رسم الخط/ لپي (Script)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    رسم الخط/ لپي

    (Script)


    رسم الخط کي”لپي“ بہ چيو ويندو آھي. رسم الخط مان مطلب هوندو آهي ته ”لکت جو رواج.“ ھر سڌريل ٻوليءَ کي ھڪ مخصوص، مناسب ۽ ٺھڪندڙ رسم الخط (Script) ضرور ھوندو آھي. جن ٻولين وٽ رسم الخط جي نعمت نہ آھي، اھي لکيل ادب کان خالي زبانون سڏبيون آھن ۽ انھن جي حيثيت صرف ڳالهائڻ واري زبان (Spoken language) تائين محدود ھوندي آھي. مطلب تہ ھر مھذب ۽ سڌريل ٻوليءَ کي مستقل تحرير ھيٺ آڻڻ لاءِ ھڪ رسم الخط ھئڻ ضروري آھي. 1853ع ۾ جيستائين سنڌي لاءِ موجوده معياري رسم الخط (عربي-سنڌي رسم الخط) منظور نه ٿي ھئي تيستائين سنڌي زبان ڪيترن ئي مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي ھئي. مثال طور: گرمکي، ديوناگري، عربي، خداوادي، لھاڻڪي، ميمڻڪي، خوجڪي، ٺٽائي، گجراتي، شڪارپوري، ساکرو، ونگائي، سيوهاڻي، ڀاٽيائي. اھڙي طرح ويهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾ حليم بروھي (1935-2010ع)، سراج (11933-2013ع) ۽ ٻين سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ جي تجويز به ڏني، جيڪا اُلٿي (ٽرانسليٽريشن) جي حد تائين استعمال ٿئي ٿي.
     
    عبد المجيد سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رسم الخط (Script)

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    ھر زبان لاءِ ھڪ مخصوص ۽ مناسب، ٺھڪندڙ ۽ تز رسم الخط (Script) ضروري آھي. جن زبانن ۾ اِھا اھليت ئي نه پيدا ٿي، سي پوئتي رھجي ويون ۽ علمي ادبي سطح تي ته خير، پر ڪنهن منظم حالت ۾ به نه رھيون. ڪي جھنگلي ٻوليون ئي اِنهيءَ ھيٺين پد تي رھيون. ريڊ انڊينز جون ڪي ٻوليون انهيءَ دفعي ۾ اچن ٿيون. ان جو ھڪڙو سبب ڳالھائيندڙن جي بتدريج ڪمي به آھي، جڏھن ڪنهن گروھ جي آدمشماري گھٽجي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري وڃي بچي ٿي ته اھا ٻولي ختم ٿي وڃي ٿي. ان جو مثال ڏيندي، مسٽر ھاڪيٽ لکي ٿو ته: ”نيو گني جي ھر ڳوٺ ۾ ان ڳوٺ جا پنج ڇھ سؤ ماڻھو بچيا آھن. ايئن آمريڪن انڊينز جي ھڪ ٻولي چِٽي ماچا (Chiti Macha) جا ١٩٣٠ع ۾ فقط ٻه ڳالھائيندڙ ھئا(١).“ اِن مان اشارو ملي ٿو ته رسم الخط ۽ تحريري صورت نه ھجڻ سان گڏ ڪي ٻيا به اسباب آھن، جن جي ڪري ٻوليون ختم ٿي وڃن ٿيون.

    اڪثر شاگردن ۽ عام ماڻھن کي رسم الخط، صورتخطي ۽ الف- ب ۾ فرق ڪرڻ مشڪل لڳي ٿو. ان لاءِ اول اھڙي چٽائي ڪجي ۽ مونجھاري کان بچجي.

    ١- رسم الخط (Script) کي ھنديءَ ۾ لپي به چئجي ٿو. ڇا ڪنهن ٻوليءَ کي مستقل طور تحرير ھيٺ آڻڻ لاءِ ھڪ رسم الخط يا لپيءَ کي اختيار ڪجي؟ جواب يقينا ھاڪاري آھي. سنڌيءَ جي معاملي ۾ عربي يا ديوناگريءَ جي ڳالھ نڪتي ۽ تعليم کاتي جي وزارت ١٩٥١ع ۾ ھڪ ڪميٽيءَ ۾ بحث ٿيو. سنڌ جي مزاح نگار حليم بروھيءَ ويھين صديءَ جي آخر ۾ رومن خط (Roman Script) جي تجويز به ڏني.

    ٢- صورتخطي اھا آھي، جنهن ۾ لفظن کي ھڪ مقرر اِملا (Spelling) ۾ لکجي. جيئن آءٌ / آئون، جڏھن/ جڏھين ۽ پئڻ / پيڻ/ پيئڻ مان ڪا ھڪ اِملا مستقل طور اختيار ڪجي. ان لاءِ انگريز سرڪار جي ابتدائي سالن ۾ درست ۽ مستقل نوعيت جي ھڪ پٽي / چارٽ جو اجراء ٿيو، پر اڄ تائين اھو مسئلو ھلندو اچي.

    ٣- الف- ب (Alphabet) کي سمجھڻ ۾ ڪو مغالطو ڪونهي. ھر ٻار به سمجھي ٿو ته الف- ب ڇا آھي. سنڌي الف ب جو داستان ابوالحسن کان به اڳ سنڌي مذھبي عالمن جي نثري ۽ نظمي تحريرن کان شروع ٿي، انگريز سرڪار جي ذڪر ڪيل ڪميٽيءَ ۾ ان صورت تائين پھتو، جا اڄ موجود آھي. جيئن انگريزيءَ جي الف به کي ABC چئجي ٿو ته سنڌيءَ جي الف- ب جي به اِھا حيثيت آھي.
    بحث ھي به ڌيان ۾ رکڻ جھڙو آھي ته عربي يا ديوناگري سنڌيءَ لاءِ موزون آھن؟ عربي رسم الخط سنڌيءَ لاءِ اختيار ڪيو ويو. پ چ ۽ گ آوازن لاءِ حرف فارسيءَ وارا ورتا ويا ۽ نج سنڌي آوازن ٻ، ڳ، ڱ، ڌ، ج، ڍ، ڏ، ڄ، ڇ ۽ ڃ لاءِ نقطن جي اضافي کي ڪافي سمجھيو ويو. ان کان سواءِ وسرڳ (aspirated) آوازن لاءِ جھ، گھ جو اضافو ڪيو ويو. ھونئن نئين سر ھن موضوع تي بحث جي ضرورت ڪونهي، پر ايترو چوڻ ضروري آھي ته انگريز سرڪار واري ڪميٽيءَ جي فيصلي کان پوءِ به لساني ماھرن علمي بحث ڪيا آھن. ديوان لوڪناٿ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لپي“ (١٩٥٩ع) ۾ عربي سنڌي لپيءَ کي غيرسائنسي سڏيندي بحث ڪيو. ان جو جواب ڊاڪٽر الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ (١٩٦٤ع) ۾ ڏنو. ھن بحث ۾ طرفين جا اختيار ڪيل سياسي ۽ مذھبي لاڙا به شامل آھن. خير، عربي رسم الخط مسلمانن جي اڪثريت ۽ اڳ موجود علمي ذخري جي موجودگيءَ سبب اختيار ڪيو ويو. انهيءَ لاءِ ڪافي انفرادي دليل به آھن. مثال طور اسلامي نالا، ڪتابن جا نالا ۽ ٻيا اسم خاص عربي انداز جا ھئا، انهن کي اسلامي ورثي ۽ عربي اِملا ۾ قائم رکڻ وڌيڪ صحيح ھو. جي رڳو ”الف- ب“ ۾ ٻن مان ھڪ حرف اختيار ڪجي ھا ته به اِملا ۽ معنيٰ جون فاش غلطيون ٿين ھا. ع- ا، ۽ ح- ھ مان نالن ۾ ھڪ حرف اختيار ڪجي ھا ته عبدالجبار کي ابدالجبار ۽ محفوظ عليءَ کي مھفوز الي لکجي ھا!
    اِن ڪري روايتا به عربي رسم الخط اختيار ڪرڻ وارو فيصلو صحيح ھو. ديوناگريءَ جو ھڪ پنهنجو صوتياتي نظام آھي. جنهن ۾ ھڪ مقرر(fixed) نشانن سان وينجن (consonant) ۽ سر (vowel) جا آواز متعين ڪجن ٿا. جيئن (ج) ھيٺان ” “ نشان لڳائبو ته جو ٿيندو. پر مخصوص عربي حرفن/ آوازن لاءِ زائد نشانيون لڳائبيون ته ض /ظ /ز/ ۽ ذ اچاري ته سگھبو پر انهن چئن مان ڪھڙو؟ اِھا خبر نه پوندي.
    اسان جي عربي سنڌي لکت کي ھڪ تجويز رومن لکت (Roman script) جي به ملي، جنهن جو حليم بروھيءَ جي حوالي سان مٿي اشارو به ڏنو ويو آھي. ھڪ سٺي مزاح نگار چئلينج جي انداز ۾ لکيو ته سنڌ، سنڌي ماڻھو ۽ سنڌي زبان جي تباھي يقيني آھي، جي موھن جي دڙي، ھڙاپا کي ڇڏي ڏکڻ اوڀر واري تهذيب لٿل کي قبول نه ڪيو ويو. ان کان پوءِ ھن (حليم) ڪجھ سائيڪو اسٽائل ڪيل انگريزي مضمون رومن خط اختيار ڪرڻ جي حق ۾ لکيا. ڪمپيوٽر کي ھن سلسلي ۾ اھم ڄاڻايو ويو. اھو ته ھرڪو ڄاڻي ٿو ته جڏھن رسم الخط بدلائجي ٿو ته اڳيون تحريري رڪارڊ گھڻي ڀاڱي نئين شاگرد لاءِ گم ئي رھي ٿو. ڪمپيوٽر ۾ ته سنڌي اچي به وئي. جي ڏسجي ته رومن جي ڪري سڀ يورپي زبانون، ترڪي، سواھلي ۽ ويت نامي ”ھڪ زبان“ ته نه آھن، بلڪه جدا آھن. حليم بروھيءَ جي ٻين دعوائن ۽ خود کي مري ويل ۽ بڪواس(Nonsense) لکڻ وارو سڏڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھن. سواءِ اِن جي ته ھن سنڌ وارن کي انگريزي نه ڄاڻن جو طعنو ھيئن ڏنو آھي ته، ھڪ ماڻھوءَ پنهنجو نالو Dedar (ديدار) لکي ڏنو ۽ جيڪو ديدار نه پر انگريزي اِملا موجب ڊيڊر/ ڏيڏر ٿيندو. ڇوجو دال لاءِ انگريزيءَ th (ٽي. ايڇ) لکجي ٿو: جيئن that-this وغيره، (٢). حقيقت ۾ th سان ٿ به لکجي ٿي، جيئن Thump-Think وغيره. ھوڏانهن جو اچار اھل زبان ٺي ڪري ٿو. اسين ديدار يا ٻيا اسم Dسان لکون ٿا ته اھو روايت ۽ عادت جو حصو آھي. سڄي دنيا ۾ خاص اسمن لاءِ زبانن ۾ مخصوص گنجائش به موجود آھي. ڌ ۽ ڍ ۾ وسرڳائيءَ سبب dh به لکجي ٿو. ويت ناميءَ ۾ ڏ لاءِ d تي نشاني لڳائجي ٿي.
    موجوده لپين کان اڳ پس منظر طور ئي سھي پر، Pictograph ۽Hieroglyph تصويري لفظن جو تذڪرو ٿيندو آيو آھي. سراج پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ موھن جي دڙي جي تحريرن جو جائزو وٺندي ڪن کي پڙھڻ جي سعي ڪئي آھي. ھن تصويري نظام جو واسطو قديم مصر ۽ چين سان آھي. جپاني زبان به گھڻي ڀاڱي ھن انداز ۾ لکجي ٿي. ساڳين لفظن (Characters) لاءِ چيني ۽ جپانيءَ جا اچار جدا آھن. جيئن جو چيني اچار آھي ”رپن“ ۽ جپاني ”نپان“ (Nippon) آھي. چيني زبان ھڪ مڪمل تصويري لفظن جو نظام رکي ٿي. ھڪ ته ھيءَ سرائتي زبان (Tonal language) آھي. ھن ۾ چار سر (Tones) آھن. سڌي ، چڙھندڙ ، لھندڙ- چڙھندڙ ۽ ڪرندڙ، سر (ٽون) جي جھيل ھڪ انفراديت واري آھي. الف- ب letters بدران ٺھيل ٺڪيل لفظ (words) آھن. ان جو آڌار قديم زماني جون تصويرون آھن. چمڙي، ڇوڏن ۽ ھڏن تي اولين تحريرون/تصويرون مليون. اھڙن ھڏن کي Oracle bones سڏيو ويو. ھڪ اچار وارن لفظن جون به تحريري صورتون جدا آھن. ڪٿي ھڪ صورت وارن لفظن جا وري اچار علحدا آھن.
    الف- ب وارن لاءِ اھڙي ڪا ٻي حيرانيءَ جي ڳالھ نه ھوندي! خير موھن جي دڙي واري لکت جي ڳالھ ڪري آيا آھيون. ھنٽر (Hunter) جي محققانه ڪاوش “The Scripts of Harappa & Moen jo Daro” ۽ سراج جي ڪاوشن جي ساٿ سان ايئن چئبو ته ڊاڪٽر پارپولا جي سٿ جي ڪڍيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ چيني لفظ (Chinese Characters) به موھن جي دڙي جي لکت سان گھڻي ھم آھنگي ۽ مشابهت رکن ٿا. مڇيءَ وارو نشان چينيءَ ۾ به آھي ۽ چينيءَ ۾ اچار اٿس او (وات گول ڪري اچاربو. دروازي جا ٻھ طاق پڌرا بيٺا آھن. اچار آھي من (Men). ھاڻي آسان ڪيل صورت آھي . ائين ٻيو اسم من، لفظ اسين جي اڳيان، جمع جو نشان ڏيکاري ٿو. ان لاءِ ماڻھوءَ جو نشان (Radical) ايندو ته صورت بيھندي . ماڻھو آرام ڪري ٿو ته وڻ ۽ ماڻھوءَ جا نشان گڏ ايندا. وڻ ۽ ماڻھوءَ جو ريڊيڪل ، گڏ اچي آرام جي معنيٰ پيدا ڪندا. ايئن ٻھ جدا اچار ھڪ ۾ ظاھر ٿيندا. ھاڻي اھو ٿيو شيو شي (آرام).
    ايئن ھي تصويري نظام دنيا جي جن به خطن ۾ رھيو آھي ۽ اڃان استعمال ۾ رھندو اچي. اسان کي ھن باري ۾ تحقيق ڪرڻ کپي. ھي پسمنظر آھي اسان جي موجوده لپين جو. ھونئن ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو بي بها ڪتاب ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (١٩٩٩ع) موجود آھي، جنهن ۾ مختلف لپين ۽ انهن جي خوبين خامين جو علمي جائزو ورتو ويو آھي. انهن جي باھمي فرق جو ذڪر به ڪيو ويو آھي(٣).


    حوالا:

    1- Hochet, chales F. A course in linguistics Macmillan & co. N.Y, 1958, pp.8-9.
    ٢- حليم بروھي، ڪالم روزانه ڪاوش، حيدرآباد، ٢١ آگسٽ ٢٠٠٦ع.
    ٣- جيٽلي، مرليڌر (ڊاڪٽر)، ٻولين جو سرشتو ۽ لکاوٽ، دھلي، ١٩٩٩ع.
    _________

    ڪتاب جو نالو: سنڌي زبان جي ماھيت
    مصنف: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
    ايڊيشن : پهريون سال 2006ع
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
     
    ABDUL SAMAD هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو