حيرت آهي اي(باب الاسلام سنڌ)۽(تُوحيدي دين اسلام)ڦهلائڻ واري(سنڌي قوم)توتي، جڏنهن تون (قرآن۽حديث) تي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    حيرت آهي اي (باب الاسلام سنڌ) ۽ (تُوحيدي دين اسلام) ڦهلائڻ واري (سنڌي قوم) توتي، جڏنهن تون (قرآن) جي کُليل آيتن ۽ (حديثن) تي من گهڙت عجمي (روايتن) ۽ (اينگهايل ڳالهين) کي ترجيح ڏين ٿو، جڏنهن ته گُذريل نبين (عليه سلام) جي بگڙيل اُمتن تي الله جي ڏمر جا سبب به تو مٿان واضح آهن. ڇا ٿيو آهي تُنهنجي (مڪي ۽ مديني) جي مرڪزن مان حاصل ڪيل، عقيدي (توحيد کي) جنهن توکي 750ع کان پوءِ (نادرشاهي ۽ موالي ڪلچر) ۾ رنگي ڇڏيو آهي؟

    اسلام جو پهريون رُڪن ۽ عقيدو (توحيد) صرف هڪ الله جي عبادت جو اقرار.
    تحرير و تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    هر مذهب لاءِ وڌيڪ علم وارو هُجڻ (عالم) کان پهرين (عقيدو) ئي پهريون جُز (رُڪن) سمجهبو آهي جيڪو (حضرت بشر) جي مذهبي رُجهان جي پرک ۽ بابت آگاهي ڏي ٿو، ۽ انهيءَ فلسفي کي اڳيان کڻي هلندي (اسلام ) به ڪنهن جي (مسلم ٿيڻ) کان پهرين (عقيدي) کي پنهنجو پهريون رُڪن بڻايو آهي ۽ اسان لاءِِ (مسلم ٿيڻ کان پهرين) هڪ قانونِ مذهب (ڪلمون) مقرر ڪري ڇڏيو، يعني (لا الاه ، الي الله) جنهن ۾ (عقيدي جي تصور ۽ اهميت) کي سمجهايو ويو آهي. ته اسلام جو جيڪو (پهريون عقيدو آهي) سو آهي (توحيد) يعني هر قسم جي عبادت صرف (هڪ الله لاءِ) ، نه ڪنهن (نبيءَ لاءِ، نه ڪنهن اصحابيءَ لاءِ، نه ڪنهن ولي الله لاءِ، نه ڪنهن درويش لاءِ، نه ڪنهن پير و مرشد يا مير لاءِ) اهوئي فلسفو ۽ تبليغ هڪ لک 24 هزار نبين جي به رهي آهي.
    ته (مسلم بڻجڻ لاءِ) لازمي رهيو آهي ته ، هو (مُرتد)، اهي سڀ (گهڻ معبودي رشتا) وساري، سڀ کان پهرين توهان اُنهن مڙني الاهن (معبودن) جا انڪاري بڻجي، پوءِ زبان ۽ ذهن سان (لا الاه) چئي انهن رشتن جو انڪار ڪن ، جن کي هو (الله) کي مڃڻ کان پهرين يا پوءِ ، پنهنجو (معبود) بڻائي ويٺا هُئا يا آهن. ۽ الله کي مڃڻ کان پهرين يا پوءِ هڪ مُسلم لاءِ لازمي ڇوڻون آهي ته (ناهن ڪي ٻيا معبود) “لا الاه “۽ پوءِ لبيڪ ڪن ۽ مڃن “الي الله“ (مگر هڪ الله). ۽ پوءِ اڳيان علم ۽ تعليم ۽ تعليمي طريقيڪار لاءِ، نبوت جو اقراري ٿي چون (مُحمد رسولُ الله) ۽ مُحمد عربيءَ (صلي الله عليه وسلم) جو پيغام (حديثون) پڙهن، سمجهن ۽ عملي ڪري ادا ڪن (سُنتون)

    ته ان منشور کي سمجهندي، اسانجي به ڪوشش هوندي آهي ته دُنيا جي بهترين لکتن ۽ تواريخن کي سنڌيڪاري ڪري، پنهنجين حالتن سان ڀيٽ ڪري (ريفريش ڪري) پيش ڪجي، (ڇو جو اسانجي (درٻاري ليکڪن) ته هر شيءِ (وقت جي عجمي شاه کي) اڳيان (مٿو ٽيڪي) کين خوش ڪرڻ، لاءِ سندن منشا موجب (من گهڙت) رواتون پيش ڪري خاص طور (باب السلام سنڌ) جي سنڌين کي موُنجهاري ڇڏيو آهي، جنهن سان (توحيدي دين اسلام) قبول ڪندڙ (باب الاسلام سنڌي قوم مونجهاري ۾ لڳاتار گهسجندي (نادر شاهي ۽ موالي ڪلچر) اپنائڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ۽ (غلام ابن غلام ) بڻجي چُڪي اهي.
    ته ڇا صحيح ڇا غلط ته سنڌي ماڻهون به فائدو وٺي سگهن ۽ پنهنجي زبان ۾ سمجهي سگهن ۽ غور و فڪر ڪرڻ جو رُجهان پئدا ٿئي ته اسان سنڌ ۾ وڌل ڏڦير فلٽر ڪري واپس باب الاسلام واري سنڌ ڏي موٽون ۽ نبي سائين (صلي الله عليه وسلم)، اُن جي چئن خليفن رضوان الله عليها ، تابعين ۽ تبع تابعين (رحمت الله عليها) جي سيکاريل دين تي واپس اچون جنهنجو تعليمي مرڪز واحد ۽ صرف مڪو ۽ مدينو هو ۽ پوءِ سنڌ. اڄ به مڪي ۽ مديني ۽ ان علائقن ۾ رهندڙ ۽ عربي سڏجندڙ سنڌي ئي آهن جيڪي توحيدي دين اسلام کي لبيڪ چئي مڪي مديني ۾ نبي سائين جن وٽ ويا ۽ فيضياب ٿيا ۽ اُتي جارهائشي ۽ بيت المال جا محافظ به بڻيا ۽ پوءِ نبيءَ جي حڪم ۽ دين جي ڦهلاءَ لاءِ ولي بُرگ بڻجي نبي سائين جن جي حڪم سان سنڌ ۾ آيا ۽ هتان پوري دُنيا فيضاب ٿي ۽ (باب الاسلام سنڌ) مان فيضياب ٿا ۽ پوءِ بدقسمتي ته (شرڪ ڪندڙن ۽ بدعتين) سنڌ طرف لاڙو ڪيو ۽ ، (عباسي دئور ۾) سنڌ ۾ نبي سائين جن جو ت(وحيدي دين اسلام ڦهلائڻ) ۾ رڪاوٽون وڌيون ، ڪوششن ۾ گڙٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، سنڌ جي ماڻهن ۾ نشو ورهايو ويو ۽ سوچڻ سمجهڻ جو شعور کسيو ويو، اُهي جيڪي علم پرائي ولي ۽ علام ۽ بُزرگ بڻجن ها، ميرن جي دئور ۾ موالي ڪلچر رائج ٿيو ۽ آخر ۾ نادرشاه جي ڪاه کان پوءِ سنڌي ماڻهن مٿا ظلم ڪري ،گهُوڙن سان چچڙي کين (پيري مُريدي ۽ موالي ڪلچر جو بُنياد وجهي) راغب ڪري غلام بڻايو ويو ۽ اهو ظلم اڄ به قائم آهي ۽ سنڌين کي توحيدي دين اسلام طرف موٽڻ نٿو ڏي ۽ اڄ به پيڙهن ۾ سنڌي قوم جي رت ۾ ظلم ڪري رچايل (گهوڙا ڙي ! گهوڙا ڙي) ٻُڌڻ ۾ ٿي اچي. (نادر شاه جا گهوڙا ڏسي سنڌي ڊپ ۾ گهُڙا ڙي گهوڙا ڙي ڪري جان بچائيندا هُئا)

    سنڌي جوان ته شايد اڃان (نادرشاهي ۽ موالي ڪلچر) تحت جذباتي ۽ سُتيءَ ۾ نشو پياريل آهن ۽ آسانيءَ سان هي مئسيج ڪونه سمجهي سگهندا (صُمٌّۢ بُكْمٌ عُمْىٌ فَهُمْ لَا يَرْجِعُونَ (البقرة - 18) ۽ نئي تماشا ڇڏي، صحيح اسلام سمجهي الله جي بارگاه (مسجد) ۾ موٽندا ، سمجهن ٿا ته (منزل اڃان پري). ڀلا جيڪا قوم 7000 ق. م کان عجمي قابض ڀوتارن جي غلامي ڪندي (غلام ابن غلام) بڻجندي پئي اچي سا ايترو جلدي ڀٽڪيل راهون ڇڏي سگهندي؟
    پر گهٽ ۾ گهٽ (موت جي ڪنڌيءَ) تي بيٺل باقي بچيل سنڌي (پوڙها پڪا) ته پنهنجي آخرت بچائين، جو هاڻ گهڻو ٿيو کين جهالت ۾ رهندي شرڪ و بدعت ڪندي، (عياشيون ۽ بُرايون) ڪمائيندي، باقي وقت ناهي بچيو يار ، موٽو رب طرف ، جو ڪهڙي مُنهن سان الله جي سامهون وينداسون هاڻ لمحن کان پوءِ، جڏنهن ته هن وقت زماني ۾ به لمحن ۾ (اُڙن ڇُو جي فضا ) قائم ٿيل آهي. شايد ايتري عمر به ان لاءِ مليل آهي ته متان ڀٽڪيل بندو آخري وقت ۾ سمجهي موٽي ماڳ اچي. ڏسو ته ڪيڏو رحمان آهي مُنهنجو الله. ته ڇڏيو (شرڪ ۽ بدعتون) يار.

    دوستئو (قُرآن شريف) ۾ نبين جا قصا پڙهو (هاڻ ته ترجمه به آهن ) فهم القران ۽ نبيءَ جون محفوض ڪرايل ۽ (صحيٰ ستيٰ) جي صورت ۾ ڪمپائل ڪري جمع ڪيل مُتفق عليه (حديثون) به سمجهو ۽ خدارا عبرت پرايو ، ته قرآن ۾ ، نبين (عليه سلام) جي اُمتن تي ، الله جو عذاب ڇو آيو (شرڪ ڪري نه) ۽ هُنن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪوڌا ڪم ڪيل (بدعتون نه) هُئا ، ڪن جي بخشش ٿي ۽ موٽ ٿي ، دُعاءِ اسغفار ڪيئن قبول ٿي، ڪهڙين دُعائون پڙهڻ لاءِ سيکاريون ويون آدم عليه سلام کي ، ته انهن نبين جا اُمتي ڪيئن شرڪ ۽ بدعت) ڇڏي ، معافي گهرڻ کان پوءِ ڪيئن پرمُفيد ٿيا يا عذاب ۾ ڌسجي ويا.
    حيرت آهي ته روز قرآن پڙهڻ وارا، پوءِ به انهن بُڇڙاين کي ڪرڻ کان نه پيا بچن ۽ اسان ڇو پيا اهي بُرايون ادُهرائي الله جي عذاب کي دعوت ڏيندا وتون. نبين کي ته ڇيو ۽ سيکاريو ويو ته اُمت کي سمجهائين ۽ سيکارين ، ته (جهُڪڻ ، گُهرڻ) صرف ۽ صرف الله جلشانهو کان ئي آهي ۽ عبادت به اُها صرف، جيڪا هڪ الله جي هر نبيءَ ۽ رسولن کي جبرئيل عليه السلام وسيلي (وحي) ڪري عبادت لاءِ سيکاري وئي ته اُمت کي به سمجهائي سيکاري وڃي.

    ته موٽو صرف اُن هڪ الله طرف، چئي لا اِلاه، الي الله (ناهن ڪي ٻيا معبود، پر هڪ الله) ۽ (شرڪ ۽ بدعت) ڇڏي. ته صرف هڪ الله اڳيان( جهُڪو، ان کان گهرو) ۽ پوين نبين جي اُمتن جيان صقت جي (نبين، درويشن، ولين) جا بُت ٺاهي بت پرستي ، درگاه پرستي، قبر پرستي) نه ڪريو ۽ الله جي ڏمر کي عوتون نه ڏيو. ڇو جو الله جو ڏمر آيو ته (سوڪا ۽ آلا) سڀ سڙي کپي ويندا. ته پنهنجي (هٿن جا معبود) ٺاهي پوڄڻ شروع ڪيو ۽ ۽ اُنهن جي پيروي ڪندي (قبر پرستيءَ، خانگاه پرستي، مقبرا پرستي) کان بچو ۽ (شرڪ ۽ بدعت ) ڪرڻ کان بچو. ڏسو ته انهن ببين جي ڏمريل قومن ۾ جيڪي بُرايون هُيون اهي سڀ توهان ۾ 72 فرقا ڪري شامل ڪيرايون ويون آهن ۽ ته هوش ۾ اچو.
    نبي سائين جن جو (توحيد دين اسلام ) سندن ئي هٿان مُڪمل ڪيل آهي ۽ حديثن ۾ عبادت جو طريقو به محفوظ ڪيل ته قرآن پاڪ ۾ به، نبين جي بگڙيل قومن جا ڏوه به واضح ٿيل اهن ۽ انهن تي عذابن جو تذڪرو پوءِ (بدعت) ڪري َاضافي ڳالهيون ڇو ٿا مڃو ۽ ڪريو، جن کان جهليو ويو ۽ نبين ۽ اصحابن به ڪونه دُهرايون.
    ياد رهي، معمولي سمجهاڻي عذاب کان سواءِ اسان تي ، انهن قومن وانگر هڪدم وڏو عذاب ان ڪري نٿو اچي جو نبي سائين جن جو الله کان وعدو ورتل آهي ته سندس صلي الله عليه وسلم جي اُمت تي دُنيا ۾ انهن نبين جيان عذاب نازل نه ڪري پوءَ ڀلي آخرت ۾ کائن (ٽڪي پيسي جو حساب ڪتاب وٺي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو