هن ۾ الله هُن ۾ االله

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تون ۾ آ الله، مون ۾ آ الله
    هِنَ ۾ الله، هُنَ ۾ الله ،
    اهو سارو ٿي هڪُ
    ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ،
    نفس نهوڙي نڌر ڪيو ٿي.
    ساٿي نه پنهنجو برھ ڪيو ٿي،
    اُنِ نفس جو ڪاٽجُ نڪُ،
    ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ،
    پڙهيئي گهڻو پر پت نه آيئي،
    ناحق پنهنجي عمر وڃايئي،
    هٿِ نه آيئي هڪ ڦڪُ.
    ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ،
    ”جانڻ چن “ چئي آءُ تون اتاري،
    صوفين جي اچي لڳُ تون لاري،
    تون کي فقير ڏيکاري حقُ
    ملا ڪڍي ڇڏ تون شڪُ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو