سوانح حيات حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه باني خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    سوانح عمري حضرت مالڪان رحمت الله تعالي عليه
    جنيد وقت سيد العارفين امام العاشقين حافظ الملت حضرت حافظ محمد صديق رحمت الله تعالي عليه باني خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف جن جو تعارف؛
    نالو مبارڪ:محمد صديق ،رسم ۽ نشان“مالڪان” خاڪ راه درد مندان طريق.
    القابات : حافظ الملت، امام العارفين، جنيد وقت، قطب الاقطاب،رئيس الاولياء، امام السالڪين ۽ شيخ المشائخ .
    ولادت باسعادت: پهرين رمضان المبارڪ بروز خميس 1234 هجري .
    ولادت جي خوشخبري: هڪ دفعي سائيجن جو والد ماجد حضرت ميان محمد ملوڪ رحمت الله تعالي عليه بادشاهي سڙڪ سان لڳ پنهنجي زمين تي هر ڪاهي رهيو هيو هو ته اتان هڪ بزرگ جوگذر ٿيو ، جيڪو سائيجن جي والد ماجد کي ڏسي گهوڙي تان لهي حضرت جن جي والد ماجد سان وڏي تعظيم ۽ احترام سان مليو،وڏي شفقت ۽ محبت سان خير عافيت پڇائين پوءِ ادب سان پوئين پير واپس اچي گهوڙي تي سوار ٿي ، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اهو ساڳيو بزرگ انهي رستي سان گذريو ته سائيجن جي والد ماجد ڏانهن خاص توجه نه ڏنائون بلڪه سائيجن جا والد ماجد پاڻ وڃي مليا پر بزرگ رڳو رسمي ۽ رواجي هٿ ملائي روانو ٿي ويو .خادم خاص عرض ڪيو ته سائين هڪ ئي شخص سان ملاقات ۾ ايڏو فرق ڇو!؟بزرگ فرمايو ته پهرين دفعي اسان هن جي تعظيم انهي لاءِ ڪئي هئي جو انهي جي پيشان ۾ مرد ڪامل جو نور مبار پئي چمڪيو ۽ واپسي تي اهو نور مبارڪ انهي کان منتقل ٿي چڪو هو.
    سندن حسب و نسب: حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه جن جو قبيلو ،ذات ۽ وطن ڳجهو رهيو آهي عام طرح سان سندن ذات سميجو مشهور آهي جيڪي سنڌ جي سماٽ قبيلن مان لکجي ٿي ،هڪ روايت مطابق سندن خاندان جو تعلق ڪنهن عرب قبيلي سان آهي ،جيڪو عرب کان ڪيچ مڪران جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ڀرچونڊي شريف کان اتر پاسي ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي شاهي (بادشاهي) سڙڪ جي ڪناري تي آباد اچي آباد ٿيو.
    تعليم: حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه بنا ڪنهن وڌاءُ جي ڄمندي ڄام هئا ، تنهن هوندي به والده ماجده ويجهڙي ڳوٺ ۾ حافظ محمد موسيٰ ڀٽي وٽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ ويهاري آئي، استاد سائيجن جي سعادتمندي ۽ نيڪ بختي ڏسي والده ماجده کي عرض ڪيو ته ٻار کي ڪنهن وڏي ۽ سٺي درسگاه ۾ داخل ڪرايو ته بهتر ٿيندو، سائيجن کي والده ماجده اوٻاوڙي لڳ راجنپور مدرسي ۾ داخل ڪرايو، مدرسي جي مهتمم ۽ مدرس ميان صاحب محمد عثمان جڏهن ٻار جي پيشاني ۾ علم لدني جا آثار ۽ انوار ڏٺا ته سائيجن جي والده ماجده کي عرض ڪيو ته ٻار کي حضرت سيد حسن شاه جيلاني سوئي شريف وارن جي بابرڪت مدرسي ۾ داخل ڪرايو ڇو ته هن ٻار جي ظاهري ۽ باطني علوم جو حصو لوح محفوظ مطابق سوئي شريف ۾ لکيل آهي ، استاد جي صلاح مطابق سائيجن جي والده ماجده سائيجن کي سوئي شريف جي ديني، روحاني مدرسي ۾ داخل ڪرايو.جتي سائيجن ٿوري عرصي ۾ قرآن شريف حفظ ،فن قرائت ۽ تجويد جو علم مڪمل ڪري ورتو ، ۽ جيلاني بادشاه جي صلاح سان خانقاه عاليه پير موسيٰ نواب رحمت الله تعالي عليه جي هڪ عقيد تمند زميندار جندو خان ڏهر جي قائم ڪيل مدرسي ماڙي جندو خان ۾ داخل ڪرايو،جتي اويسيه سلسلي جي نامور بزرگ حضرت خواجه سلطان بالا دين اويسي رحمت الله تعالي عليه فرمايو هيو ته هي ٻار وقت جو قطب ٿيندو، انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه حصول علم جي تلاش ۾ ڪيترن ئي مدرسن ۾ داخلا وٺي علمي اڃ اجهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه جي هڪ خليفي عالم باعمل حضرت احمد سائين خانڳڙه شريف واري لکيو آهي ته حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه عربي جي تعليم پٽ(پاٽ)جي شهر ۾ وٺندا رهيا هئا.اتي هڪ مجذوب فقير جيڪو عام ماڻهن کان لڪل رهندو هو، تنهن جي صحبت ۾ به رهندا هئا. مطلب ته حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي سنڌ ۽ سابق رياست بهاولپور جي هر ان مدرسي ۾ داخلا ورتي آهي جتي ڪو عالم باعمل يا ڪنهن خاص فن جو ماهر استاد مليو هجي.
    خانقاه ڀرچونڊي شريف جو قيام: حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي تعالي عليه مختلف مدارس ۽ مڪاتب فڪر مان ظاهري تعليم پرائي والده ماجده جي سرپرستي ۾ اٽڪل يارنهن سالن جي عمر مبارڪ ۾ وري سوئي شريف سيد حسن شاه جيلاني جي خدمت بابرڪت ۾ حاضر ٿيا ۽ جيلاني بادشاه جي ظاهري وصال مبارڪ تائين سندن خدمت اقدس ۾ رهي ظاهري و باطني علوم جي تڪميل ڪندا رهيا.26 ذالقعد 1254 ھ ۾ حضرت جيلاني بادشاه جو ظاهري وصال مبارڪ ٿيو. ان وقت حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه جي عمر مبارڪ صرف 20 سال هئي. هن لحاظ سان پاڻ 9 سال جيلاني بادشاه جي مدرسي ۽ خانقاه ۾ قيام پذيررهيا. حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه، حضرت جيلاني بادشاه جي وصال کانپوءِ ڪجھ عرصو سوئي شريف ۾ رهڻ بعد ڀرچونڊي شريف ۾ اچي قيام پزير ٿيا، ۽ سڀ کان پهريائين هڪ جامع مسجد جي تعمير جو آغاز فرمايائون ، جيڪا اڄ به پوري علائقي جي مسجدن مان تمام وسيع خوبصورت ۽ سندن هڪ عظيم يادگارآهي.ڀرچونڊي شريف جي اها مسجد شريف “ لمسجد اسس علي التقوي”جو عظيم الشان مظهر آهي. ڇو ته سندس تعمير وقت پاڻ خود حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه ۽ سڀئي جماعت جا فقير با وضو درود شريف ۽ ڪلمي پاڪ جو ورد ڪندي سرون ،گارو کڻندا ۽ ٻيو ڪم ڪندا هئا، حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه تي حضور صلي الله تعالي عليه وآله وسلم جو هي فرمان صادق اچي ٿو ته “ من بني لله مسجد ابني الله له بيتا في الجنه ” مسجد شريف جي تعمير کان پوءِ گهر يا اوطاق بنائڻ جو فڪر ڪونه هو،ڇو ته مسجد شريف ئي سندن عبادت گاه، درسگاه ،ذڪر و فڪر جو حجرو ۽ مهمان خانو به هئي.هن مسجد شريف جي هڪڙي ڪنڊ ۾ خانقاه ڀرچونڊي شريف جي صاحب سجاده (هادي سائين)ذڪر و فڪر ۾ محو آهي ته ٻئي پاسي خليفو دلمراد کوسومراقبي ۾ مشغول آهي ته ڪنهن پاسي وري خليفو عبد الغفار خانڳڙه شريف وارو ڇهن لطيفن جي مشق ۾ مصروف عمل آهي ، ته هڪڙي گوشي ۾ سيد تاج محمد امروٽي ،عبد القادر راڻيپور وارو،شيخ الحديث مولانا حسين احمد مدني جو پير و مرشد خليفو غلام محمد دين پوري علمي ۽ روحاني نڪتا حل ڪرڻ جي خيالات م مگن،۽ خاموش مراقبي ۾ ويٺا آهن ته وري مسجد شريف جي محراب جي ڪنڊ ۾ خليفو ابو الخير ڪوئٽه وارو،خليفو محمد عمر شاه عراقي ،۽ ڪابل مان آيل خليفو عبد الرحمن ڪابلي ذڪرو فڪر جي مراقبن ۾ مشغول آهن ته وري مسجدن جي ٻاهرين دروازن وارن حجرن ما ڪنهن حجري ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي انقلابي پروگرام تي ويچارڪرڻ ۾ مست ۽ محو نظر اچي ٿو.هن جي ڀر واري حجرن ۾ وري خليفو شمس الدين احمد پوري،خليفو رب ڏنو هڪڙو،خليفوپير عمر جان نقشبندي چشمه ڪوئيٽه وارو،خليفو عبد العزيز ڪالا باغ وارو،فقير غلام محمد سميجو۽ خليفو غلام علي فقير خشڪ مولودن ،نعتن ۽ سماع جي تند و تنوار ۾ عارفانه ڪلامن جي زور تي پنهنجون محفلون ايساتئين سجايون ويٺا هوندا هئا تا ن جو تهجد جو وقت ٿي ويندو هوته پوءِ سڀئي پنهنجي پير و مرشد حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه جي پيروي ڪندي نماز تهجد ۾ مشغول ٿي ويندا هئا.
    حضرت حافظ الملت رحمت الله تعالي عليه جڏهن ڀرچونڊي شريف کي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ مسجد شريف تعمير ڪري انهي ۾ مدرسي جو بنياد وڌو ۽ باقاعده خانقاه قائم ڪئي ته هن ڳوٺ جي تقدير ئي بدلجي وئي ،هن ڳوٺ ۾ رهندڙن يا ٻاهريان ايندڙ هندو توڙي مسلم “لا اله الا الله ” جي ذڪر جي ضربن جي تنوار ٻڌي پنهنجو پاڻ ذوق ۾ اچي ويندا هئا ۽ اهي پنهنجي گهرن ۾ انهي ذڪر جي لذت ۽ ڪيفيت و سرور مان لطف اندوز ٿي ڪري اهي ڪلمه جهونگاريندا هئا،مطلب ته ڏسندي ئي ڏسندي خانقاه ڀرچونڊي شريف قرآن و حديث جي تعليمات ۽ روحانيت جو هڪ اعلي مرڪز بڻجي ويئي ،سندن دروديوار مان “قال الله عزوجل ۽ قال رسول الله صلي الله تعالي عليه وآله وسلم”جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون،هي خانقاه صرف هڪ روحاني خانقاه نه هئي بلڪه هڪ عظيم الشان ديني علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارو به هئي،ڀرچونڊي شريف جي گلشن علم و حڪمت ۽ مڪتب فڪر و نظر جي روشني جا ڪرڻا سرزمين حجاز،افغانستان،ايران،ترڪي۽ مصر کان ٿينداوڃي ماسڪو، جاپان ۽ يورپ تائين وڃي پهتا،پاڻ رحمت الله تعالي عليه پنهنجي وقت جا مجتهد ۽ عالم با عمل هئا.
    وفات: تيرهين صدي ۾ مشرق و مغرب جي انقلابي صوفيا جي قافلي جو هي سرواڻ آخر ڪل نفس ذائقت الموت جو جام پي 10 جمادي الثاني 1308 ھ مطابق جنوري 1891ع تي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي ۽ مديني واري سرڪار صلي الله تعالي عليه جي قرب ۽ صحبت ۾ حاضر ٿيا. انا لله و انا اليه راجعون .( وڌيڪ تفصيل لاءِ سنڌي ۾ ملفوظات مالڪان ،خانقاه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ ۽ اردو ۾ جام عرفان پڙهندا)
     
    آخري ترميم: ‏12 مارچ 2017
    Ab laghari هيء پسند ڪيو آهي.
  2. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏12 مارچ 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو