نظم (ڏيئو)

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    ڪکائن گهرن کي تون روشن ڪرين ٿو غريبن جي چوئرن کي گلشن ڪرين ٿو
    لٿي سج عيان پنهنجو جوڀن ڪرين ٿو سَحر تائين هر جا نشيمن ڪرين ٿو
    مزورن ۽ ڪڙمين سان همڪار آهين فقيرن جي مجلس جو سينگار آهين

    سڙي تون ٻين کي ڏئين ٿو سهائي رکيل تو ۾ ڪيڏي نه آهي چڱائي
    پري کان منجهيل جي ڪري رهنمائي ڏئيا تو ۾ آهي سراسر سچائي
    سچو دوست آ دشمن کي دلسوز آهين سچائي سان سڀ جو شب روز آهين

    هوا ساڻ سر لاٽ جو ٿو جهڪائي ٿو نوڙت ڪندي پنهنجي جيوت بچائي
    حياتي جو مقصد سڄو ٿو ٻڌائين ٻين لاءِ پنهنجوٿو تن من جلائين
    جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو