سَنديون کامڻ خبرون......

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2017۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    سَنديون کامڻ خبرون......

    غلام رسول چانڊيو



    اھو سچ آھي ته اسان کي منزلن تي رسائڻ وارن مَيَنِ،چَندن بجاءِ لاڻيءَ کائڻ جي جيڪا عادت پاڻ ۾ وڌي آھي، ان عادت اسان جي منزلن جا رستا دُنڌلا ڪري ڇڏيا آھن ۽ اھي مَيا جي منزلن تي رسائيندا آھن انھن جي ڀوتارڪين خواھشن جڏھن کان مٺي زھر وارين وَلِيُن کي چِنو آھي تڏھن سنڌ جي اکين مان ڳوڙھا وھيا آھن. روئڻ سنڌ جو سدائين لاءِ ڪڏھن به مقدر نه رھيو آھي، دانش جي ھن ديس لاءِ عربن جا اھي ڪتاب کولڻا پوندا ۽ پارسين جي تاريخ جا پنا کولي اھو ڏسڻو پوندو، جن ۾ انھن سنڌ کي رڳي دانش جو ديس نه پر تھذيب جي اھا راڻي سڏيو آھي جيڪا ھن ڪائنات ۾ صرف اڪيلي خلقي وئي آھي. پاڻ جي تھذيب جي ڪنھن طويل ڪٿا ۾ نه به کڻي وڃون ۽ رڳي اھو چئون ته ھن ڌرتيءَ جي گولي تي انساني اگھاڙپ کي ڍڪڻ واري سنڌ آھي تڏھن به کوڙ ٿيندو جو اھا ڳالھ رڳي اسان نه پر ھاڻ ھي دنيا به وڏي واڪي چوي ٿي توڙي جو اسان پنھنجي تھذيب جي نشانن کي وقت جي وير سبب بچائي ۽ سنڀالي نه سگھيا آھيون پر پوءِ به سمبارا جي رقص وارو رڌم اڄ به فطرت جي زري زري مان ساک ڏئي رھيو آھي ته سنڌ ئي ھن ڌرتيءَ جي گولي تي سڀن ڌرتين جي سرواڻ ڌرتي رھي آھي.

    پر نه ڄاڻ ڇو اسان جي مينڌرن منزلن تي رَسَڻ لاءِ جن مَيَن جي چونڊ ڪئي سي مَيا چندن بجاءِ انھن مِٺين ولين جا ھيراڪ بڻيا جيڪي زھريليون ھيون ۽ پوءِ جھوريِ ۽ جھاتِ ته اُٺن کي اچڻي ھئي ۽ ھوندي رات ھُتِ مِڙَڻ واري صديون پراڻي سنڌ جي تانگھَ نِڙيءَ ۾ اٽڪيل رھڻي ھئي جا اڄ تائين اٽڪيل آھي. سچ به ته ائين ئي ٿيو آھي سنڌ سان! بلڪه ائين چئجي ته ” مومل کي مجاز جا اکين ۾ جيڪي الماس “ھيا اھي ھاڻ اھي ھاڻ اھڙا ناسور بڻجي پيا آھن جن ۾ رڳي رت نه پر پوُنءِ به ڳڙي رھي آھي.

    سنڌ جي پنڌ وارا پير جن به وڍيا، اھي ڪي ڌاريا نه ھيا، ڌاريا ته ٿين ئي ڌاريا پر پنھنجن جا سنڌ سان ڪئي ۽ ڪندا رھن ٿا ان ۾ ڀلا ٻين جو ڪھڙو قصور!؟ حسين ڌرتين سان وحشتن جون وارتائون تاريخ ۾ ڪڏھن به نئين ڳالھ ناھي رھي، پر تاريخ ۾ اھو به ملي ٿو ته حسين ڌرتين جي وارثن پنھنجي ديس جي حُسن جو واپار ڪرڻ بجاءِ ھميشھ سر اڏين تي رکيا آھن ۽ سنڌ به سر اڏين تي رکيا، ڪُسڻ جو قرار ورتو پر عجب آھي ته اھي قَراريا بنھ ٿورا ھيا ۽ باقي جي ھيا انھن مان ڪن سنڌ جو سستو سئودو ڪيو ته ڪن وري مفت ۾ مھان ڌرتيءَ جي سيني تي گھوڙن جي سُنبن جا آواز ٻُڌي، انھن جي آجيان ڪئي . پري نه به وڃجي، رڳي 24 مئي 1844ع جي حيدرآباد واري انگريز درٻار ڏانھن لَئونڻو ھڻجي، تڏھن به ماتم ڪرڻ لاءِ مَنُ ڇيِھون ڇيھون ٿي پوندو. ڳالھ وسري ناھي، پنھنجي ئي ديس جون جاگيرون وٺي، ڌارين سان وفاداريءَ جا جيڪي وچن ڪيا ويا اُھي اڄ به پاڙيا پيا وڃن. ڌاريا ته ويا پر پوئتي سنڌ جن حوالي ڪري ويا، انھن سان 24 مئي تي جنم وٺندڙ ڀوتارڪي راڄ اڄ به وفائون ڪري رھيو آھي ۽ ھاڻ ته ھر ڪنھن اھا ئي وائي وات آھي سنڌ جو ڌاريا ايڏو ئي وڏو مسئلو آھن جيترو ڀوتارڪي سنڌ کي سور ڏنا آھن ۽ انھن پنھنجن سنڌ جي نا فرمان اولاد ڀوتارن پنھنجي ڀوتارڪي برقرار رکڻ لاءِ ھر بندوق باز اڳيان سنڌ کي ائين اڇليو آھي جيئن شڪار کان پوءِ زخمي ھرڻن کي ڊبل ڪيبن ۾ اڇليو ويندو آھي.

    ائين ئي ته ٿي رھيو آھي! عجيب ماجرا نه آھي ته اسان جي ڳڻپ سان گڏ انھن جي به ڳڻپ ٿيندي جيڪي سنڌي نه ٿا ڳالھائين، جن جي مٿي تي سنڌي پَٽڪو ۽ ٽوپي نه آھي جيڪي ”مور ٿو ٽِلي راڻا“ نه ٿا ڳالھائي سگھن ۽ پوءِ خدا نه ڪري جو اھي ڌاريا اِھو چون ته اسان اوھان کان گھڻا آھيون تنھنڪري اوھان پنھنجي ڌرتيءَ جي دعويٰ ڪرڻ بجاءِ اسان جي احڪامن تي ھلو......ڀلا اھو به ڪو ڌارين ته نه ڪيو ھيو! 1973ع جو اھو دستاويز سڀن کي ياد آھي جنھن جي قلم سان اسان ڪٺا وياسون ۽ ان دستاويز جي خالق جو سمورو خاندان ختم ڪري ڄڻ ته ھن ڌرتيءَ کي ٻڌايو ويو ته ”ھاڻ اسان جو ڪم ٿي ويو تنھنڪري اوھان جي ڌرتيءَ جي ڪنھن به اڳواڻ جي ضرورت نه آھي“ ۽ پوءِ اسان پنھنجن جا لاش کنيا، رُناسين، ماتم ڪيوسين ۽ اسان جي ماتم تي وري ڀوتارن اچي اسان جا تڏا کڻايا... پنھنجي وڍئي جي ويڄ نه طبيب! اسان پنھنجن ھٿن سان سڀ ڪجھ لکي ڄڻ ته ھر ڪنھن کي دعوت ڏئي ڇڏي ته اچو اچي اسان جي وجود جا زرا زرا ڪريو ۽ ٿيو به ائين جن کي 1947ع ۾ بنا ڪنھن معاھدي ۽ دستاويز جي ديڳيون پچائي کارا يونسين ،کين پنھنجا گھر ڏناسون، انھن ئي چيو ته سنڌ کي اڌو اڌ ڪرڻو آھي ته اھڙي حالت ۾ 1973ع جو دستاويز ته ڄڻ ھڪ اھڙي اجازت ھئي جنھن اجازت جا وارَ اڄ تائين اسان جي وجود تي ٿيندا رھن ٿا، ھنن ته 1940ع وارا پنھنجا لکيل پنا ئي ڳاڙھي ڪپڙي ۾ ويڙھي ھميشھ لاءِ رکي ڇڏيا ۽ جڏھن اسان 1973ع جي ٺاھيل دستاويز ۾ 18 ترميم ڪئي ته ان تي به عمل نه ٿيو باقي ان ساڳئي ئي دستاويز تحت اسان مٿان يلغارون ڪري ھاڻ اچي ان ھنڌ بيھاريو ويو آھي جو اسان پنھنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائي ۾ تبديل ٿي وڃڻ واري خوف ۾ ڪَنبي رھيا آھيون، ڀوتارڪيون اُڙيون ٿُڙيون بڀڪيون به رڳي ڀتي واري حصي پتي کان اڳتي ڪجھ نه آھن ،باقي جي اسان سمجھي ويٺا آھيون ته 24 مئي جي درٻارين جو اولاد اسان جي وجود جي وارثي ڪندو ته پوءِ اسان جي اھا اياڻپ ھوندي جا اياڻپ اسان صدين کان ڪندا آيا آھيون، جيڪي ڀوتار اسان جي ڳوٺ جي اسڪول کي نه ٿا بخشين ۽ جيڪي اسان جي اَھنجن جا واپاري آھن، اُھي اسان جي وجود جو اونو ڪن سا ڳالھ دل سان ئي نه ٿي لڳي!!

    سو اڄ جو اسان آھيون ۽ پنھنجي اَڀري سَڀري وجود سان رِڙھي ۽ رَڙي رھيا آھيون ته ان جو سبب اھي ڀوتار ناھن جن اسان جي ڳوٺن جي گھٽين جي گٽرن کي بيمارين لاءِ کليل ڇڏيو آھي ۽ اسان پنج ڦُٽا گوڏي جيڏي ڊُسڙِ اڏائي رھيا آھن ۽ ٻيو ڇا ڇا آھي ۽ ناھي سو سڀ اکئين ويٺا ڏسون ۽ جمھوريت جو عظيم ڦَلُ سنڌ ڏھاڪن کان اذيتن جي شڪل ۾ کائي رھي آھي.

    پر پوءِ به اسان آھيون ۽ اسان جي ھجڻ جو دليل نه ته ڪو قانوني ۽ آئيني دستاويز آھي ۽ نه ئي عظيم ڀوتارڪي جمھوريت، جنھن اسان جو ماس پٽيو آھي، جنھن اسان جي ڏيِل کي ڏکويو آھي ۽ جنھن جمھوريت اسان جي ھر تدبير اڳيان بند ٻڌا آھن. اسان جي ھجڻ جا دليل ته فطرت جا اھي رنگ آھن جيڪي ڪنھن دستاويز کان اُتم آھن ۽ اھي رنگ سنڌ وٽ سانڍيل آھن ۽ فطرت طرفان سنڌ کي امانت طور ڏنل آھن، جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته فطرت سنڌ کي لطيف نه ڏئي ھا جنھن ڪائنات جي سموري حُسن جي تاريخ لکي آھي ۽ اھو لطيف ئي آھي جنھن جي فڪر ھزار ڪوششون ٿيڻ باوجود سنڌ کي فنا ٿيڻ نه ڏنو آھي.

    ۽ لطيف سائين سنڌ ۾ جي رامڪلي ۽ کاھوڙي جھڙا ڪردار پيدا ڪيا جن کي اسان اڪيلائين جي اوڙاھ ۾ اڇليو ۽ انھن جي سڏن کي نه ٻڌوسين پر پوءِ به ھو سڏيندا رھيا ۽ انھن سڏن جوسلسلو جاري آھي جنھنڪري اسان آھيون ۽ پڪ سان اسان ھونداسين جو جن ڌرتين کي لطيف ملندا آھن انھن جي حفاظت فطرت ڪندي آھي ۽ جي سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ تي نظر وجھون ته سنڌ لُڏندي لَمندي پنھنجو وجود قائم رکيو پئي اچي، پر پوءِ ھن ديس جي ڌڻين کي اڃان ڪيئي جوڳ پچائڻا آھن ۽ سَنديون کامڻ خبرون ٻڌي، سُڻي ۽ ھِئين سان ھنڍائي کاھوڙي ۽ رامڪلي جو اھو آخري پنڌ پڄائڻو آھي جنھن پنڌ کان پوءِ سنڌ اُھا ساڳي نه رھندي جا اڄ پَسجي رھي آھي ۽ اھو سڀ ڪجھ اَوس ٿيڻو آھي جو فطرت جو موت ڪنھن جي وس جي ڳالھ نه آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو