ساقي ارشاد لورڙ غزل اقرار ڪئيان انڪار ڪئيان ، سوچان ويٺو ، مان اک سان ڪهڙو وار ڪئيان ، سوچان ويٺو ، مان آسِ رهان پاس رهان پورن ماس رهان ، تنهن کي ڪيئن ڌار ڪئيان ، سوچان ويٺو ، مونکي هوء َ ساهڙ جي سهڻي يار لڳي ٿي، ڇا نيھُ هتي نروار ڪئيان ، سوچان ويٺو ، ها سالن کان تنها مان ڀي يار رهيو هان ، هاڻي ڪنهن کي دلدار ڪئيا ، سوچان ويٺو ، جيڪي خواب سڪون ۽ احساس پيا بخشن ، هن کي تن کان ڌار ڪئيا ، سوچان ويٺو ، مان يار جفائن جي دنيا ۾ وفا جي ڇا ، ؟ ڪا آس رکي اظهار ڪئيا ، سوچان ويٺو ، ”ساقي“ هن ۾ قرب قرار ۽ سڪ سار ڏسان ٿو، ڇا هن کي مان دلدار ڪئيا ، سوچان ويٺو ،