منفرد ڪهاڻيڪار ۽ نقاد ممتاز مهر هيپي برٿ ڊي ٽو يو غوث پيرزادو ممتاز مهر مونکي نما شام جو ڪنهن وڻ جي ڪپيل ان ڏار تي ويٺل اهو اداس پکيئڙو لڳندو آهي جيڪو صبح جو ڀريل تريل وڻ کي ڇڏي چوڳي لاءِ نڪري ويو هجي ۽ شام جو جڏهن واپس آيو هجي ته اچي ڏٺو هجائين ته اهو وڻ ئي ڪٽجي ويو آهي جتي واهيري جي ويل پنهنجي ساٿين سان اچي رات جو آجهاپو ڪندو هو ۽ هاڻي نه کيس اهو وڻ ٿو نظر اچي نه وري اهي ساٿي نظر ٿا اچن جيڪي هڪ هڪ ڪري کانئس جدا ٿي ويا هجن. هو ايترو اداس نظر ايندو آهي جنهن جو جيترو به تصور ڪجي اهو گهٽ آهي پر هو وري ان اداسيءَ جو ذڪر نه ڪري اسان دوستن کي ٻيڻو اداس ڪري ڇڏيندو آهي. اڄ 99 مارچ هن مست الست شخص جو جنم ڏينهن ۽ اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ کيس جنم جي مبارڪ ڏئي ٿي. ممتاز مهر مونکي هڪ ڏينهن ڪراچي جي ڏامر وارين شاهراهن ته رولاڪي ڪندي صدر ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ کان ريگل چوڪ ڏانهن ايندڙ روڊ تي ملي ويو هو. ملندو ته هو مونکي اڳ ۾ به هيو پوءِ اهي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون هجن يا واري ڪي ادبي پروگرام هجن ته انهن ۾ به کيس ڏسبو هو ۽ ساڻس سڃاڻپ منهنجو دوست اياز جاني اڳ ۾ ئي مونسان ڪرائي چڪو هو ڇوته جاني سمجهندو هو ته سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن ڪو نقاد آهي ته اهو ممتاز مهر آهي ٻيءَ صورت ۾ مضمون نگار ته کوڙ سارا پيا آهن سنڌ ڀري پئي آهي. سو ان ڏينهن هو مونکي نويڪلو هٿ اچي ويو هو، ڊڄي ڊڄي ساڻس ڀاڪر به پاتم ۽ رسمي ڳالهه ٻولهه به ٿي. هن جي چهري تي مونکي هڪ ننڍڙي ٻار جي مرڪ جو ٿان کليل مليو، هن جي شخصيت جي معصوميت مونکي وڌيڪ متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي پر سندس سڀاءُ مونکي ڄڻ ته هڪ قسم جي جاءِ ڏني ته آءٌ کانئس وڌيڪ پل گهران ۽ گهريامانس ۽ وڃي اليڪشن آفيس جي سامهون پاسپورٽ آفيس واري پاسي هڪ هوٽل تي ويٺاسين. انگريزن واري ڏک ڏيندر ممتاز مهر جيڪو هميشه پينٽ ۽ ٽي شرٽ ۾ ملندو آهي ۽ هڪ ٿيلهو هٿ ۾ هوندو اٿس سو جڏهن ڪچهري ۾ ويٺو ته مون کيس سر يا سائين پئي سڏيو پر جڏهن اٿياسين ته مان هن لاءِ غوث ۽ هو ممتاز بڻجي اٿيو. ان ڪچهريءَ ۾ نظر آيو ته هن جي سڀاءَ ۾ ڪابه ذاتي ٺاهه ٺوهه ناهي. هو مصنوعيت جو ماسڪ پائي ملڻ بدران نج پج اڇي کير جهڙو، چٽو چاندي يا سون تي رتي آهي هڪ سنڌي سٻاجهڙو آهي. پر ان ملاقات ۾ ايندڙ ملاقات لاءِ ڪو شيڊيول نه ٺهيو هو ڇو ته اسان بس اديبن جي حيثيت ۾ ڪچهري ڪئي هئي سو ان رسمي ڪچهريءَ کي اسان ڪو دوستيءَ جو نالو نه ڏنو هو ڇوته پنهنجي عمرين ۾ ٽيهن سالن جيتري ڄڻ ته وٿي هئي پر دلي طور تي مون کيس پنهنجو دوست تسليم ڪري ورتو هو. ٻيو ته هن کان اڳ جڏهن آئون کيس سندس ويجهن دوستن انور ابڙو، چندرڪيسواڻي، جان خاصخيلي، رکيل مورائي نصير سومرو ۽ ٻين سان ڏسندو هيس ته مونکي به حسرت ٿيندي هئي ته هن سان شخص سان دوستي هجڻ گهرجي. اڄ ممتاز مهر جي 755 هين سالگرهه جو ڏڻ آهي جيڪو سنڌي ادب جي لاءِ اهم ڏينهن آهي ان ڏڻ تي اڄ سنڌ جي هن وڏي نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ معصوم شخص جي مان ۾ ڪابه تقريب منعقد نه ڪئي وئي آهي ڇو ته هو هن سماج جو انقلابي ڪردار آهي ۽ کرو شخص آهي. هو مصلحتن ۽ منافقتن کان دور رهڻ ڪري نه چورن جي دل ۾ جاءِ جوڙي سگهيو آهي نه وري ساڌن کيس پنهنجايو آهي جو هو انهن کي به تنقيدي نظر مان گذاريندو رهندو آهي تنهن ڪري سنڌ کيس سندس وڇڙڻ کانپوءِ کيس ياد ضرور ڪندي في الحال کيس ٺيڪ ٺاڪ نظرانداز ڪيو ويو آهي. ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي دوستن سان به ممتاز مهر جي حوالي سان منهنجو ڪافي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن آئون کين اهو چوندو آهيان ته جيئري حياتيءَ ڇونه هن ارڏي شخص سان ڪا شاندار ۽ شام ملهائي کيس ٽربيوٽ پيش ڪيو ٿو وڃي جنهن ۾ سنڌ جا سينيئر اديب سندس فن ۽ فڪر تي ڳالهائين. ممتاز مهر اسان کي بار بار نه ملندو ۽ هاڻي هو زندگيءَ جي ان حصي ۾ آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي احساس ٿيندو آهي ته آخر منهنجي زندگي جو پورهيو ڪيئن رهيو؟ منهنجو قلمي پورهيو اڪارج ته نه هيو يا ڪارج وارو هيو ته مونکي اهڙو فيڊ بيڪ ته نه مليو؟ سو اها خوشي ضرور ٿيندي آهي ته دوست منهنجي ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا آهن پر عملي طور تي ممتاز مهر اهڙين محبتن کان پري رهيو آهي جيڪي محبتون سندس تخليقي پورهئي جي سڀاويڪ هجڻ جون معطرف هجن. باقي ايترو ضرور چئي ٿو سگهجي ته انهن اعزازن ۽ اڪرامن جي کيس طلب نه رهي آهي ۽ جيڪڏهن رهي هجيس ها ته سندس رويو به اهڙو ٻچاپڙائيءَ وارو هجي ها ۽ وتي ها پنهنجي ضمير جا هر هنڌ هوڪا ڏيندو سو اهو ڪم هن کان نه ٿيو آهي نه وري هن عمر ۾ کانئس اهڙي توقع رکي سگهجي ٿي. ممتاز مهر باقائدي انگريز، اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي ادب جو سندن اصلوڪين ٻولين ۾ پڙهندڙ رهيو آهي. تنهنڪري هن جي تنقيد جو انداز اسان جي مقامي ۽ گهٽ پڙهيل اديبن کي نه آئڙندو آهي. هن 1966 ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ فلاسافيءَ جهڙي اڻ ڇهيل سبجيڪٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ صحافت سان به واڳيل رهيو آهي. انگريزي ۽ سنڌي جي اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهيو آهي. هو نه رڳو نقاد پر بهترين ڪهاڻيڪار به رهيو آهي سندس ڪهاڻين ۾ پنهنجو هڪ الڳ ۽ اعليٰ مقام رهيو آهي. هن جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جي سمورن ڪهاڻيڪارن کان مختلف ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان به نيون آهن، پر هن منفرد ڪهاڻيڪار کي هميشه نقاد هجڻ جو اعتراف ڪري مٿس ٿورو ڪيو ويندو آهي پر هڪ ڪهاڻيڪار ۽ انمول ڪهاڻيڪار جي حوالي سان اڃان اسان جي اديبن جي وات ۾ مڱ پيل آهن. ممتاز مهر جون ڪهاڻيون سچ به اسان کي ڇرڪائي وجهن ٿيون ۽ جنسي موضوعن تي جهڙو جاندار انداز ۾ ممتاز مهر لکيو آهي اهڙي ڪنهن کي جرئت ئي نه ٿي سگهي آهي. هم جنس پرستي جي حوالي سان خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻي “حويليءَ کان هاسٽل تائين” کي تمام گهڻو ساراهيو ويندو آهي پر اها ڪهاڻي ڪيترن ئي پڙهندڙن جي نظر ۾ تڏهن اچي ٿي پٽ پوي جڏهن هڪ ڇوڪري هم جنس پرستيءَ کي پنهنجي غلطي تسليم ڪندي هڪ ڇوڪري سان پرڻجي هلي ٿي وڃي جيڪا هڪ ليکڪ جي هن فيوڊل سماج جي ٺاهيل ليڪي کي ڪٽڻ جي برابر هڪ جانبداري آهي پر ممتاز مهر جي ڪهاڻي “ رولاڪ جي ڊائري” ، راڪ منزل ۽ ٻيون کوڙ ساريون ڪهاڻيون اهڙيون آهن جن ۾ هن ان جنسي حسن کي فطري حسن سمجهي پيش ڪيو آهي ۽ ڪٿي به ان عمل تي پيڙا يا پڇتاءَ جو ذڪر نه ٿو ڪري. ان لحاظ سان هي ڪهاڻيڪار پنهنجي همعصرن ۾ نه رڳو مٿانهو پر چوڏهينءَ جي چنڊ جيان نرورار بيٺو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان هميشه پنهنجي جينيئس تخليقڪارنکان ائين ئي منهن موڙي کين نظراندازيءَ جي نشترن سان ڦٽيندا رهنداسين يا هاڻي هي روايتون ختم ٿينديون. ممتاز مهر جي ڪهاڻي “جڏهن مان چوهٺ جو هوندس” رومانوي ڪهاڻيءَ جو اعليٰ مثال آهي جنهن ۾ هڪ ڪردار ريٽائرمينٽ کانپوءِ اڪيلائي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ڳالهائڻ به بند ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو وري تڏهن ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو جڏهن سندس ماضيءَ جي وڇڙيل محبوبه ڪو پراڻو گانو سندس سالگره تي سندس سامهون ڳائي ٿي. اها به اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا ماڻهو کي زمان ۽ مڪان جي سرحدن کان ٻاهر کڻي وڃي ٿي پر ممتاز مهر انهن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ به نه بيهاريو ويندو آهي جن سڀني ڳوٺ جي وڏيرن هارين ۽ ڌاڙيلن جهڙن ساڳين پيچرن تي شهر ۾ رهندي به ڳوٺن جي پسمنظرن ۾ ڪهاڻيون لکيون، نه ته انهن ۾ ڪا موضوع جي نه لهجي جي ڪا ندرت هئي پر ممتاز مهر کي اهو مقام نه ڏنو ويو. هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “زندگيءَ جو وهڪرو” جي نالي سان 19977 ۾ ڇپيو هو ان کانپوءِ تنقيد جي موضوع تي سندس جڳ مشهور ڪتاب “ويچار 1980 ۾ ڇپيو ته ان سنڌي ادبي وايو منڊل ۾ تحرڪ پيدا ڪيو هو ۽ ساڳيو ئي ڪتاب وري نئون نياپو پاران 2013 ۾ ڇپايو ويو، وري سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “منزل” 1983 ۾ ڇپيو هو ۽ “ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر “تنقيدي جائزو” 1983 ۾ ڇپيو تنهن بعد شاهڪار ڪهاڻين جو مجموعو “جڏهن آئون چوهٺ جو هوندس” ڇپيو ۽ سندس ٻيون به کوڙ ساريون ڪهاڻيون ۽ ترجما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ڪنهن به موڙ ته ماٺ ڪري نه ويٺو آهي پر هن پنهنجي قلمي جنگ جاري پئي رکي آهي.