1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

مُحمد بن قاسم17 سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو ۽ 22 جي عمر ۾ مُلتان مان واپس ٿيو. محض5 سال؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,284
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ تي اٽڪل (چاليهه سال) “711ع کان 750ع تائين“ اسلامي خليفن جي تابعين جي حڪومت رهي۽ انکانپوءِ عباسي دورِ حڪومت شروع ٿيو. مُحمد بن قاسم 17 سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو ۽ 22 جي عمر ۾ پنجاب مان واپس ٿيو . محض5 سال ئي ته (سنڌ ۽ پنجاب) ۾ رهيو هو.
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    مُحمد صلعم جن جي زندگيءَ جو پورو نمونون (569ع کان 6322ع) تائين هن دُنيا ۾ انسانن ۽ جنن لاءِ عملي زندگيءَ جو هڪ کُليو ڪتاب آهي۔ جنهن جا حوالا حديثن ۾ ملن ٿا. 610ع ۾ قرآن جو پڙاڏو هڪ کان گهٽ صديءَ جي وقت ۾ (بحر اوقيانوس) کان (وچ ايشيا) تائين پُهتو. ۽ مُحمد صلي الله عليه وسلم جن جي وفات (632ع )کان محض هڪ سئو سال پوءِ ۽ (732ع ڌاري) اسلام فرانس جي شهر(تُوري) جي حدن تائين پُهچي چُڪو هو سال 632ع ۾ حضرت ابوبڪرصديق رضه سان (خلافت راشديه) جي شروعات ٿي ۽ پاڻ (حروب الرده) کان پوءِ (سلطنت ساسانيه) ۽ (سلطنت بازنطيني) طرف پيشقدميون جاري رکيون هُيون.
    سال 634ع ۾حضرت ابوبڪر صديق رضه جي وفات کان پوءِ حضرت عمر رضي جن کي خلافت راشديه جو (ٻيو خليفو) چونڊيو ويو۔ حضرت عمر رضيه (ساسانين) کان عراق (بين النهرين)، ايران جي علائقن ۽ (روميو کان مصر)، فلسطين، سوريا ۽ آرمينا جا علائقا فتح ڪري اسلامي خلافت ۾ داخل ڪيا ۽ عملي طور تي انهن ٻنهين وڏين سلطنتن جو خاتمون آندو. ۽ پوءِ 638ع ۾ مسلمان (بيت المقدس) ۾ داخل ٿي چُڪا هُئا. 644ع ۾ (ابولولو فيروز) جي خنجر سان حضرت عمر رضيه جي شهادت کان پوءِ حضرت عثمان رضيه مُسلمانن جو (ٽيون خليفو) چُونڊيا ويا. حضرت عثمان رضيه (644ع کان 656ع) جي قيادت ۾ مُسلمانن سال 652ع تائين اسلامي خلافت مغرب جي حدن (جزيره الاندلس) ۾ پُهچي چُڪيون هُيون ۽ سال 656ع ۾ حضرت عثمان رضيه جن کي به شهيد ڪيو ويو. ۽ پوءِ حضرت علي رضيه (656ع کان 661ع) جن کي مُسلمانن جو (چوٿون خليفو) چونڊيو ويو. سال 661ع ۾ (عبدالرحمان بن ملجم) جي هڪ تلواري حملي سان حضرت علي رضيه جي شهادت ٿي وئي. ۽ پوءِ سال 661ع ۾ (خلافت بنو اُميه) جو وجود پيو.
    سال 710ع ۾ بنو اُميه کي ٻه فتحيون حاصل ٿيون۔
    هڪ فتح سنڌ (مُحمد بن قاسم) ۽ ٻي 711ع ۾ اُندلس جي (طارق بن زياد) جي وسيلي.
    اندلس جي فتح کان پوءِ سال 6500ع تائين (عباسي خلافت ) جي قيام دوران (بنو اُميه خلافت) تقريبن ختم ٿي چُڪي هئي پر بنو اُميه جو هڪ شهزادو (عبدالرحمان الداخل) فرار ٿي 756ع ۾ اُندلس وڃي پُهتو ۽ هُن اُتي (خلافت قرطبه) جو بُنياد وڌو۔ ائين بنو اُميه جي خلافت 1031ع تائين قائم رهي.

    هن وقت اسان جي سنڌ جي تاريخ ڏاڍي منجهائيدڙ آهي ،اسان وٽ ان وقت جو ڪو به مستنند تاريخي ڪتاب ئي ناهي ۽ اسان جڏنهن به ان تاريخ جي موضوع کي کڻون ٿا ته بدقسمتيءَ سان ان جي شروعات اُن (چچنامون ) کان ڪريون ٿا ، جنهنجو (فارسي ترجمون) ٿيل آهي جنهن کي عباسي دئور يعني سن (750 عيسويءَ ) کان پوءِ جڏنهن سنڌ عجمي عباسين هٿان قابض بڻيو هو ۽ اهو عباسين جي درٻاري تواريخدان لکيارين لکيو هو يا کان لکرايو ويو هو، جنهن ۾ سندن عقيدي جي گهڻي جهلڪ آهي . منهاج المسالڪ جو فارسي ترجمو فتح نامو عرف چچ نامو جي نالي سان علي بن ڪوفي ڪيو هو. اهو ترجمو 1216ع بمطابق 613 هجري ۾ اُچ شهر ۾ڪيو ويو.
    جڏنهن ته جيڪو اصل (چچنامون) جنهن جو پُراڻو عربي ورجن (دقافي فيملي) جي عرب (رائٽر) لکيو جيڪو مُحمد بن قاسم جي عزيزن مان هُئو. ته جيڪو عربن جو (پُراڻي عربيءَ) ۾ لکيل چچنامو هو ۽ جيڪو عربن جو لکيل آهي، تنهن ۾ هو (راجه ڏاهر جو ڪردار) به مشڪوڪ آهي.
    ته اسان جي ڏاهن تواريخي لکيارين کي کپي ته سنڌ جي تاريخ تي نئين سر سان (نيوٽرل انالائيز) ڪن ، هڪ پاسي تحقيق ڪري تواريخ نه لکن پر هاڻ جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ گوگل ريسرچ (جنهن پوري دُنيا کي) هڪ (گلوبل وليج) بڻائي رکيو آهي، نئين اڀياس ڪن. تواريخ رُڳو سنڌ جي مُنجهائيندڙ ناهي پر، تقريبن دُنيا جي هر تواريخ مُجهائندڙ رهجندي پئي اچي، جن تي به حاڪم جو اثر هو ۽ درٻاري لکيارين کان لکرائي ويندي هُئي، جنهن ۾ پاڻ کي سچ ڄاڻايو ويو هو ته مُخالف کي ڪوڙ.
    وقت جي (درٻاري لکيارين ۽ تواريخدانن) ته خير جنهن به مجبوريءَ کان يا زور زبردستيءَ سان وقت جي حاڪن جي مرضيءَ موجب تواريخ لکي پيش ڪئي، جنهن ۾ يقينن (قابض حاڪمن )جو نه صرف پنهنجو (مذهبي عقيدو ۽ سوچ) به شامل ڪيل هوندي پر اڄ جي سائنسي دئور ۾ ان کي آزاديءَ سان سچ ۽ ڪوڙ جي (فلٽريشن ڪري) وري به سنواري سگهجي ٿو ۽ اها جوابداري اُنهن سڀني شاگردن تي پوي ٿي جيڪي (پنهنجي ڪلچر ۽ تهذيب) تي(ريسرچ پيپر) لکن ٿا ۽ (نيوٽرل اينالائسز) ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪنهن عقيدي، سوچ يا علاقائي تسلط کان هٽي ڪري لکن ٿا.
    انهن (ريسرچ اسڪالرس) کي به سچائيءَ سان سمجهڻ گهرجي ته (ريسرچ ورڪ) صرف ان کي ڪونه چئبو آهي ته توهان مختلف (درٻاري توريخدانن ۽ ليکڪن) جا ڪتاب پڙهي حوالا ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سمجهو ته توهان ريسرچ ڪري چُڪا، پر (ريسرچ جو اهم فيڪٽر) آهي ته، اُن دئور جي (اندريئن ۽ ٻاهريئن) يعني هر طرف جي لکيارين کي پڙهو، اُن جو (اصلاحي تنقيدي جائزو وٺو) ۽ پوءِ (اجايا مذهبي، خيالي سوچي ڳنڍ) زير بحث آڻي جيڪي حقيقت تي مُبني ڏسجن اُنهن کي وقت ۽ دُنيا جي تواريخي حالتن سان ڀيٽيو ۽ (اصلاحي تنقيدي نگاري) وري سنواريو جو هن دئور ۾ اهو ممڪن آهي.

    ته ان خيال کي ئي مدنظر رکي ، پرکي اسان جيڪو جائزو وٺون پيا اهو آهي ته محض (17 سالن جو) هڪ (شامي عرب) سپه سالار ۽ سنڌ ۾ آيل (محمد بن قاسم) جڏنهن (22 سالن جي عُمر ۾) پُهچي واپس، خليفي (مُحمد سُليمٰن) هٿان (مُلتان) مان گهرائي ماريو وڃي ٿو، ته هُن محض 5 سالن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهي (سنڌي ماڻهن تي) ايڏا (ڪيس ۽ قهر) ڪيئن ڪيا جن جي ڪي ماڻهون دانهون ڪوڪون ڪن ٿا ۽ جڏنهن ته تواريخي اعتبار کان به پوءِ محمد بن قاسم جا (عرب خليفا) به صرف 40 سال (711ع کان 750ع) هتي رهيا، جنهن کان پوءِ عباسي دئور جو شروع ٿي ويو هو ۽ سنڌ تي بُچڙاين جو دئور به چوٿين عباسي موالي خليفي (معتسم با الله) کان شروع ٿي ، سنڌي ماڻهن کي (موالي ڪلچر ۾) جڪڙي، سومرن ۽ ميرن جي دئور کان ٿيندو ايران جي (نادرشاه) تائين پُهچي ٿو، جنهن لاءِ تواريخ گواه آهي ته سنڌي قومي کي (گهوڙن جي سُنڀن سان چيچاڙي) ظلم ڪري ۽ هميشه لاءِ ۽ اڄ جي ڄاول نسل جي رُوحن کي به زخمي ڪري سندن هر پيڙهن تي (گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي) جو ريهون ڪرائي پوءِ هميشه لاءِ ، نادرشاهي ڀوتارن جو (غلام ابن غلام) بڻائي ۽ موالي ڪري، هميشه لاءِ، (سُسست، ڪاهل، ڪم چور، نشائي) ڪيو ويو آهي.

    جيئن ته اسان 7000 ق.م جي (انڊس سولائيزيشن) يعني (واديءَ مهراڻ) جي ڳاله پيا ڪريون، جنهن قوم جي سُڇاڻپ (انڊس رور) يعني (درياءِ سنڌ) جي ٻنهين ڪنارن تي (زراعت يا مُهاڻا) پيشه قوم سان ٿيندو آهي ۽ جنهنجي (ليگسي) کڻي هلندڙ (اڄ جي سنڌ) آهي، جيڪا مڙني 27 مختلف (عجمي قابض حاڪمن) جي ڪري سُڪڙجي سُڪڙجي اڄ صرف ( ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين) رهجي وئي آهي ۽ جنهن کي مستقبل ۾ به شق آهي ٻين (عجمي قابض حڪمرانن) جي سازشن جو وڌيڪ حصو به بڻجڻون پوي ۽ پوءِ شايد اها وڌيڪ محدود ٿي “غير سنڌين“ جي (شهري سنڌ) ۽ “سن آف سوائل“ جي (ٻهراڙِي سنڌ) ۾ پُهچي، جي سنڌ ماڻهون اڇان به ڀوتارن جي غلاميءَ ۾ اڳتي هلي وڻ وڻ ٿيندو ويندو ۽ (مُتحد) نه ٿيو ته جو هن وقت ، انهن ئي ڀواترن جي مهربانيءَ سان، سنڌ پنهنجي (ستاويهين تاريخي سفر ۾ ) آهي ۽ خبر ناهي ته اهي (نادرشاهي ڀوتار ۽ موالي) سنڌ ماڻهن کي ڪڻو ڪڻو ڪري وڙهائي ، سنڌ جي ايندڙ نسل کي اڃان ڪيترا (سنڌ جا تاريخي سفر ڪرائيندا) ته هن وقت جنهن سفر ۾ سنڌ آهي اهو (پنجابي تسلط جو دئور) سڏجي جنهن کي (پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي) جو دئور به چئي سگهجي ٿو.

    ته هن وقت اسان (اُنهيءَ سنڌ) جي ڳاله پيا ڪريون جتان سنڌ جا ماڻهون پنهنجن پُراڻن مذهبن کي ڇڏي، مُحمد عربيءَ (صلي الله عليه وسلم ) جي تبليغ کي قبول ڪندي (باب السلام سنڌ ) ۾ داخل ٿي (توحيدي دين اسلام) قبول ڪيو. هن کي (توحيدي دين اسلام )ان ڪري چئجي ٿو ته ا(سلام جي پنجن رُڪنن) مان پهريون رُڪن (توحيد) يعني (الله جي وحدانيت) ۽ هر قسم جي ٻين معبودن جي هر عبادت ڇڏي ، صرف هڪ الله لاءِ، جنهنجو هڪ قانون (لا الاه ، الي الله ) آهي ته ٻيو (مُحمد رسول الله) يعني (قرآن ۽ حديث) ۽( شرڪ و بدعت) کان پاسيرو اسلام. ته اُن اسلام جي سنڌ تي نُفوذ ٿيڻ کان جيڪو اڳ جو دئور هو، اِهو هو(ڏهون عجمي قابض حاڪم) جو دئور ۽ جنهن دئور کي (برهمڻ ڊائنسٽي) سڏجي ٿو. يا (641ع کان 712ع ) جو دئور سڏجي ٿو. يا جيڪو (ڪنگ ڏاهر) جو دئور مشهور ٿيو هو. تڏنهن (سنڌ ۾) سنڌ جي اڪثريتي آباديءَ جومذهب، (ٻُڌمت مذهب) هو. راجا ڏاهر جو ڄم 661ع ۾، ۽ موت 712ع ۾ ٿيوهو.
    چچ نامي موجب ، راجا ڏاهر (پُش ڪرنا برهمڻ) بادشاهه هو۽ (اروڙ جي حاڪم چچ ) جو ننڍو پُٽ هو. چچ پنهنجي چاچي (چندر) جي وفات کان پوءِ سندس پڳ پائي حاڪم ٿيو هو. ڏاهر جو ٻالڪپڻ به پنهنجي وڏي ڀاءُ (ڏهر سينا) سان اروڙ ۾ گُذريو هو. (ڏهر سينا جي شادي ڀاٽيا جي بادشاهه (سوهڻ) جي ڌيءَ سان ٿي هُئي. ڏهر سينا جي وفات کان پوءِ ڏاهر راجا ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ جي بيوهه سان شادي ڪئي هُئي.
    جيئن ته هندو رسم و رواج موجب بيوهه ستي ٿيندي آهي يا ٻي شادي ڪانه ڪندي آهي يا پنهنجي ڏير سان جنهن کي ڀاءُ طور تسليم ڪيو ويندو هو، راجا ڏاهر جي پنهنجي ڀاڄائيءَ سان شادي پسند ڪانه ڪئي وئي ۽ اختلاف جو باعث رهي ۽ مشهور ڪيو ويو ته ڏاهر ڀيڻ سان شادي ڪئي هُئي۔ اُها سڳي ڀيڻ نه پر بيوهه ڀاڄائي هُئي. ڏهر سينا هڪ سپهه سالار به هو هن جوپنهنجي ڀاءُ ڏاهر سان اختلاف به ٿيندو هو، انهن جون پاڻ ۾ گهڻيو جهڙپون به ٿيون هُيون۔. بلآخر (سينا ڏاهر) جي (سن اسٽروڪ) جي ڪري وفات ٿي وئي۔
    (ديبل شهر) اُن وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. ديبل کان (تڏنهن ٽن ڏينهن جي مُسافت تي) هڪ ٻيواهم شهر به هو (نيرون ڪوٽ) ، جيڪو اڄ جي (حيدرآباد) جي ڏکڻ ۾ (سنڌو درياءَ جي اُلهندي) طرف ٻڌل هو، جنهن جي حاڪم ، راجا ڏاهر جو پُٽ (جي سنگه) هو. هڪ ٻيو اهم شهر به هو، الور (اروڙ) جنهنجو جو حاڪم ، راجا ڏاهر جو پُٽ (گوپي) هو. ۽ هڪ ٽيون اهم شهر (سيوستان) ، اڄ جو (سيوهڻ) به هو، جتي به ، راجا ڏاهر جو ڀائٽيو (راج) حاڪم مقرر ٿيل هو. تڏنهن سنڌو درياءَ جي ڪناري تي (راوڙ) نالي هڪ محفوظ قلعو به هو، جنهنجي نگهباني به (راجا راسيل) جون فوجون ڪنديون هُيون. هڪ ٻيو به اهم شهر هو (باتيا يا بائيا) جنهنجو حاڪم به راجا ڏاهر جو ڀائٽيو (ڪڪسا) حڪمران هو. چچ جي دئور کان ئي (سنڌ) هڪ صوبو هو ۽ ان وقت (مُلتان) تي راجا ڏاهر جو سئوٽ (راجا گرر سنگه) ، مُلتان جو حاڪم هو. (سيسا گر) نالي راجا ڏاهر جو هڪ وزير هو، جنهن وٽ (راوڙ) جي محفوظ قلعي ۾ قزاقن کان خريد ڪيل ۽ ونگار لاءِ ورتل ، 72 يمني واپاري مُسلمان، اُنهن جون عورتون ۽ ٻار قيد هُئا.

    ٻئي طرف طائف (جديد سعودي عرب) جي علائقي ۾ (تقيف قبائل) سان تعلق رکندڙ هڪ عرب نوجوان (مُحمد) جنهنجي والد جو نالو (قاسم بن يوسف) هو جيڪووالد جي وفات کان پوءِ ماءُ جي پرورش هيٺ پليو۔ اُموي خلافت جو گورنر (حجاج بن يوسف) سندس چاچو هو جنهن مُحمد کي جنگي مشقن جي تربيت ڏني ۽ حُڪومت ڪرڻ جون رمزون سيکاريون. ايستائين جو هُو 17 سالن جي عُمر ۾ پُهچي ، هڪ بهترين سپه سالار بڻجي ويو. اُن وقت (اسلامي خلافت ۾) اسلامي خليفو (وليد بن مالڪ) حاڪم وقت هو. مُحمد جو ڄم (31ڊسمبر695ع) ۽ وفات (18 جولاِ 715ع) ٿي هُئي. مُحمد بن قاسم جي شادي (سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کان ڪُجه ڏينهن پهرئين) پنهنجي سئوٽ (زُبيده) سان ٿي هُئي، زبيده (حجاج بن يوسف جي ڌيءَ هُئي. مُحمد جو هڪ ٻيو به چاچو هو، جنهن جو نالو (مُحمد بن يوسف) هو جيڪو يمن جو گورنر هو. جنهنجي سرپرستيءَ ۾ (محمد بن قاسم) کي فارس جو گورنر پڻ ٺاهيو ويو هو. جتي هن گهڻن ئي جنگين ۾ حصو ورتو هو ۽ پاڻ مڃايو هو۽ گهڻين ئي بغاوتن کي به ٻُنجو ڏنو هُئائين.

    سنڌ تي مُحمد بن قاسم 711ع بمطابق 10 رمضان المبارڪ 93 هجري ۾ حملو ڪيو ويو. ان وقت اسلامي خليفو (وليد بن مالڪ) هو. جيئن ته ان زماني ۾ خليج فارس (بحيره عرب) جي رستي پري پري تائين واپار ٿيندو هو۔ جنهن ڪري (يمن جي 72 خانا بدوش مسلمان واپارين) جو هڪ وڏو گُروپ يعني اڄ جي (ميمڻن جون مختلف قومون) ، جڏنهن واپار سانگي (لنڪا) کان هڪ جهاز ڀرائي واپار سانگي( بصره) وڃي رهيو هو ۽ جڏنهن اهو جهاز (ديبل بندر) جي ويجهو پُهتو هو جنهن ۾ (يمني مسلمان واپار جي سامان سان گڏوگڏ سندُن عورتون ۽ ٻار) به سفر ڪري رهيا هئا. ته بدقسمتي سان (بحري قزاقن) ان جهاز تي حملو ڪيو ۽ سمورو قيمتي سامان لُٽي، (واپارين ، عورتن ۽ ٻارن) کي راجا ڏاهر وٽ وڪيو، جنهن کين قلعي ۾ قيد ڪري (ونگار تي) ڪم وٺڻ شروع ڪري ڏنو. پوءِ جڏهن اموي خليفي (وليد بن مالڪ) کي اها خبر پئي ته پاڻ تڏنهن جي سنڌ جي قابض حڪمران (راجا ڏاهر) خط لکيائون ته انهن (قزاقن) کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ۽ ( يمني مُسلمان واپارين، عورتن ۽ ٻارن) کي تُرت آزاد ڪيو وڃي. راجا ڏاهر ان خط جو جواب موڪليو ته بحري قزاقن سان منهنجو ڪو واسطونه آهي، انڪري مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان. ۽ (واپاري، سندن عورتون ۽ ٻار) مُنهنجي قيد ۾ ناهن ۽ پوءِ ان واقعي سان گڏوگڏ ڪجهه ٻيا به اڻوڻدڙ واقعا پيش آيا جنهن کانپوءِ (حجاج بن يوسف) خليفي وليد کان، سنڌ تي حملي ۽ راجا ڏاهر کي سيکت ڏئي مُسلمان واپاري خاندانن کي آزاد ڪرائڻ جي اجازت گهُري ۽ اجازت ملڻ تي ٿوري ئي عرصي ۾ (حجاج بن يوسف) پنهنجي ڀائيٽي (محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾) هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ورتو، اهو اسلامي لشڪر اٽڪل 6 هزار سپاهين تي مشتمل هو۔ جڏهن ته راجا ڏاهر جي فوج اٽڪل 60 هزار جي لڳ ڀڳ هئي جنهن ۾ جنگي هاٿي به شامل هئا.
    اهو حملو مڪران جي رستي تان ٿيو، پهريو نشانو (ديبل) هو۔ ديبل ان وقت سنڌ جي گاڌي جو شهر هو. ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ نيرون ڪوٽ تي چڙهائي ڪئي وئي. نيرون ڪوٽ ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه پنهنجي فوج سان گڏ موجود هو۔محمد بن قاسم جي حملي جو ٻُڌي هو الور (اروڙ) ڀڄي ويو۔ نيرون جي حاڪم اسلامي لشڪر آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪندي شهر کي عربن حوالي ڪيو۔ نهن کانپوءِ اسلامي لشڪر سيوستان(سيوهڻ) ڏانهن وڌيو۔ اتي راجا ڏاهر جو ڀائيٽو راج حاڪم هو۔ معمولي مقابلو ڪرڻ کانپوءِ هو رات جي اونداهي ۾ ٻُڌيا شهر ڀڄي ويو۔ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ عربن ٻُڌيا تي به قبضو ڪري ورتو۔ اهڙي طرح سنڌ جي اولهه پاسي جا سڀ علائقا فتح ڪرڻ کانپوءِ اسلامي لشڪر سنڌو دريا پار ڪري ٻئي طرف جي علائقن کي فتح ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون۔ محمد بن قاسم جي لشڪر سنڌو دريا ٻيڙين وسيلي پار ڪيو۔ هم جي مقام تي راجا موڪا بن سبايا جي مشورن سان راجا ڏاهر جي فوج تي حملو ڪيوويو۔ جنگ دوران راجا ڏاهر هاٿي جي مست ٿي وڃڻ جي ڪري وڏي مشڪل سان ڀڄي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي سگهيو ۽ ان راوڙ جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي۔ راوڙ جي لڙائي جي چوٿين ڏينهن راجا ڏاهر پاڻ هڪ جنگي هاٿي تي سوار ٿي ميدان جنگ ۾ شريڪ ٿيو۔ اها ويڙهه 712ع بمطابق 6 رمضان 93هجري ۾ ٿي هئي۔ اها سخت ويڙهه ڪجهه ڏينهن جاري رهي ۽ آخرڪار سخت معرڪي کانپو پنجين ڏينهن راجا ڏاهر مارجي ويو۔ (ڪجهه روايتن ۾ راجا ڏاهر جي وفات جي تاريخ 20 جون 721ع درج ٿيل آهي۔ راجا ڏاهر کانپو سندس زال راني بائي ۽ ڀيڻ قلعي جي حفاظت ڪئي۔ راوڙ قلعو فتح ٿيڻ تي راني بائي ۽ ٻين راجپوت خاندان جي عورتن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو۔ ان موقعي تي سيساگر نالي راج ڏاهر جي وزير شڪست قبول ڪئي۔ سيساگر اغوا ٿيل ۽ گرفتار عرب عورتون ۽ ٻار جيڪي راجا ڏاهر قيد رکيا هئا، آزاد ڪري محمد بن قاسم جي خدمت ۾ پيش ڪيا۔ راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه جيڪو الور (اروڙ) ۾ هو، اسلامي لشڪر کان خوفزده ٿي برهمڻ آباد ڀڄي ويو۔ اتي جي سنگهه اٽڪل 40 هزار جي لشڪر سان قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو۔
    محمد بن قاسم 6 مهينن تائين قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ آخرڪار اهو قلعو ۽ برهمڻ آباد فتح ٿيو،
    جنهن کانپوءِ محمد بن قاسم الور (اروڙ) جو رخ ڪيو، جتي راجا ڏاهر جو پٽ گوپي حڪمران هو۔ ان کي به آساني سان شڪست ڏني وئي۔ جنهن بعد باتيا يا بانيا تي يلغار ڪئي وئي۔ اتي راجا ڏاهر جو ڀائيٽوڪڪسا حڪمران هو۔ ان به شڪست مڃي ۽ محمد بن قاسم سان ملي ويو۔ ڪڪسا عربن جي تمام گهڻي مدد ڪئي۔ اسلامي لشڪر جي ڪاميابين ۽ مختلف علائقن جي فتح جو اهو سلسلو جاري رهيو ۽ آخر ۾ اسڪلنده (موجوده اُچ) تي قبضي کانپوءِ محمد بن قاسم جو تقريبن سڄي سنڌ تي قبضو ٿي ويوهو۔ جنهن کانپوءِ محمد بن قاسم ملتان ڏانهن لشڪرڪشي ڪئي۔ سنڌ وارا راجا ڏاهر جي ظلمن کان ڇوٽڪاري ۽ سنڌ جي فتح کان ايڏا ته متاثر ٿيا جو محمد بن قاسم کي هڪ عظيم هستي مڃڻ شروع ڪيائون۔ ايتري قدر جو ان جو بت ٺاهي ان جي پوڄا به شروع ڪئي وئي۔اهو بت ڪيمرج جي مقام تي رکيل هو۔ محمد بن قاسم جڏهن ملتان پهتو ته کيس خبر ملي ته حجاج بن يوسف جو انتقال ٿي ويو آهي ۽ کيس واپس بغداد گهرايو ويوآهي۔ ڪجهه روايتن ۾ آهي ته محمد بن قاسم جي وفات بيحد اذيت ناڪ ٿي هئي۔خليفي وليد بن مالڪ جي وفات کانپوءِ نئون خليفو سليمان عبدالملڪ هو، جيڪوفطري طور تي ڪينه پرور انسان هو۔سليمان عبدالمالڪ ذاتي حسد ۽ عناد جي ڪري محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو۔ اتي کيس هر طرح جا ايذا ڏنا ويا ۽ آخر ۾ گڏهه جي کل ۾ وجهي محمد بن قاسم کي نوجواني ۾ ئي مارائي ڇڏيائين۔ ان وقت سندس عمر 22 سال هئي۔
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    3,912
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ته اسان جي ڏاهن تواريخي لکيارين کي کپي ته سنڌ جي تاريخ تي نئين سر سان (نيوٽرل انالائيز) ڪن ، هڪ پاسي تحقيق ڪري تواريخ نه لکن پر هاڻ جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ گوگل ريسرچ (جنهن پوري دُنيا کي) هڪ (گلوبل وليج) بڻائي رکيو آهي، نئين اڀياس ڪن.
    هن ڳالھ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو