1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ٻولي تہ منھنجي ٻانڀڻياڻي الا...

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي....!!!
    ضراب حيدر




    هماليه کان گڙگاٽ ڪندو هي جو وهندو اچي مهراڻ،

    اُچين برفيلين چوٽين جي سينن، شڪمن (پيٽن) گوڏن ۽ پيرن تان سرڪندي، لڏندي، نچندي سُريلا گيت ڳائيندي هيءَ جا وهندي اچي سنڌو ندي،

    تنهنجي تهذيب اُن عميق ۾ ڪٺي ٿيل آهي، جيڪو عميق علم آهي، علم جي دنيا ۾ سنڌ صدين کانروشن آهي. سنڌو سڀيتا انڊس ويلي، جنهن جون سرحدون جيتوڻيڪ رٻڙ جيان سوڙهيون ڪيون ويون آهن، پر اُن جي ڇڪ ۽ ڪشش لامحدود آهي. سنڌو جيڪا اروڙ جي ارمانن کي صدين کان کنيو ساڌ جو پرنام ڪندي، سکر، بکر، رُڪ جا وڪڙ ڦيرا ڪٽيندي لاڙڪاڻي جي ور کان وارو وڄائي مُهين جيگھاٽ تي ٿڌو ساهه کڻي ٿي، اُن ساهه جو شوڪارو،

    آچر، سومر، اڱاروئيآهي،

    هر ويل سنڌوءَ جو اهڙو سانگارو)وهڪرو( بس اِهائي وراڻي ڏي ٿو، جنهن جو انت يا ڇيهه مرشد لطيف سرڪار لهندي بس ايترو ئي چيو ته

    ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي....“

    مون مٿي جيڪو آچر سومر اڱاري جو ذڪر ڪيو، سو ڪنهن به حوالي سان فضول ڪونهي، آڏت وار، سوم وار، اڱارو هجي يا هي سنڌ ديس پيارو هجي، سي بنهه پراچين آهن. مطلب ته جهڙو لفظ سنڌ قديم آهي، تهڙيئي سندس ٻولي قديم آهي. ايئن ئي هن ٻوليءَ جا لفظ بـ قديم آهن. اِهو احساس مون کي ويتر تڏهن گھڻو ٿئي ٿو، جڏهن مُهين جي دڙي جي ڪڙ تي ويهي آءُ ڏور ڏور ڦهليل سنڌوءَ ۽ نهارن تائين ڦهليل آڪاش کي ڏسان ٿو.....

    ٻولي جيڪا منهنجي روح ۾، منهنجي سُتيءَ ۾ مونکي ڏني وئي آهي، اُن جو جهڙو اُچار اُجرو آهي، تهڙو ترنم سُريلو آهي. گھاٽ مُهين جي دڙي جو هجي يا وري سسئيءَ واري ڀنڀور جو هجي، اُتي جيڪو به گَڏو ڌوتو ويو، سو ٻانڀڻ ئي ڌوتو آهي.

    اُهو ٻانڀڻ ڪو پروهت قديم هجي يا آرين جو ڀيم هجي،

    اُهوٽڦلي اجرڪ اوڍيل سنڌ ڄائوهُجي يا وري سسئيءَ جو برهمڻ بابو هُجي،

    آهي سنڌيئي، صديون اڳ منه ڪو ڦنڌ ڦيرسنڌيءَ ۾ هو نه وري اُن جي ٻوليءَ ۾ هو،جيڪا سنڌوءَجھڙي اُجري آهي نه وري اڄ ڪواُن ٻوليءَ ۾ ڦنڌ ڦير آهي. مون کي هن لمحي سچ پچ انهن عظيم استادن جون چٽيون، ڌنڌليون تصويرون پنهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ تحليل ٿيل مِلن ٿيون، جن پنهنجي ٻوليءَ جي چٽن ۽ عڪسن کي وائکو ڪرڻ لاءِ پينڊورا جون پيتيون ٺاهيون. ڪي ڀنڀور جي ٺڪرين تي بجرحيدر جهڙا لفظ اُڪاري ويا ته ڪن وري مُهين جي ٿانون تي پنهنجا نالا لکيا، ڪِن ابوالحسن سنڌي بڻجي لِپيءَجا ورَ کولي ڇڏيا تـڪِن استاد محمد يعقوب ’نياز‘ بڻجي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ تجسس جا درکولي ڇڏيا.

    هي تاريخ جو اڻ ٽٽسلسلو ايڏو ته وڻندڙ ۽ دل لُڀائيندڙ آهي، جو اُن جا جيترا به تهه کولجن ٿا، اوترو ئي ٻوليءَ سان پيار ٿئي ٿو ۽ اُن پيار جو اظهار ڪڏهن لطيفسرڪار پنهنجي رسالي جي حرف حرف اکر اکر ۾ ڪري ٿو ته ٻيا وري پنهنجي رياضتِن ۽ رولاڪين ۾ ڪن ٿا. پروڙ جي هِن جهان ۾ اِهل دل، اِهلضمير ماڻهو اُن سڏ پڙاڏي جي پويان آهن، جيڪو سنڌ ۽سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهي.

    ها مون ڳالهه پئي ڪئي مُهين جي دڙي جي،جنهن جيڪڙ تي ويهي آئون اکيون پوري ڇڏيندو آهيان، ۽ اُهي ڇيرين جا ڇڻڪا ٻڌندو آهيان، جيڪي ناچڻيءَ جي نرت سان هڪ تخليقڪار جو تصور پيش ڪندا هئا، ناچڻيءَ جو روپ قديم لوڪ شناسن تخليق ڪندڙ ديويءَ جو روپ به ڄاڻايو آهي. آئون انهن ڇيرين جي ڇڻڪاٽن، آوازن ۽پازيبن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اُچار سُڻندو آهيان، جيڪا منهنجي وڏرن هڪ نياري لِپيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏي، جيڪا لِپي )صورتخطي( جُڳن کان ڪنهن لَٽ ۾ اوراٽِجيوئي هئي، ائين جيئن لطيف سرڪار جا لڳي لڳي واءُ انگڙا ڍڪجي ويا هئا ۽ پوءِ هڪ سڏ پڙاڏي تياِهوآوازپِڻآيوهوتـ،

    ” پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.....“

    مرشد لطيف سرڪار پرين پَسِيو ته اسان کي به ساڃاهه ملي ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيترا پتنگڙا اُن پرينءَ اُن پساهه تي اچي ڪٺا ٿيا، جن آهستي آهستي انهيءَ لِپيءَ جي اکرن کي لٽ مان کوٽي ڪڍيو، ڪن وري اُن پينڊورا پيتيءَ جو دروازو کوليوجيڪو تجسُسُ جي ڌارا۾ حقيقت کي ويجھو ٿيڻ لڳو.

    جيڪا حقيقت اڄ ظاهرظهوربيٺي آهي تـ هيءَ ٻولي ڪنهن جيبـ گولِي ڪانهي، جنهن تهذيب کي اِرتقا ڏني،جنهن جيوت کي چُرڻ پُرڻ سيکاريو اُن تهذيب کي لِپي صورتخطي به ڏنائين!!!

    اِهوڀلاڪيئن ممڪن آهي تـ ڪنهن قوم کي شاهڪار،شاندار۽ شاهوڪارتهذيب تـ هجي پرپنهنجي ٻولي نه هُجي!!؟

    اِهوڀلاڪيئ نٿوٿي سگھي تـ جيڪي ماڻهودنيا جهان کي ترقي جون واٽون ڏسين سي پاڻ وري جاهِل هُجن،جن وٽ ارٽَ،هُرلي۽ ڦيٿي جي پهرين ايجاد ڪيل هجي، سي يا تـ گونگا هجن يا وري ڳالهائن تـ ٻولي وري ٻين کان اُڌاري وٺي اچن! نڪواِها ڳالھ سمجھ کان بنھ گھڻي آهي!!

    اِهوان لاءِ به چوڻو پيوجواڪثرسنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين سان جوڙيو ۽ ڳنڍيووڃي ٿوجيڪوحماقت کانسواءِ ڪجھ بـ ڪونهي.

    لطيف سائين جڏهن لڳي لڳي واءُ واري ڪيفيت ۾ پرين پَسِيو۽ اک کولي اُن پرينءَ جي سڏ پڙاڏي پويان رولاڪ بڻجي جهرجھنگُ جھاڳيائين ۽ پنهنجي رولاڪين کي اِهڙو ته درسگاهه، اِهڙو ته اِدارو بڻائي ڇڏيائين، جنهن جي سونهن ۽ سِکيا ۾ هڪ طرف جي. ايم سيد موهجي پيو ته ٻئي طرف سِراج اُن پِرولي ڀڃڻ لاءِ سندرو ٻڌو پوءِ ته ڳالهه صفا نياري بڻجي پئي. ٻانڀڻن جيڪي به گَڏا، جتي به جيئن به ڌوتا هئا، تن جي سَٽڪن مان اِهي آواز ايندا ويا ته

    ”ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا........“


    ائين ئي اسان جي سادي سولي سنڌي ٻولي زماني جي دَزَ۽ اوراٽيل لَٽَ مان نروار ٿيپئي، جيئن سُورج اُڀرندي کان نروار ٿيندو آهي، جيئن آب مان حيات نروار ٿي.

    هاءِهاءِ دل کي قراراچي ويو هڪ لمحي لاءِ اکيون پُوري محسوس ڪجي ٿو تـه ازلي آواز۽ ويڙهيچن وارو وچن به ياد اچيو وڃي

    دل چوي ٿي ته هڪ لمحي لاءِ بيهي ڌمال هڻجي. مون کي پڪ آهي ته اسان جي ڌمال تي هڪ پل لاءِ مُهين جي ناچڻيءَ جو روح وري ايندو، هوءَهڪ ڀيرو وري مُهين جي اِسٽوپا تـي وڏيون هنبوڇِيون هڻندي ڌمال هڻندي ۽ پڪ سان اُنهن راڪشن کي پنهنجو ٽانڊُوناچ بربادي جوناچ ڪرڻو پوندوجن سنڌي کي ڌارئي پِڙ تي اُڇلائڻ چاهيو ۽غيرن جيک اتي ۾ لِکڻ چاهيو.

    اسانجي ڌمال جيتوڻيڪ ڀلي ڪنهن کي جنون لڳي، پر پڪ اٿم ته ڀنڀور جي سرزمين هڪ لمحي لاءِ ڌڙڪي پوندي ۽ اتان وٿيرڪو ٿي ويل سنڌوءَ جو گھاٽ هڪ لمحي لاءِ جَرڪي پوندو۽ پڪ سان ٻانڀياڻي ٻولي وارا ٻول اُچاريندي سسئي جاڳي پوندي، اُن جدوجھد جي روپ ۾ جيڪا لطيف سرڪار، سائين جي ايم سيد، سِراج ۽ ٻين جي تسلسل ۾ هلندي اچي.

    ٻولي جيڪا اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي ارتقا آهي،ٻولي ئي هر ماڻهوءَ جي جذبن جو اظهار آهي، سُک هجي يا ڏُک اُن جو اظهار، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن ۽ سولو آهي. سو اِهڙي ٻولي، جيڪا بنهه سادي ۽ سولي آهي۽ اسانجي دردن جو داروُن آهي تنهن جي واٽ کي ڇڏي اسان کي ڪنهن به اوڀر اوجھڙ ۾ ڦاسڻ نه گھرجي

    منهنجو اِهو به ايمان ۽ عقيدو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جي سمجھه هوندي، تڏهن ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪري سگھبي. ڇو ته هر ماڻهو سوچيندو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آهي. سوچ جيڪا ماڻهوءَ جي دل ۽ روح مان نِسرندي آهي، اُن تي ڪوبه ڌاريو ليپ ڏئي نه سگھبو آهي، تنهنڪري اسان کي ڪنهن به حالت ۾ ڀلجڻ نه گھرجي، نه ئي وري پنهنجي ايندڙ نسل کي ڀلائڻ گھرجي. ٻاتن ٻولن کان وٺي پڪن شبدن تائين اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جا گيت، ترانا ۽ ڪلما پڙهڻ گُھرجن ۽ اِها به پڪ ڄاڻڻ گھرجي ته جيڪڏهن اسان جي ٻولي ثابت۽ سلامت آهي، ته اسين به سدائين سلامت رهنداسين، ڇو جو تهذيب جي زندگي صرف ۽ صرف ٻوليءَ ۾ آهي، جنهنجي ساک ۽ ثابتي تاريخ مان پڌريٿي چڪي آهي. اڃا به جيڪڏهن ڪنهن کي ويساهه ڪرڻو هجي ته علم ۽ ڪتاب اُٿلائين، کين وڌيڪ ثابتيون مِلي وينديون. دنيا جي ڪنهن به تاريخ يا قوم جو دليل ڏيڻ کانسواءِ بس ايتري وينتي آهي ته مُهين کان ڀِٽ تائين جو جيڪو به تاريخي تسلسل آهي، سو ڪنهن به مفروضيءَ تي ٻڌل ڪونهي، اُن ۾ هڪ ئي حقيقت نمايان آهي، جيڪا تنبوري جي تار سان وڄي ٿي ته،

    ’ سنڌي ٻولي نج ۽ پراچين آهي. جنهن جو لبادو ڀلي ٻين ٻولين پاتو هجي،

    پر سنڌي ٻولي ڪنهن جو به ويس نه پاتو آهي.نهڪوڌاريوشبدچورايوآهي،

    بس رڳو ٻولين جي جدت ۽ فصاحت آهر لفطن کي پنهنجي رنگ ۾ اُتاريو اٿائين، پنهنجي لِپي، صورتخطي ۽ صورت گريءَ ۾هنڍايو اٿائي

    پرين جي پساهه واري مچ تي جيڪي پتنگڙا اچي ڪٺا ٿيا ۽ لَٽ اوراٽيل لپيءَ ۽ لِسان کي کوٽي ڪڍيائون، اُنهن ۾ سنڌ مان شخصِاول جيتوڻيڪ سِراج ئي آهي، جنهن پراڻين روايتن، ڳالهين ۽ چوڻين جو دٻلو بند ڪري ڇڏيو ۽نئين راھ ڏسي، جنهن جي شعاع نوان دڳ ۽ رستا کولي ڇڏيا. جنهن جي آڌار تي ٻين پڻ وارا وڄايا. ٻوليءَ جي ڪم ۽ تسلسل ۾ ڀترن، ٽڪرين ۽ چٽيل نقشن ۾ جِن به پنهنجي سوچ ۽ سمجھه کي سيڙايو، تن به انمول موتي ماڻيا. ڊاڪٽر بلوچ هُجي يا ابراهيم جويو، ڊاڪٽر الانا هجي يا ايم.ايڇ پنهور، عطا محمد ڀنڀرو هُجي يا ڊاڪٽر فهميده حسين، محبت ٻُرڙو هجي يا وري تاج جويو، قاسم ٻگھيو هجي يا وري هدايت پريم سڀنيڀليءَ ڀت پاڻ ملهايو آهي ۽ اِهڙو ڪم ڪيو اٿائون، جو سندن پورهئي تي سچ پچ ڏاڍو پيار اچي ٿو.

    منهنجي فطرت ۾ اِهو شامل رهيو آهي ته آئون دعائون ڳوليندو، تلاش ڪندو ۽ گھرندو رهندو آهيان ”شال سنڌ وسي، سنڌي ٻولي وسي“ واري دُعا سان گڏوگڏ لطيف سائين جي انيڪ دُعائن کي ياد ڪندي هي ورق،اڄوڪوڪالم ارپيان ٿو سِراج جي اُن ارپنا سان، سنڌ ۽ سنڌ واسين کي جن جي پڪن شبدن ۽ ٻاتن ٻولن ۾ صرف سنڌ آهي، سِراج جي اُها ارپنا جيڪا هن پنهنجي پيءُ ماءُ سان منسوب ڪندي چيو هو ته

    ”شل سدائين حيات هجن اُهي،جن زندگيءَ جي ٻين بخششن کانسواءِ مونکي سنڌي ٻولي به عطا ڪئي.“


    ڪيڏي نه وڏي دُعا ۽ ڪيڏي نه وڏي ارپنا آهي جنهن ۾ رڳو زندگي ئي زندگي آهي.اسين سنڌي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو جيڏي عظيم اسانکي ٻولي نصيب ٿي ايڏا ئي اُن کي سنڀاليندڙ مهان ماڻهو مليا، جن ٻوليءَ جي سونهن ۽ حرف حرف کي اُچاري ڳالهائي بچائي ورتو، نه تـ ڪيتريون اِهڙيون ٻوليون هُيون جن جو نانءُ نشان ئي دنيا تان مِٽجي ويو
     
    آخري ترميم: ‏12 مارچ 2017
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,623
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    آمين.
    بهترين ارپنا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو