صوفي عشق جو همه اوستي آواز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    صوفي احمد خان ٽڳڙ : صوفي عشق جو همه اوستي آواز

    (سردار اياز ميمڻ)

    هيءَ جا انساني زندگي آ، تنهن لاءِ اهو گمان ڪيو وڃي ٿو ته هاڻ ان کي ”لهر آ نه لوڏو“ سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته هڪ ته علم حياتيات، انساني بدن جي اندروني ساخت کي ايترو Research Work (تحقيقي ڪم) ڪيو آهي جو اڳتي هلي، ان مان بيمارين، گهٽ عمرين وارا عنصر گهٽائي ڇڏيندي. ٻيو ته انسان هاڻ خلائن ۾ مختلف سيارن (Planets) تي پنهنجي حيات کي بقا لاءِ اتي ان کي ورسائڻ جي جتن ۽ جُهد ۾ لڳو پيو آهي.
    سڀ کان وڌيڪ ۽ وڏي آٿت، انسان کي پنهنجي پالهاڻ ۽ وجودي خالق وٽان اها ملي آهي ته: ”آئون رب اڃا اوهان مان نا اميد نه ٿيو آهيان“ سو حقيقت ۽ انومان سان گڏ اها ٽيڪ ملي ته جيستائين، ڌرتيءَ جو محور سج ٺرندو ڪو نه — تيستائين حياتِ باقي رهندي ۽ سج جي سرد واري عمل ۾ اڃا ڪي ارب سال لڳندا.
    سو زندگي لکين سالن کان وٺي، پنهنجي عروجي عمل ڏانهن روان دوان آهي. انسان! ته بس ان زندگي کي رُڳي ڪا معنيٰ ۽ مقصد ڏيڻ جا ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪري ٿو پيو — باقي، ظاهر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هر شئيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽي رهي آهي، ۾ به هڪ منجهل سٽ پيو ڪٽجي ۽ صوفي ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش پيا ڪن.!
    نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها.
    (شاه)
    اهڙي سموري روحاني رمز کي سمجهڻ ۽ پرورڻ جي پُرجهه واري عمل کي جاري رکڻ واري سلسلي جي تسلسل ۾ اسان جي هن يار صوفي احمد خان ٽڳڙ 25 فيبروري 1965ع تي، هن ڪارِ زار ۾ آمد جي صدا هنئي.
    ڪوڙين ڪڻس ڳرکيو، لکن لک هزار،
    جيءُ سڀڪهن جيءُ سان، درسن دارو دار
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙي چئي ڪيئن چوان.
    (شاهه)
    هيءُ منهنجو دل گهريو دوست احمد خان ٽڳڙ، پنهنجي مائٽاڻي وراثت ۾ تصوفي عشق جي ستيءَ جو پياڪ آهي. پاڻ پنهنجي پيءُ سان گڏ، ننڍي لاڪون، اهي عاشقي جا پنڌ جهاڳيا آهن، ڇو ته سندن والد به انهيءَ پيچري جو مسافر رهيو آهي.
    ڪنهن فقير چواڻي ته: ”عشق غلام، حسن بادشاهه آهي“ سو هي فقيراڻو گهراڻو، اصل حق جي تلاش ۾، وحدانيت جي واٽ وٺي، پنهنجي پير مغان جي رهبريءَ ۾، هميشه عشق جي غلامي ڪندو رهيو آهي.
    احمد خان ٽڳڙ، پنهنجي پيءُ سان گڏ سيد محمد شاهه (ٽنڊو محمد خان وارو) کان وٺي سيد محمد شاهه جيلاني (مڪان شريف واري) تائين جو راه حق وارو عاشقي جو پنڌ، ڪنهن ازلي آواز جي سڏ تي ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هو اڄ به انهيءَ پنڌ جو پانڌيئڙو بڻيل آهي. هو اڄ به انهيءَ راه جو مسافر آهي، جنهن راه تي سوين سال اڳ قلندر، سچل ۽ ڀٽائي پنڌ پيا هئا. هو اڄ به انهن مئخانن تي منڌ پيئڻ ويندو آهي، جنهن جا ڪلال ڳاڙهين قبرن ۾ ستا پيا آهن. هو عمر خيام وانگر سمجهي ٿو ته:
    مئخاني م مست پيو هو زاهد هڪڙو،
    تسبيح ڳچيءَ ۾،
    هٿ ۾ مئه جو شيشو.
    چيو مانس ته! ”آئين تون هت ڪيئن؟“
    چيائين: ”مئخاني منجهان به حق ڏي آهي رستو“
    سو هي عشق جو مئخار اڄ به محمد فقير کٽياڻ تي مئه پيڻ ويندو آهي.
    منهنجي هن محبوب دوست جي زندگي هڪ کليل ڪتاب وانگر رهي آهي. ڪتابي ڊگريون ته صرف پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ورتائين. باقي اهو سمجهي ٿو ته انسان هن زندگي جو قالب ڪهڙي مقصد لاءِ اوڍي آيو آهي؟. هو ڄاڻي ٿو ته: ” الله انسان کي هيءُ جيئدان، معرفت الاهيءَ جي ڄاڻ لاءِ ڏنو آهي.“ انهيءَ ڪري ئي هو پنهنجو گهڻو وقت، خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ واري عمل ۾ گذاري ٿو. مڪي مديني جا ڊگها سفر به انهيءَ جو تسلسل آهن.
    هاءِ اسڪول واري زماني ۾ انگريزي جي ڪتاب ۾ هڪ نظم هوندو هو ته: ”هڪ ڏينهن هڪ شخص پهاڙ جي چوٽي تي بيهي خدا کي سڏ ڪيو ته: اي خدا تون ڪٿي آهين!؟. شخص سڏيندو رهوي. پر ڪٿان به ڪو آواز نه آيو. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ غيبي آواز شخص جي ڪنن تي پيو: اي شخص تون مونکي آسمان تي پيو ڳولين آئون ته هيٺ ماڻهن ۾ رهان ٿو.“=
    سو اسان جي هن يارِ غار هميشه ماڻهن ۾ رهي آوازِ حق کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صوفي احمد خان ٽڳڙ، پنهنجي عام طبيت ۾ سادو، يار ويس ۽ ملنسار رهيو آهي. ڪڏهن به ڪنهن کي ڏکوئڻ جو تصور هن جي Blood ۾ ئي ڪونهي. سندس عادتون ۽ فهم فراست هن کي يگانو بڻايو بيٺيون آهن. ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي اصل بي چين ٿي ويندو آهي، پوءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر، جيڪي ڪجهه ڪري سگهڻ جي سگهه رکندو آهي، اهو ڪري ڇڏيندو آهي. سمجهندو آهي ته ماڻهون وڏي وٿ آهي. انسانيت کي اوليت ڏيندڙ، هن بي باڪ شخص جو اهو رويو اسان کي اتساهيندو رهيو آهي.
    گوتم جي گيان ۾ نياز، نوڙت، نمرتا ۽ نهٺائي هڪ اهم جاءِ والارين ٿا. هي فقير منش صوفي احمد خان ٽڳڙ، پنهنجي سموري روحاني جوڙ جڪ ۾ مٿين مڙني Values جو مجموعو آهي. ڪير ڄاڻي ته اڃا ڪيترا پل، ماڻهونءَ جي، هيءَ حياتي باقي آهي؟ پر انسان جي سڃاڻپ سندس مثبت ڪردار آهي. انڪري ڳڻائتن ۽ سٰخنور سڄڻ جي Blood gene سندو صحبتي سڄڻ به انهي سرت م رهندو آهي ته اهو ڪي ڪجهه ڪري وڃجي، جو پويان، چڱن لفظن ۾ ياد ڪن.
    صبر ۽ معاف ڪري ڇڏڻ، انسان جي وڏي روحاني سگهه آهي . رواداري، عدم تشدد ۽ درگذر، توڙي جو وقتي طور، ماڻهون کي مصيبت ۾ به وجهن ٿا پر ان جي End result (آخري نتيجو) ڪڍبو، ته اهڙا عنصر ماڻهپي جي جياپي کي هٿي ڏين ٿا. اسان جي هن پياري دوست جي هر وقت ها ڪوشش رهي آهي ته، ماڻهن ۾ سهپ جو مادو پيدا ڪجي، ڇو ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان انساني ضمير جي Energy (توانائي) منفي انداز ۾ سڙي ٿي. ۽ نتيجو اسان سڀني جي آڏو آهي ته قتل و غارت ۽ خاندانن جا خاندان تباه و برباد:
    صوفي احمد ٽڳڙ پنهنجي سموري نظرياتي بيهڪ ۽ مڪتب فڪر (School of thought) ۾ هڪ اهڙو صوفي آهي جنهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته
    ڏني ڏکوئيا، اڻ ڏني راضي ٿيا،
    صوفي تي ٿئا، جن ڪين کنيائون پاڻ سين.
    (شاهه)
    اڄ 25 فيبروري 20166 تي، ڏينهن خميس جو سڀئي سڄڻ ساٿي، جيڪي نه صرف هن جا گهڻ گهرا (Weil Wishers) آهن، پر سندس اختيار ڪيل، پنڌ پيچري تي، عشق سهاري، حقيقي منزل تائين پڄڻ جا متمني پڻ آهن، سي ڌڻيءَ در دعاڳي آهن ته رب سائين شل کين : ”وسا قهٰم ربهم شراباً طهورا“ ” ۽ سندن رب کين پاڪ پاڻي پياريندو“.
    اميد اٿم ته صوفي احمد خان ٽڳڙ پنهنجي52 ايڪونجاهي سالگرهه جي موقعي تي زندگيءَ جي پيمان مان پر ڪيف پيالو پي، اڃا عشق جي اڳري پنڌ تي پنهنجا پير پساريندو.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو