاڇا جو دائرو سوڙھو ٿيندو، تڏھن ضروري آھي ته انويسٽيگيشن جي ان دائري ۾ (پٺآڻ ڪافيءّ )جي ماڳ، ۽ ان جي منتظمن تي پڻ، پڇا ڳاڇا جو دائرو سختيءّ سان سوڙھو ڪيو وڃي، ته جيئن ان واقعي جي اصل سهولتڪارن تائين رسي سگهجي.
    ته جيئن ته منهنجي خيال ۾ (لال سائين حضرت شهباز قلندر) کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسين سڀ خلوص دل سان سندن اسلامي تعليمات تي عمل ڪريون. جو (سنڌ جي سرزمين) کي اهو شرف حاصل آهي ته اها مختلف جليل القدر (اولياء ۽ صوفياءِ ڪرام ۽ حق گو درويشن) جي آماجگاه رهي آهي ۽ اها نهايت خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته (حضرت مخدوم محمد عثمان مروندي)، جنهن کي سموري دنيا (حضرت لال شهباز قلندر) جي نالي سان ياد ڪري ٿي، ۽ هن (اولياء ڪرام) ، خاص طور تي سنڌ کي (علمي ادبي روحاني ۽ اخلاقي قدر) کان محصور ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ (سيوهڻ) ۾ شهباز قلندر رح جو اسمِ گرامي نمايان آهي.
    پاڻ شروعاتي تربيت ، پنهنجي والده سڳوريءَ جي گود ۾ ورتي، جيڪا مروند جي (حاڪم شاه سلطان شاه) جي نياڻي هئي. پاڻ ستن سالن جي عمر ۾ (قرآن شريف) پورو ڪري، حفظ ڪري ورتو هو ۽ پوءِ (فارسي ۽ عربي جي گرامر) ۽ ٻين عملن کي حاصل ڪري دين ۽ شريعت جي تمام رستن جي اگاهي حاصل ڪيائون. علم جي حصول لاءِ (حرمين شريف) ڏانهن حج جي ارادي سان روانا ٿيا. ان سفر ۾ سندن ملاقات حضرت (شير شاه جلال شاه) سان ٿي ۽ ان سان گڏ پهريون حج ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مديني پاڪ ۾ اچي هڪ سال روضه رسول تي عبادت ڪندا رهيا ۽ فيض وٺندا رهيا. (حضرت شير شاهه۽ قلندر شهباز سائين (ٻئي ڳاڙهو لباس پهريندا هئا) ، جنهن ڪري شير شاهه کي سرخ پوش (ڳاڙهي لباس وارو) ۽ قلندر کي (لال) سڏيو ويو هو. ۽ پاڻ وري ٻئي سال واري حج جي موقعي تي (ٻيو حج )ڪيو هُئائون.
    ڪجهه وقت پاڻ (اتر افغانستان) جي علائقي (بلخ )ڏانهن پڻ ويا هوئا جيڪو (افغانستان) جي قديم تاريخي شهر هو. اهڙي نموني (قنڌار ۽ سمر قند) تائين سندن وڃڻ جي اهڃاڻن جا اشارا ملن ٿا، ايستائين جو سندن پنڌ جو ڏس (بخارا) تائين به آهي جيڪو موجوده ملڪ (ازبڪستان) ۾ آهي. اڄ به سندن مقبري تي حاضري لاءِ انهن علائقن جي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ايندو رهي ٿو. جن مان اڪثر سندن حياتي واري دؤر کان وٺي ئي سندن طالب ٿيا ۽ ساڻن گڏجي اچي فقيري واري زندگي اختيار ڪيائون. سيوهڻ ۾ سندن (طالب پٺاڻن) جو تڪيو "پٺاڻ ڪافي" ان جو هڪ اهم دليل آهي.
    هندوستان جو اهو سفر پاڻ شايد (سنڌ جي سفر دؤران ڪيائون) ۽ پوءِ سنڌ آيا. هندوستان جي (شهر پاڻيپٽ) تائين ۽ هر علائقي توڙي وستي ۾ پنهنجو فيض ڏنائون. هن ملڪ ۾ سندن عقيدتمندن جو هڪ خاص ڳاڻيٽو آهي. هتان جا غير مسلم به کين "جهولي لال" جي لقب سان ياد ڪن ٿا. مڪران جي ساحلي علائقي مان گذر ڪري پاڻ هزارين باشندن کي پنهنجو مريد بنايائون، هن پاسي واديءَ پنج گور (پنج ڪور) نهرو خشان جي هڪ سرسبز ميدان ۾ چلو ڪيائون، سندن چلي گاهه واري جاءِ کي "دشت شهباز" جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    ڪلاچي کانپوءِ (ٺٽي طرف) سندن ملاقات درويش (پير پٺي) سان ٿي، (پير پٽي) جي وفات سال 642 هجريءَ ۾ ٿي آهي، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته قلندر 642 ههجريءَ کان اڳ سنڌ ۾ موجود هو. ته قلندر شهباز جڏهن اڃا ايترو ننڍڙو هو جو پيءُ جي چيچ جهلي پند ڪندو هو، تڏهن کان وٺي سنڌ ۾ ايندو هو، هڪ ڀيرو نه، ڪيئي ڀيرا آيو. (ايراني نار) جي رستي سان ايندو هو، کيس ست ڀائر هئا، هڪ ڀيڻ سنڌ ۾ پرڻيل هئس هڪڙي ڀاءُ سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس سؤٽن مان به ڪي سنڌ ۾ دفن ٿيا.
    قلندر شهباز جا (سنڌ ۽ سنڌ واسين سان) لڳ لاڳاپا ڏاڍا گهرا ٿي ويا هئا. قلندر سائين سيوهڻ سميت سنڌ ۾ ڏهن سالن کان مٿي عرصو رهيا ۽ ان وچ ۾ ڪيترائي دفعا سيوهڻ ۾ آيا ۽ وري ڪجهه عرصي لاءِ ٻين علائقن ڏانهن عارضي طور ويا آهن. سندن سنڌ ۾ سير سياحت ڪرڻ واري عرصي ۾ سيوهڻ سندن مرڪزي جاءِ هئي. اڪثر مورخن سندن سيوهڻ ۾ آمد جو سن 649 هجري لکيو آهي ۽ سندن وفات 650 هجري ڄاڻائين ٿا. جڏهن ته ڪجهه مورخ سندن وفات 673 هجري سن مڃيو آهي.
    سيوهڻ جهڙي تواريخي ۽ قديم شهر ڱي ڌار ڌار نالا ڏنا ويا هُئا. ڪن هن شهر کي يوناني سڪندر جي زماني جو( سنڊيمن) ، ته ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جو (سيوستان) ، (شروسان) ، (سدوسان ، سدوستان يا سادوستان) سڏيو آهي. ته هن (سنڊيمن شهر وٽ ) جابلو قومن جي بادشاھ (سامبوس)، سڪندر جي سامهون هٿيار پيش ڪيا.
    سنڌ جي هندن جي لکيل تواريخ“ موجب هي شهر (سيوهڻ) تڏنهن جي (راجا اشنير جي پٽ شبيءَ) وسايو هو، جنهنڪري هن کي ”شبسٿان“ يا ”شوستان“ ڪري سڏيندا هُئا. . (راجا اشنير) رامائڻ جي زماني جيترو جھونو آهي. مگر (دوارڪا پرساد) ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته راجا اشنير جي پٽ شبيءَ (هاڻوڪي سبيءَ )جو شهر وسايو. شهر جي اپٽار ڪندي، انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندستان تي (اُتر اولھ) کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون هُيون ، تنهن وقت اتر هندستان (جنهن ۾ (پراچين سنڌ) جو (اتر وارو ڀاڱو) اچي ٿو اُتي ڪيتريون (کتر ذاتيون) هجرت ڪري (ڏکڻ هندستان )ڏانهن روانيون ٿيون. مثلاًًً، ملتان جي دلير ماوه قوم (مالوا شهر)، ڀٽنڊا جي (ڀاٽين جيسلمير) ۽ سبيءَ جي شوي کترين (سيهوڻ ) اچي وسايو. وڌيڪ ٻُڌائجي ٿو ته (سيوهڻ شهر) اٽڪل (ٻن اڍائي هزارن سالن جو) جھونو شهر آهي ۽ سڪندر (356 ــــ 323 ق.م) جي ڪاھ کان اڳ به ، سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين چوڻ ته (سنڌ کان پوءِ سيوهڻ وسيو) هو، سو حقيقت کان دور آهي.
    هندن چااڻي ته (رگ ويد) ۾ آيو آهي ته (قديم آريا) پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا (پروُ، آنوُ، درهيو، يدوُ ۽ ترسؤ). ”آنوُ“ آرين مان ڪي پنهنجي ويجھي ڏاڏي ”شوي“ جي نالي پٺيان ”شوي آريه“ سڏبا هئا. انهن پنجاب ۾ ”شور ڪوٽ“، بلوچستان ۾ ”سبي“، ايران ۾ ”سبستان يا ”سيستان“ ۽ سنڌ ۾ ”سيوهڻ“ آباد ڪيا. سيوهڻ پهريائين سندن نالي پٺيان ”شوستان“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ”سيوستان“ ۽ ”سهوان“ ٿيو ۽ هاڻي ”سيوهڻ“ سڏجي ٿو. ”سيوهڻ“ لفظ به ”شو واهن“ جو مخفف آهي. مشهور سياح (ابن بطوطه) به پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهيته ”سنڌ“ ۾ (سيوستان نالي شهر) آهي، جو اصل ۾ ”شواستان“ هو؛ يعني شِوَ جو آسٿان، پر ماڻهن جي زبان ۾ ”سيوستان“ مشهور ٿي ويو. (سيوستان) جي پسگردائيءَ ۾ (سيوس) نالي قوم رهندي هئي. ”سيوس“ به ”شوي“ جي ئي بگڙيل بناوٽ معلوم ٿئي ٿي.
    حقيقت ۾ سيوهڻ ان نالي پوڻ کان به اڳ موجود هو. (شوي قوم ) فقط هن کي وڌايو ويجھايو ۽ اهو نالو رکيو هوندو. هي ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن، انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جن ماڻهن جو کوپريون (موهن جي دڙي) مان لڌيون ويون آهن، اهڙن ئي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان ( شاھ بلاول ) واريءَ واٽ مان به لڌيو ويون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيوهڻ تمام قديم زماني کان آباد هو. قديم زماني کان پوءِ، نئين حَجري زماني جا نشان به سيوهڻ جي ڀرسان لڌا ويوا آهن. چچ جي ڏينهن ۾ (سيوستان) جو حاڪم “مته“ نالي هوندو هو. چچ به پوءِ ڪشمير جي سرحد قائم ڪري، موٽي (سيوستان) ۾ آيو هو ۽ اتي ئي رهائش جو بندوبست قائم ڪيائين. چچ جي مرڻ کان پوءِ (مته) فوج ۾ ويو، انهيءَ لاءِ ته ، جيئن چندر (چچ جو ڀاءٌ) کان، ملڪ جي واڳ کسي. (ڏاهر جي وقت ۾) هو برهمڻ آباد مان ٿي پوءِ (سيوستان) ۾ آيو، ۽ اتان پوءِ (راور جي قلعي ۾ ) ۽ پوءِ موٽي (الور) آيو هو. انهن چئن ئي هنڌن تي سال جي ۾ چار مهينا اُتي گذاريندو هو.
    محمد بن قاسم به (نيرون ڪوٽ) وٺي پوءِ (سيوستان) آيو هو، ۽ اتي جا آسپاس ملڪ (علائقا) هٿ ڪيائين. پر (سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾) هن کي مُشڪلين کي مُنهن ڏيڻو پيو هو. ڏاهر جي پاران سندس سوٽ (بڇيرا ولد چندرام ) اتي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم پوءِ (منجنيق سان) ڀٿ ڀڃي قلعو ورتو، ۽ (بڇيرا) ڀڄي ويو. انهيءَ جي جاءِ تي هن (چندرام حاله) کي ويهاريو، پر هن جي ٻئي پاسي وڃڻ تي (چندرام ) فساد ڪري عربن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي محمد بن قاسم (مصعب ولد عبدالرحمان ) کي وڏي لشڪر سان (سيوستان) موڪليو، جو چندرام سان وڙهيو ۽ چندرام مارجي ويو. مصعب اتي ٻيو حاڪم مقرر ڪري ۽ پورو بندوبست ڪري، موٽي محمد بن قاسم ڏانهن ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، حجاج جي حڪم موجب، قيس عبدالملڪ ۽ خالد انصاري سيوستان جا نائب مقرر ٿيا. مٿيون احوال سن 93 ھجري بمطابق 711ع ڌاري جو آهي.
    سن 416 ھجري بمطابق 1025ع (سلطان محمود غزنويءَ) جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق لشڪر وٺي پهريائين “سيوهڻ“ ورتو ۽ پوءِ “ٺٽي“ ويو، جو تڏهن سنڌ جو تختگاه هو. انهي وچ ۾ عربن جي خليفن جا نائب، (سيوستان) ۾ رهندا آيا. سن 649 ھجري بمُطابق 1251ع ۾، (ناصر الدين محمود) دهليءَ مان لشڪر وٺي ، سنڌ ۾ آيو هو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي، (قليچ خان) کي حاڪم مقرر ڪري، پوءِ (اُچ ۽ ملتان) ڏانهن ويو. سن 667 ھجري بمُطابق 1297ع ۾، (جلال الدين خلجيءَ) جي عهد ۾، (مغلن) سيوهڻ اچي هٿ ڪيو، جنهن تي (نصرت خان) حڪم موجب، (ملتان مان سيوهڻ) آيو ۽ (مغلن) سان وڙهي انهن کي ڀڄائي ڪڍيائين، ۽ پوءِ (بکر) ويو.
    ”تاريخ فرشته“ مان معلوم ٿئي ٿو ته (تاتارين) ، جن 697 ھجري بمطابق 1297ع ۾ دهليءَ جي حاڪم (غياث الدين ) جي زماني ۾ (سنڌ تي ڪاهه) ڪئي هُئي . تن پهريائين سيوهڻ تي حملو ڪيو هو. (جلال الدين خوارزم شاھ) جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته هن پهريائين سيوهڻ قبضي ۾ ڪيو. سن 721ھجري بمُطابق 1321ع ڌاري، سلطان (غياث الدين تغلق) ملڪ علي شير کي (سيوهڻ جو حاڪم) مقرر ڪري موڪليو. 752 هجري بمطابق 1351ع ۾ (ڄام انڙ سمون) سيوهڻ تي ڪاهي آيو، ۽ پوءِ دهليءَ جي بادشاھ پاران (مَلَڪ رتن تُرڪ)، جيڪو اتي جو حاڪم هو، تنهن سان وڙهي، انهيٰءَ کي ماريائين ۽ قلعو ورتائين. هن وقت مکيه سياح (ابنِ بطوطه) سيوهڻ ۾ آيو هو.
    سن (768ھ : 1367ع) ۾، ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾، سلطان علاءُ الدين جو لشڪر اچي سيوهڻ ۾ سمن سان وڙهيو ۽ انهن کي قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو. جڏهن ڄام سڪندر سمو گاديءَ تي ويٺو هو ۽ هو صغير هو، تڏهن بکر ۽ سيوهڻ جا حاڪم باغي ٿيڻ لڳا. ڄام سڪندر مٿن ڪاهي ويو، پر سگهو ئي مري ويو. سن 896ھ : 1490ع ۾ ڄام نظام الدين جي گاديءَ تي ويهڻ بعد، بکر ۽ سيوهڻ جا سڀ ماڻهو انهيءَ پاسي ٿيا. 926ھ : 1519ع ڌاري، ڄام فيروز جي راڄ ۾، مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مير عليڪ، ۽ ٻيا سنڀال لاءِ ڇڏي، پاڻ شال ڏي ويو.
    سگهو ئي (ڄام صلاح الدين)، “ڄام فيروز“ کي (ٺٽي) مان ڀڄائي ڪڍيو، جو سيوهڻ ۾ آيو. شاھ بيگ جي (پٽ شاھ حسن) هن کي مدد ڏني، ۽ سيوهڻ جي قلعي جو پورو بندوبست ڪري هليو ويو. سن 948ھجري بمطابق 1541ع ۾ (همايون بادشاھ)، بکر مان نڪري، سيوهڻ ۾ اچي منزل ڪئي. (مرزا شاھ بيگ) جا نائب، (سلطان بيگ ۽ مير محمد ساريان)، جي اتي ئي هئا، تن اڳي ئي ملڪ آسپاس ويران ڪري ڇڏيو هو ته هو اتي نه هري. مرزا شاھ حسن پاڻ به آيو ۽ اچڻ سان بادشاھ سان وڙهڻ جو سعيو ڪيائين. همايون سيوهڻ کي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو. آخر ناامدي ٿي موٽي (بکر لوهري) هليو. هن جي وڃڻ کان پوءِ، مرزا، سيوهڻ جي قلعي کي جيڪا شڪست وسي هئي، تنهن جي مرمت ڪرائي.
    سن 962 هجري بمطابق 1554ع ۾ مرزا شاھ حسن، ٺٽي مان سيوهڻ ڏانهن ايندي، رستي ۾ مري ويو. (سلطان محمود خان) ساڻ هوس. سندس لاش ٺٽي ڏانهن نيائون. ڪيل ٺهراءُ موجب، سنڌ جو ڏاکڻيون ڀاڱو، ٺٽي وارو، سندس پٽ (مرزا عيسى کي مليو)، ۽ اتريون، بکر وارو، (سلطان محمود خان) کي. تنهن تي (مرزا شاھ مسعود) ۽ ڪن ٻين اميرن ناراض ٿي فساد ڪيو، ۽ سيوهڻ اچي هٿ ڪيو. مرزا عيسى پنهنجي پٽ (محمد صالح) سميت لشڪر وٺي اچي هنن سان وڙهيو. سيد مير ڪلان، مير معصوم شاھ بکر واريءَ جي پيءُ، هنن جو صلح ڪرايو ۽ مرزا شاھ مسعود نااميد ٿي گجرات ڏانهن هليو ويو. ٻئي سان ۾ مرزا عيسى ترخان بکر ۾ سلطان محمود سان وڃي وڙهيو، جنهن ڀڄائي ڪڍيس ۽ پٺيان پئي سيوهڻ تائين آندائينس. اتي مرزا باهيون ڏيڻ ۽ ملڪ ناس ڪرڻ لڳو. اتي وري ٻي جنگ ٿي لڳي، پر وري سيد مير ڪلان سندن پرچاءُ ڪرايو.
    سن 970ھجري بمطابق 1562ع ۾، (مرزا عيسىٰ) جي ٻن پٽن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو ۽ هڪڙو (مرزا صالح ) مارجي ويو، ٻئي کي، يعني (مرزا باقي) کي، مرزا سيوهڻ جاگير ڪري ڏنو، جتي هو وڃي رهڻ لڳو. پر سگهو ئي خود (مرزا عيسى ۽ سلطان محمود) جي وچ ۾ وري به هڪ جنگ (سيوهڻ) ۾ لڳي، ۽ ٻي (درٻيلي ۾) . آخر سندن وچ ۾ صلح ٿيو.
    سن 974 ھجري ۾ جڏهن (مرزا عيسى ترخان) مئو، تڏهن، سندس وصيت جي برخلاف، سندس زال ماھ بيگم (مرزا محمد باقيءَ) کي سيوهڻ مان سڏائي گاديءِ تي ويهاريو، ۽ نه هن جي ٻئي پٽ خان بابا کي، جنهن جي وصيت ڪئي هئائين.
    سن 978ھجري بمطابق 1570ع ۾ (اڪبر بادشاھ، مرزا محمد باقيٰءَ) جي ظلمن جو ٻڌي، پنهنجو نائب، (مجاهد خان)، بکر ڏانهن موڪليو. انهيءَ ڪري مرزا باقيءَ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا پٽ ويهاري ڇڏيا. سيوهڻ ۾ پنهنجي وڏي پٽ (مرزا پاينده) کي رکيائين ۽ ننڍو (جاني بيگ) به ساڻس ڏنائين. پوءِ سگهو ئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين، ۽ اميرن مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان سڏي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهاريو.
    998 ھجري بمطابق 1589ع ۾ (اڪبر بادشاھ ) نواب خانان کي موڪليو، جو پهريائين بکر ۾ آيو ۽ پوءِ لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو. (مرزا جاني بيگ) ٺٽي مان لشڪر وٺي آيو. مرزا جي پاران (خسرو خان) لشڪر جو مهندار هو، ۽ خان جي پاران (سيد بهاءُ الدين ۽ مير معصوم شاھ) بکر وارو. لڪيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. آخر (مرزا جاني) فقط ٻارهن ماڻهن سان ڀڄي (انڙپور) ڏانهن ويو. سگهوئي پوءِ سندن وچ ۾ صلح ٿيو.
    . سن 1013 ھجريبمطابق 1605ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاھ کان پوءِ (جھانگير) تخت تي ويٺو، تڏهن هن عبدالرزاق کي نواب ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مٿان موڪليو، ۽ مرزا غازي بيگ کي پاڻ وٽ سڏائي ورتائين ۽ انيهيءَ کي قنڌار ڏي نائب ڪري موڪليائين. 1059 ھجري بمطابق 1649ع ۾ جڏهن (مغل خان) دهليءَ جي بادشاھ پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن (شاهجهان بادشاھ ) پنهنجي پٽ، (شاهزادي اورنگزيب) کي (سيوهڻ، بکر ۽ ٽٺي) جا پرڳڻا، يعني قريب ساري سنڌ جاگير ڪري ڏني. انهيءَ کان اڳي ملتان هن جي جاگير هئي.
    سن 1150 هجري بمطابق 1737ع ۾، نواب خدايار خان (يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو) سيوهڻ، بکر ۽ ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿيو. سن 1171 هجري بمطابق 1758ع ۾ (ميان غلام شاھ ڪلهوڙو) لوهري مان سيوهڻ آيو، ۽ اتان (الھ آباد ۽ محمد آباد) ۾ ويو، جتي سارو سال گذاريائين.
    سن 1259 هجري بمطابق 1843ع ۾ جڏهن (دٻي جي جنگ ۾) مير شير محمد خان (سر چارلس نيپئر) هٿان شڪست کائي پنجاب ڏانهن ڀڳو، تڏهن، (مير پور خاص) مان ضروري سامان کڻي، پهريائين سيوهڻ ۾ درياھ جي ڀرتي چوڌاري کاهي کڻائي ويهي رهيو، ۽ سندس ڀاءٌ (مير شاھ محمد) سندس سامان جي سنڀال تي هو. (ڪرنل رائن)، جو تڏهن سيوهڻ ۾ هو، تنهن مٿس ڪاھ ڪئي. مير شاھ محمد سان جيڪي ٽي، چار سؤ ماڻهو هئا، سي ڀڄي ويا ۽ (شاھ محمد) پڪڙجي پيو، هن کي (حيدرآباد) ڏياري موڪليو.
    مير شير محمد (شير سنگ وٽ ) پناھ ورتي. جڏهن سنڌ پنهنجي خودمختياري قربان ڪئي ته سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي (دائود پوٽن، ڪلهوڙن ۽ پنوهرن) جون، وڃايل طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون شروع ٿيون. ان وقت فاتح (يار محمد ڪلهوڙي) خدا آباد دادوءَ واري آباد ڪئي، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن درياھ جي ڪپ تي (محمد آباد، الله آباد، ۽ (هالن واري) خدا آباد جا شهر تعمير ڪيا، ته ويچارو سيوهڻ سڏڪيون ڀرڻ لڳو.
    انگريزن جي راڄ بعد، سيوهڻ نه رڳو هڪ ننڍيءَ بستيءَ جي شڪل ورتي ـجئين (ڊبليو. ڊبليو. هنٽر) جي گزيٽيئر (ص225) مطابق، 1872ع جي آدمشماري (چار هزار ٻه سؤ ڇهانوي) آهي ۽ (جي. ڊبيلو. سمٿ ) جي گزيٽيئر (ص47) مطابق، 1911ع جي آدمشماري 4749 آهي. هنٽر جي لکئي مطابق، 1881ع ۾ سيوهڻ تعلقو سنڌ جي بهتري ڪڻڪ ۽ نير پيدا ڪندڙ تعلقن مان هڪ هو. جڏهن 28 هين نومبر 1635ع بعد، (ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ) سنڌ سان واپار جو سرشتو شروع ڪيو، ته به انهن جي لسٽن تي سيوهڻ جو (نير ۽ ڪپڙو) چڙهيل هئا.
     
    آخري ترميم: ‏18 فيبروري 2017
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو